Showing posts with label سچل جو رسالو. Show all posts
Thursday, 16 January 2014
سچل جو رسالو
رسالو سچل سرمست رح جو حاضر خدمت آهي. هي انٽرنيٽ ايڊيشن عثمان علي انصاري صاحب جي مرتب ڪيل نسخي جي آڌار تي آهي. سنڌ کان دور، آمريڪا ۾ رهندي مون لاءِ رسالي جا مختلف نسخا هٿ ڪرڻ، انهن کي ڀيٽڻ ۽ مناسب اڀياس کان پوءِ اهو طئي ڪرڻ ته ڪهڙي ترتيب ۽ ترڪيب مناسب ۽ موزون آهي بيحد مشڪل ۽ وقت طلب ڪم هو. انصاري صاحب جي علمي قابليت ۾ ته مون کي ڪو شڪ ڪو نه هو، پر سندن ترتيب ڏنل رسالي جو ڪتابت جي غلطين کان آجو نسخو هٿ اچڻ مسئلو هو. ساڳي وقت منهنجي اها تمنا به هئي ته جلد از جلد رسالي (سنڌي ڪلام) جي اليڪٽرانڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي آڻيان.
مهربان دوست گل آغا صاحب وٽ سندن چاچي آغا غلام نبي گل حسن خان جي ترتيب ڏنل سچل سائين جي زندگي ۽ ڪلام متعلق لکيل ڪتاب "سچل سر مست" جو 1933 ۾ ڇپيل ناياب نسخو هو ۽ انهن مهرباني ڪري انهي جي ڪاپي به منهنجي عرض تي مون ڏانهن موڪلي. ان ڇاپي ۾ اعراب ڪونه هئا، پر ٻئي هر لحاظ کان ڇاپي جي چُڪن کان پاڪ هو. ان کان علاوه سائين جي ڪلام ۽ زندگي بابت ڪافي قيمتي مواد به منجھس آهي. پر جيئن ته انصاري صاحب جي تدوين ڪيل نسخي ۾ انهي ڇاپي کي به مدنظر رکيو ويو هو، تنهن ڪري مون اهو وڌيڪ مناسب ڄاتو ته انصاري صاحب جي ايڊيشن کي استعمال ڪجي. بهرحال جڏهن ۽ جتي نئين ڇاپي جي غلطين سان واسطو پيو اتي آغا صاحب جي نسخي منهنجي مدد ڪئي. وقت ۽ وسائل اجازت ڏني ته آغا صاحب جي ناياب ڪتاب کي انٽرنيٽ تي آڻبو، انشاالله.
ڳالھ اها به هئي ته رسالي جي ڪمپيوٽر ڪتابت لاءِ جن ٻن مهربانن هي ڪم پنهنجي سر کنيو، انهيءَ ڳالهه به اهو ضروري بڻايو ته اسان ٽنهي وٽ رسالي جو ساڳو ئي نسخو هجي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن هو جو اهڙو ڇاپو چونڊجي جيڪو عام دستياب هجي. مون وٽ روشني پبليڪيشن جو ڇپايل رسالو هٿيڪو هو سو دوستن کي عرض ڪيم ته هو به اهو ڇاپو وٺي ۽ ڪتابت شروع ڪن. پروف ريڊنگ جو ڪجھ ڪم اڃان به رهيل آهي، جيڪو جلد از جلد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سچل جو رسالو
Thursday, 5 December 2013
Monday, 4 November 2013
سسئي
داستان پهريون
1
ناھي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَـئِي رَھي؛
ڪَنھِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گَورَنِ گَسُ؛
ڏونگر منجھان ڏَسُ، پوندم ھوت پُنھونءَ جو.
2
وَيُم لالَنُ لوءِ، ھِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛
ڀُليءَ ھيئن نه ڀانئيو، پيو پروڙڻُ پوءِ؛
ھوتُ وَٽِم جي ھوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينھڙا.
منھن ڏيئي آيام، جبل جھاڳڻ ڪيچ جا؛
طعنا تھمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛
ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِھرا سُور پريَنِ جا.
4
ھيءَ نماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!
ايندي پُٺيءَ آن جي، جيھي تيھي حال؛
ھِن ڳوليندڙ جي ڳالھ، ڪا ھئي ھوتياڻِنِ ۾؟
5
رُئڻ زارو زار، راتو ڏينھان آھ مون؛
کوڙي ڪان قريبُ ويو، ھِنيڙي مَنجھ ھزار؛
ھن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟
6
وڃڻ ذوق ضرور، ھِن ڪاھِل آھي ڪيچ ڏي؛
ڏسان شال اکين سان، ھوتاڻو حُضور؛
منھنجو ڪو مَذڪور، ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟
7
سرتيون سڪ سبِيلَ، اَندر منجھ عجيب جِي؛
راتو ڏينھان ٿي ڪريان، زاريون منجھان زِيلَ،
ھن ڪمينيءَ جي قِيلَ، ڪا ھئي ھوتياڻن ۾؟
8
پِرين ڏيئي پُور، ويا ويچاريءَ کي؛
تنھن دنيا جو دُور ڪيو، سڀو شوق شعُور؛
ھن مُئيءَ جو مذڪُور، ڪو ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟
9
ريءَ ڪر تنھن گولي، آھيان آرياڻي ءَ جي؛
جو ڏنائون ڏِيل کي، سو جھليم ۾ جھولي؛
ھن ٻانھيءَ جي ٻولي، ڪا ٻُڌيوَ ٻاروچن ۾؟
10
ساريون پڇي ساٿَ، سنديون ڪيچن خبرون؛
ھيڏي اچڻ جي ھئي، ڪيچَيڙن کي ڪا ته؛
منھنجي ڀي مَصلحات، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟
11
لَڪين ڏيئي لَت، پاڻ ئي ڪريان پڌرو؛
سارو وندر وُوڙيان، جيڏيون ڪارڻ جت؛
منھنجي ڪا مَصلِحَتَ، ھئي ھوتياڻِن ۾؟
12
ڪري ساٿ سوال، ته ڪيچن جي ڪا ڪَل ڏيو؛
جا ڇڏيائون ڇَپرين، موٽڻ تنھن مجال؛
ھَي ھَي آرياڻيءَ ري، ھھڙا ٿيڙم حال؛
سندي ھِن سنڀال، ڪا ھئي ھوتياڻين ۾؟
13
راتو ڏينھان رَت، اوتڻ آيم اُن ري؛
آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قَطُ؛
جبل سڀ جھاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ؛
ھِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پِرين ۾.
14
اَثر ڪيو اَفسوس، مُئيءَ جي مِرُن کي؛
جُودَ تنھين جي جوش، سارو روح رتيون ڪيون.
15
گوندر گذاريام، سي تان ڀلا ڏينھڙا؛
سڀ ڪنھن ساعت سپرين، ٿي صحي ساريام؛
ھي ڪشالا ڪاريام، ساعت ھڪ سمھڻ جي.
ڪافي 1
ڏونگر آھي ني ڏَسُ، ميان، ھاريون منھنجي ھوت جو.
ھلان ته ھلڻ نه ٿئي، ناھ ويچاريءَ جو وَسُ؛
راتيون رھڻ روھَ ۾، ڪاڪِيون آھي ڪَسُ؛
ڪِيَڙو عشق عجيب جي، ھِنيَڙي منجھ ھَنبَسُ؛
آھي عجيبن جي، "سچو" سِڪ سَرسُ.
ڪافي 2
منھنجو، پانڌيئڙا، پِرينءَ کي ڏيج ھي نياپو.
ڏيئي باھ ڀنڀور کي، ھيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛
اَصل لاڪُون آھي، منھنجو ساڻن سياپو؛
آھي اوھان جو سپرين، ھن ڇوريءَ تي ڇاپو؛
منھنجو محبوبن کي، ٻيو ڏيج نه ڏوراپو؛
سدا آھين "سچوءَ" کي، تون جيءَ جو جياپو.
ڪافي 3
پري ٿين نه شال، پرين پاڙيچا پرڏيھي!
ساڻن ٿيس نه سنگتي، ھَي ھَي ھھڙي حال؛
جَتن ڪِيڙم جيڏيون، جتنِ سان مون جال؛
دوستن بنا ديس ۾، جيئڻ منجھ جنجال؛
ڪنھن در ڏيان دانھڙِي، ھو جي ڪُھي ويڙم ڪال؛
ڪوڙين ڪَيَڙم ڪيترا، اُنھن ڪاڻ ڪشال؛
سي ئي "سچو" آئيا، جن لَڳ وجھايم فال.
ڪافي 4
ڀينر ھي ڀنڀور، اَسين ڇڏي وينداسون!
وس نه آھيان پانھنجي، ڀلو ميان، پورن ڪِيَڙو پور،
ھِت رتي نه رھنداسون.
جاءِ عقل جي ناھ ڪا، ڀلو ميان، عشق ڏيکاريو ھت زور،
اُھي وٺي وينداسون.
پورھيو ڪَنديَس پِرَ جو، ڀلو ميان، ڇَڏي ٻيو تَڪَ تورُ،
اَسين جا ڪي جِينداسون.
ڪاڪِيُون وَڃي ڪيچَ ۾، ڀلو ميان، لاھي ھِنئين جو ھورُ،
ڏُکَ ڏوراپا ڏينداسُون.
"سچو" ڏٺي سَڄَڻَن، ڀلو ميان، شوقَ مَچايو شورُ،
تَن جي پکي پَھنداسُون.
ڪافي 5
آھي ويچاري ڪا وَسِ، ميان، توکي معلوم مِڙيوئي!
ويٺِي آھيان واٽ تي، گولِي ڪَجو گَسِ، ميان.
سارو وِندُر ووڙيان، ڏاھا تُنھنجي ڏَسِ، ميان.
ماڻھو شَھر ڀَنڀورَ جا، رُوحَ نه اَچَن رَسِ، ميان.
"سَچو" پوءِ پِريَن کَـئُون، آهي ڀَنڀوران بَسِ، ميان.
ڪافي 6
ڳوٺَ ساري جون ڳَليُون ڳَليُون، وو، نِتُ ڏِسَڻ مون کي آئيون.
رَت روئڻ کـئُون اُھي اَکِڙيُون، ڪين سي جَھلجَن جَھليون جَھليون.
ڪيچئڙن جُون وَري قَطارون، ھيڏي ٻُڌيونسين ھَلِيون ھَلِيون.
سي نه وسرَن ڳالھيون اُھي، يارَ سَڄَڻ جي تو سَلِيُون سَلِيُون.
چاڙھيئي اَسان تي دردَ فِراقَ جون، ڇُوھ ڏاڍي مَئُون ڇَلِيون ڇَلِيون.
روز اَزل کَـئُون ڪَيوَ "سچوءَ" سان، يارَ ڀَلا، ڪيئِي ڀَـلِيون ڀَـلِيون.
ڪافي 7
ھوت اچج ھت ھاڻين، پنھنجا ڏک ڏَسينديس، ميان.
دوست اوھانجِڙي آھيان، ميان، سائين لڳ سُڃاڻين،
پاڻ گولِيَن گَڏينديس، ميان.
تون تان صاحب سُپرين، ميان، ھيءَ نانءَ نماڻي،
توکي سائين سڏينديس ميان.
پَکا پَکن سامھان، ميان، آرياڻي مون آڻي،
توکي اوڏا اڏينديس، ميان.
پُٺيءَ لڳس تانھنجي، ميان، حُبَ مَنجھؤن ھوتياڻي،
آءٌ ڪا پاندُ ڇڏينديس، ميان!
سچو اُوتي سپرين، ميان، پِنبڻن مان پاڻي،
ڏک ڏوراپا ڏينديس ميان.
ڪافي 8
ھوتَ پِرين ھڪواري، مُونکي اچي مِلج، ميان!
ڏونگر ڏورَڻُ مون نه ٿئي، ميان الا، آءُ اوري تون آري.
ڳِچيءَ پائي ڪپڙو، ميان الا، زور ڪريندس زاري.
جا اوھانجڙي ڪوٺجي، ميان الا، سا تو ڪيئَن وساري؟
ھيجؤن کنيم سر تي، ميان الا، بارُ برھ جو باري.
ويٺي ڏسان واٽڙي، ميان الا، مونجھ اَوھان جي ماري.
"سچوءَ" سندو سڄڻا، ميان الا، ٿيو فراقُ فراري.
ڪافي 9
آيَس آءٌ ڪي اوڏي، جھاڳيا مون تان جبل جالَ!
جي مون وِسھَو جيڏيون، آھيان ڪيچِن جي آءٌ ڪوڏِي.
حُب جنھن جي ھوت کي، درد نه ٻئي ڪَنھِن ڌوڏِي.
ڪيئن ڪريان آءٌ ڪاڪيون، ھوتُ منھنجو سو ھوڏِي.
دَردُ جنھين کي دوست جو، لَڪَن سَا نا لوڏِي.
سيڻن خاطر سُڻ "سچو" ڙي، گاھُ ڪنديس ٻَڌي گوڏِي.
ڪافي 01
وِيَڙا جي وڻڪار، اڃا وري ايندا سي!
ڪي ڏينھن پھچڻ ڪيچ ۾، قصد ڪندا ڪوھيار،
اَسين ڪاڏي نه وينداسي.
پوءِ منھن رکي جيڏيون، پاڻؤن ڄاڻِي ھِن پار،
اَسين ڪاڏي نه ٿينداسي.
آيا ڄاڻي سپرين، جيءَ نِي پيڙو جار،
نينھن نيبَھُ نينداسي.
ھاڻي "سچو" مون کَـئُون وسري، ڪَتڻ واري ڪار،
اسين جا ڪِي جينداسي.
ڪافي 11
اُھي ڪھڙي طرف ويام، آءٌ ڳوٺ رَھِيس سَڀ ڳولي!
عشق ته عاشقن جا، ميان، اَڳھين ٿي ٻڌام،
ھاڻي ٽوليءَ مَون سو ٽولي.
ڪوڪان چڙھي ڪوھَ تي، ميان ڪيچئڙن ڪيام،
ھاڻي ڇوليءَ مَون سو ڇولي.
ڏوريندي مون ڏونگرين، ميان، سرتيون سال ٿيام،
ھاڻي رمز لڌي مون رولي.
"سچل" آءٌ تان ناھيان، ميان، ساري سُڌ پُيام،
اِتي پاڻ ٻاروچل ٻولي.
ڪافي 12
واٽ وندر جي ڪو ڏَسي، وو ڏَسي، مون کي جيڏيون!
سپريان جي ساٿ جا، آھيون سو عاشق اَسي، وو اَسي.
سُڌ تنھن کي سُور جي، ڄام پُنھون جا پَسي، وو پَسي.
وھان ڪيئن ڀنڀور ۾، خانُ ويو دل کَسي، وو کَسي.
پِريان سندي پار ڏَھون، مانَ ڪو رھبر رَسي، وو رَسي.
ھيڪند ٿيان جي ھوت سان، ھينئڙو منھنجو ھَسي، وو ھَسي.
سِر "سچوءَ" جي سانوڻ وانگر، بِرھ جو بادل وَسي، وو وَسي.
ڪافي 31
ناھ ويچاريءَ جو وس نِي، توکي معلوم مِڙيوئي، ميان!
آھي ھِن ڪميڻيءَ کي، ميان، ڏونگر سندو ڏَس نِي.
ڇڏي ڏونگر ڏاکڙو، ميان، ويڙھي اسان جي وَس، نِي.
حالُ ھِن جو ھِيڻو، ميان، پاڻ پنھون اَچي پَس، نِي.
ٻاروچاڻِي جاتِ ۾، ميان، تون سانول آھين سَرس، نِي.
ڪافي 41
مون وٽ ھو مھمان، ڀلو جيڏيون، اَڃا ڪالھ قافلو!
اَٿم اوٺارن جو، ميان، آيل ڙي اَرمان.
ڏئِي ڏُکيءَ کي ويا، سورن جو سامان.
جتن سندي جات لءِ، ھَي ھَي ھيءَ حيران.
ڪندي وڃي ڪيچ ۾، ھيءَ برھ جو به بيان.
ڪافي 15
صدقي صدقي ھي سِر، ميان، آھي ڪوھيارل تَئُون صدقي!
ڪافَ ڪشالا ڪيچ جا، ظاھر ٻُجھَن ٿا زِر، ميان.
جبل گھايا جوش مَئُون، گھائي ڪِيَڙُوَ گھِرُ، ميان.
محبت جي ميدان ۾، گھيڙ ڏسي وڃي گھِڙ، ميان.
ويھڻ مون کي وِھُ ٿيو، ترسان ھَڏِ نه تِرُ، ميان.
جيڏيون جانب جت لءِ، ڀَئي ڀَئي وتَي ھِيءَ بِرُ، ميان.
حبيباڻِي ھنج ۾، ڪِيھَ ڪري وڃي ڪِرُ، ميان.
"سچو" سچيءَ سڪ مَئُون، فاقو ڏِسِي نا ڦِرُ، ميان.
ڪافي 16
يار توسان منھنجي زاري، آھي سَوَ لَک واري، ميان!
وندر جي وڻن ۾، واجھ وجھي ويچاري،
سا تان محبت ماري.
ھي تان حال حقير جو، اَچي ڏس آري،
کَنيُم برھ باري.
اَزل لاڪُون آھي ئي، يار توسان منھنجي ياري،
پاتم ڳچيءَ ڳاري.
سور تنھنجا سپرين، چُڪِيءَ کي چوڌاري،
وجھج گھوٽ نه گھاري.
آھي ھَٿِ حبيب جي، ڳالھ "سچوءَ" جي ساري،
ڪندا نِي پوئواري.
ڪافي 17
پورھيت پاڻيءَ ڍوئي، خان ٻاروچا تُنھنجي!
حاضر خدمت اَچِي اوھان جي، حال چونديس روئي؛
ساٿي اسان جي سُڌ لھڻ لءِ، ڪڏھن نه مُڪو ڪوئي؛
قولُ ڪيو ھوءِ ھوت اسان سان، سائين پورو ڪر سوئي؛
ڪيئن وساري وھان اوھان کي، ڪَئِي تا ھھڙي توئي؛
طوطي جي ڳچيءَ سَوَ سَلامن، "سچوءَ" مُڪا پڻ پوئي.
ڪافي 18
ھوت ڏَھون ھاڻي آيُون، مان ڏي خوشخبران جي!
اَچِي اڏيون اوڏڙيون، جاءِ تُنھِنجَڙيءَ جايون؛
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، پير وري ايڏنھن پايون؛
ٿيون جِيارن جيڏيون، اِھي ويچاريءَ کي وايون؛
"سچوءَ" سَنديون دانھِڙيون، دوست وري ورنايون.
ڪافي 19
ڙي جيڏيون، ھاڻي ھوت ويا جي، وو، سي موٽي مانَ اچن!
دعا ڪريجو جيڏيون، پَري نه ھوتَ وڃن؛
سِگھا موٽَن پوئتي، اچي ويڙھي ھِن وسن؛
وڃي ڪيچ وڻن ۾، پورھيائِت پُڇَن؛
ڪيچي ڪميڻيءَ جي ھُت، ڪَچي شالَ نه ڪَن؛
"سچو" اَصلئون آھي، سرتيون سَگ سندن.
ڪافي 02
يارَ ساٿيو، ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان...
ڀلو ڙي ميان، ڪيچن جي، وو، ڪَلَ مونکي ڪائي ڏيجو.
ھيءَ نماڻي، وو، وَر وڪاڻي ميان، نال نباھي نيجو.
ڪيم وساريو مُئي نه ماريو، ميان، ڇوري تان مَ ڇڏيجو.
ڏيو دلاسا ڪڏھن ايندا، ميان، لوڪئون تان نه لڏيجو.
آءٌ اوھانجِڙي اصل آھيان، گولِي ساڻ گڏيجو.
جنھن ويلي، وو، ھلو اِتاھون، "سچو" نانءُ سَڏيجو.
داستان ٻيو
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سچل جو رسالو
Saturday, 2 November 2013
حقيقت
داستان پھريون
1
ھُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، ھِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛
نَفيءَ ۽ اثبات کَئُون، پَري خيال پِيو؛
"سچو" سَچُ ٿِيو، ٻي ٻانَھپ ٻولِي ناهِ ڪا.
2
"سَچُو" سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجھان ڪَثرتَ ڪُلُ؛
الَف مَئُون آدَم ٿِيو، ڪَري ھنگامون ھُلُ؛
ھِندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنھِن ڀلُ؛
"خَلَقَ الاشيَآء فَھُوَ عَينُھَا" اِھو آڻ عمَلُ؛
ٿِجِ گلابِي گُلُ، مَرُ مارِنِئِي مَنصُورَ جان.
قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي؛
روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ؛
سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ؛
اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛
رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ؛
"سچو" ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين.
4
سائرَ مَنجھ سَھسَ، گھيڙا گھِڙڻ آئِيا؛
ڪو سِرُ سِيڻاھِيو ڪَڍي، ماٺي کَئُون مَسَ؛
"سچو" لَنگھي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَھ ۾.
5
اَچِي اَوَ تڙياءُ، گھِڙيس گھوري جِندڙِي؛
چڙھِيَس ڏَاڍي چَاہَ مَئُون، مَستِي مَوجَ مٿَاءُ؛
تَڙَ لَهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگھي پيِس شَھ ۾.
6
جي وَڃِي شَھ پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛
ڇا تانگھي ڇا تارِ۾، ٻڏي پَوَن ٻيا؛
جي وِچؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.
7
گھِڙَن جي گھيڙاءُ، تانگھو عِشقُ تَن جو؛
جن کي عشَق عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛
جي سُورَ چکَنديُون ساءُ، ميھَرُ سي ماڻِينديُون.
8
اسان پِرِين وِچَ ۾، وَھي ٿو دَرياھُ؛
آھي ڪونَه اسانجو، ھاديءَ ري ھَمراھُ؛
سُپيريان تَئُون سَاھُ، "سچوءَ" تان صَدقي ڪِيو.
9
ڏاھا ڏوريون پنڌُ، متان ڀائين پِريَن جو؛
حَبِيباڻو ھَنڌ، وڃِي ڏِسِج اَکڙيَن سان.
10
پِرين مُنھنجا پَارِ، تون ڪِيئن ھِت ويلا ڪَرين؟
قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻُ تو درڪارِ؛
ڏسِي وَرج سگِھڙو، دوساڻِي دَربار؛
لڳِي اَٿَم لَونءَ جِي، عَجِيبن سان عَارِ؛
ڏاترَ مُون ڏيکار، صورتَ سانگِيَڙَن جِي!
11
اَسان پِريَن وِچَ ۾، دور وھي دَرياءُ؛
ڇوليُون ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛
سُڻي آھان آءُ، مِيان ھِن مُشتاقَ جُون!
12
اسان پرين وچَ ۾، جَرُ وھي جاري؛
ھِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻيون وِيريُون ڏي واري؛
ھُت ساجَن جا سارِي، سا دَھلي ڪِينَ دَرياءَ کَنئُون.
13
مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِي ڪِتابَتَ؛
ڏُکَن جي ھِنَ ڳالَھڙيءَ، مُنجھائِي مَصلحتَ؛
ڪِيو فَنا فرض سُنتَ، سِڪَ تَوھان جيءَ سپريَم.
14
چَري چَري مَ چئو، چَريو آھي لوڪُ؛
جو چَرئي لَڌو ٿوڪُ، سو "سَچُو" آھِ نَه سڀ ڪنھن.
ڪافي 1
سالِڪ راہَ سُڃاڻِي، پاڻُ نَظَر ۾ آڻِين.
جاءِ نَظَرجِي آھِين اَصلَ کَئُون، يارَ يَقيناً ڄاڻِي؛
پاڻُ وڃائِج نُور نَظَر۾، تَه وسرئِي ٻِي آکاڻِي؛
فنا کَئُون اڳي بَقا نَه ٿِيندين، جِيئَن پارو۽ پاڻِي؛
صورتَ مَنجھان ٿِي بي صورَتَ، وِچئُون گَرد اُڏاڻي؛
ھادِيءَ حقيقَتَ ھيءَ سَمجھائِي، "سَچو" ساھَ سيبَاڻِي.
ڪافي 2
لَئون اَچِي پاڻ لاَ يَوَ، ناته مون کي ڪَل نه ھوئِي.
اصلَ لاڪُون عِشق لائِڻ جِي، ڳالِھ اِھا خوش آيَوَ؛
دَردَ فِراقَ جي ڏِنيو اَمَانت، اِھا سانوَلَ سيبايوَ؛
عَرشَ ڪَرسيءَ جا ڪِين قبولِي، اُھا اسان ڏي ھوت ھَلَايَوَ؛
ڳالِھ پُرجَھڻ جھڙي نا ھُئي، پاڻَ سَڄَڻَ سَمجھايَوَ؛
ڏينھَن اُنَھيءَ جي، يارَ "سَچوءَ" کَـئُون، سچي ڳالِھ سَلايَوَ.
ڪافي 3
تُنھنجو دَردُ اصلَ کَئُون، اِختيار ڪَيوسين ميان؛
تُنھنجي سُخنن سَچَن اُتي، اِعتبار ڪَيوسين ميان.
ڪِي ٿا پُڇَن پِرينءَ کي، ڪُرسِيءَ يَا عَرشَ اُتي؛
تُنھنجي اکين مَنجھان سُھڻا، اِسرار ڏٺوسين ميان.
ڪي تا تابع تجليّ، يا شُعلِي نوري يارو؛
اسان صورَتَ ھِن ۾ تا، دِيدار ڏٺوسين ميان.
تنھنجو حُسن ٻِنَھي جھانين، يار سَڄڻ سَھِي ڪيوسين ميان؛
تُنھنجي سچيءَ ڳالِھ ھِنَ تي، اِقرار ڪيوسين ميان.
ھو جو ڪَيَڙوَ مون سان، سو پانھنجو وعدو پاڙيو؛
سِر ساھُ صدقي، صدبار ڪيوسين، ميان؛
"سچو" سَگ دروازہ، آھي روز اَزلَ کَـئُون ميان؛
تو پِيرَ عبدالحَق جو، پيزار ڪيوسين ميان.
ڪافي 4
وڃِي اَکيون ڪاٿي لايُئي،
حالَ حقِيقتَ جي سان.
فِڪراِنھِيءَ ۾ ميان ٿِي فنا تون، پاڻُ پَنھنجو ڀايُئي؛
اِھڙيون ڳالھيون سُڻ ري عاشِقَ، سارو سو عشق وڌايُئي؛
محبت وارو دل جي اندر، ڏاڍو ڪو مَچُ مَچايُئي؛
کَنيئي پَلڪ ۾ پاڻَھي، ڀولي ڪَنھن نه ڀُلايُئي؛
جي ٿِئين عاشِق يار "سچو" ري، اِئين سو عِشقُ ڪَمَايُئي.
ڪافي 5
ڪَلَ نَه پَوندي ڪائِي،
عَجب جيھي اسرار ُاُنھِي جي.
ھُئي حَلاجَ ذرو سڌ سِرَ جِي، تَنھِن سِسِي ڪوڏَ ڪَپائي؛
لاھي حِجابُ حجابُ وڌائِين، ھِيءَ حِرفَتَ يارَ ھَلائِي؛
"سَچو" سو ئِي صاحب آھِين، پر سڀ ۾ ذات سَمائِي.
ڪافي 6
جِھڙو ھيءُ عجائب آھِ،
ناھي عجب ٻيو ڪو اِھڙو؛
ھيڏي ھوڏي نه ڏسين، مُنھُن پاڻيءَ ۾ پاءِ؛
پوءِ تصور ھن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛
اکيون پَٽي جي ڏسين، ھادِي آھي ھَر جاءِ؛
"سَچوءَ" سارو سچُ چيو، ھيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.
ڪافي 7
اِھو ڏاھيون ڏَس آھِ،
سانول اِتي وسي ٿو.
ڦولھي لَھج پاڻ مَئُون، پَري نه پيرا پاءِ؛
دائِم آھي دوستَ جي، تُنھنجي جيءَ ۾ جاءِ؛
ڪَنھِن جي ڪارڻ ٿِي ڪَرين، ھاري ڙي ھاءِ ھاءِ؛
سوئِي ڏسندڙ، سوئِي سُڻندڙ، پاڻَ ئي ڳالھيون ڳاءِ؛
سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪِي ڙي ڪَنھِن لاءَ؟
"سَچو" ويڏو ساھَ کَنئُون، ڪير چَوي تا ناءِ!
ڪافي 8
ھِي ڇَڏيج ھو وٺيج،
متان ڪا ٻِي ڳالِھ پُڇيج.
دُوئيءَ واري دامَ کَئُون، پِھريون طالِبُ پاڻ ڪَڍيج؛
مُرشِدَ جِيئن فَرمائِيو، واقف سو تان ڏَسُ وَٺيج؛
سِر سَھِي ڪَرِ پانھنجو، ٻئا آڏاڻا ڪِيم آڏيج؛
لاري لڳُ نَه ڪَنھِن ٻِئي، عاشِقَ اِنھيءَ پنڌ پئيج؛
ويسَھُ واريءَ واٽ تي، "سچو" ڙي تُون سِر سَٽيج.
ڪافي 9
پاڻَھين پارؤن يارَ، قاصِدُ مون ڏي اَڄُ آيو!
اَچَڻَ سَندي اُن جي، اُٿِي ويا آزارَ،
ٿورو ڪيڏو تَن لايو.
ڏنا دلاسا دل کي، رھبر راتَ ھزارَ،
سَندن روحَ جو رايو.
ھيڏي ھوڏي نَه وڃي، اَچج ۾ اِعتبار،
محبت مِڙيوئِي مايو.
اَچڻ جا مَحبوبَ ڪَيا، پَڪا قولَ قَرارَ،
"سچو" توڏي ھُئُنِ سَعيو.
ڪافي 10
ڀَلي ڪَري آئين، ھِت تون گُھرجين يار!
ھِت تُنھنجِي گُھرَ گَھڻِي ھُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!
جاڏي تاڏي جَلوو تُنھنجو، عَجب تُنھنجا چَمڪارَ.
ھِي ڀي ھو ڀِي ھِڪُ، ديسُ تُنھنجو چَئِين ڪُنڊين چوڌار.
اَچِي ٿئين ھِڪُ "سَچوءَ" سان، لاھي ٻيائِيءَ بارُ.
ڪافي 11
عاشِق مَرندا ڪِينڪِي، رھندا ڪِينَ مَڪانَ ۾.
ديواني درياءَ جو، پِيتئون پيالو پُر ڪَري،
اَجرمَنجھ اَمر ٿيا، اُھي گَڏيا ڪِينَ جھانَ ۾.
غيبَ ۾ جي غَرق ٿِيا، تَن گھاء گَردَن ۾ لڳا،
ٻولِي ٻولن ٿا ٻِي نڪا، اُھي رَھن "اَلاَمانَ" ۾.
ڪيئِي پَڙھندي سالَ ٿيا، روزا نمازون نَفل نِي،
تَن ڪُٺَن ڪَلَ ڪانه ڪا، باطونَ جي بيانَ ۾.
چِين ولايت گھر ڪَري، گَھڙِي گھارن ڪِينَڪِي،
پَسَن ھادِي حَق کي، رھن ٿا بئبانَ ۾.
ھَر دم آھي دم دوستَ ڏي، اھي سُونھَنَ ٿا سَر انجام ۾،
سو "سچوءَ" کي ئي مليو، ھي گُر اچي ته گِيانَ ۾.
ڪافي 12
ڪِيئن وساري تو ويھون ويھون،
پِريان سَندي پارَ جِي، ووميان.
ساھَ سَنيون تان يادِ ڪَيُون، سي آھِن عجائبَ جيھون جيھون.
ڪھڙيين ڳالھيين عاشِقِ اَسان کي، ڏُکَ ڏوراپا ٿو ڏيھون ڏيھون.
اِھي عتابَ تون رکين ٿو ڪيھا، پَکي اسان جڙي پيھون پيھون.
ھِنَ پڄاڻؤن مَتان اَسان تي، ڳالھيُون رکين تون ايھون ايھون.
"سچو" اسان جو تون، اسين تنھنجا، ڳالھيون ڪرين تون ڪيھون ڪيھون.
ڪافي 13
آءُ ڪانگا ڪَرڳالِ.
آھِن ڪيھيون اَسان جيون ڳالھيون.
مون سان ڪري جي ڪالَھ وئين، اُھي تان وعدا پال.
ھِنَ غريب سان پِرين گڏائج، بِرہَ ڪِيَس بَيحال.
ھيڏي اچڻ جِي ھُئِي اُنھن کي، ڪا تان قيل مقال.
ٻاجھ پَويئي وي ٻاروچا، نِج نِماڻي نَال.
ياد ڪَرن تا ھُتِ توئي کي، وجُھ نَه جيءُ جَنجال.
"فَاذڪُرونِي اذڪُرڪُم"، پَئين تُون ڪيھي خيال.
قولَ پِرينءَ ڪَيا جي توسان، سي تان سَڀ بَحال.
دل ٻَڌل آھي توءِ پِريَن جِي، "سچو" تُون پاڻُ سَنڀال.
ڪافي 14
پاڻَ پُنھون آءٌ آھِيان،
اڙي ڀينَر ڀُلي ناھِيان.
ٿِيو ٿِيون مُنڪِرڳالِھ اِنھيءَ کَئُون، چَو تَڏھِن ٻيو ڇاھِيان؟
ڪيچ ڀنڀورڀِي وسَنوَ اسانجي، ڪَھڙي طَرف آءٌ ڪاھيان؟
ھَر ڪو چَوي تا سَھسِين عاشقَ، نانءُ پاڻَ ئِي تَئُون لاھِيان،
ھِت ھُت آھي صورتَ منھنجِي، ٺاھ نه ڪو ٻيوٺاھِين،
پَنھنجو پاڻَ ئِي سان يارَ "سچو" ڙي نِينھُن اِھوئي لايان.
ڪافي 15
مَحبوبُ مِٺو آھي مَنَ ۾،
معشوق مِٺو آھي مَنَ ۾!
بيفائِدو بازار گُھمين ڇو، اَٿَئي بُلبُل باغ بَدَن ۾؛
ٻِيائِيءَ سان ٿو ٻاھر ڳولين، نه ٿِئي بَرَ بَحرَ ۽ بَنَ ۾؛
چِھرا چوريءَ چليو ڏسئين ڇو، اَٿئي سو چاند چَمَنَ ۾؛
زلفَ زنجيرَ کَئُون زاھِدَ ڀَڳا، اُھي ظاھِرپَرَستَ ظن ۾؛
عاشِق سَوين اَحوالَ ۾، آکِن اَناالحَق اُنَ ۾؛
سَت زيورَ سينگارَ ڪري نِي، دوست آيو درسَنَ ۾؛
"ڪُل يَومٍ، ھُوَ فِى شَانِ" آيو ورنھَ ھر ڪَنھن ون ۾؛
دلبَرَ ديرو دائم دل تي، ڇو ديکين درپَن ۾؛
ڪري ٿو آھُون ڪِينَ سُڻي ٿو، اَٿَئي قُدسِي ڪلام ڪنَ ۾؛
مُرشد ڪامِل سانولُ سُپرين، آيو صاف صحن ۾؛
فيض "فاروقِي" فائَقَ بَخشيو، فھمائي ھِن فَنَ ۾.
ڪافي 16
سِگھَڙي لهج سَنڀالَ،
ھادي ھِنَ جي حالَ جي.
ڪوتَھ ڪَريو قَال کي، آڻي ۾ اَحوالَ؛
سگھو موٽِج سُپرين، تو ريءَ ڪَيَم ڪَشالَ؛
فَنا ڪَريو فِراق کي، ويجھو ڪريو وِصال؛
گھڻا لايوَ ڏينھڙا، ماريَس ھِنَ مِثالَ؛
اَوھان ٻاجھون سُپرين، ھِھڙا ٿِيڙم حال؛
اَڱَڻ ھِنَ جي آءُ تون، "سچوءَ" مَڃ سوال.
ڪافي 17
زاري ڀينَر زاري،
اڳيؤن عَجيبَن جي، آھي اسان جي!
روز اَزل کَئُون عاشقَن جِي، سُوريءَ تي ھسوارِي،
شاہ مَنصور حلاج حُسَينِي، سُوري ڪِيئن سينگاري،
ھِيءُ ٿئي گُم اُھو ٿئي ظاھِر، چُپ چُپان چوڌاري،
"سچو" ساھ سِري ڪر صدقي، سَرسُ وٺين سَرداري.
ڪافي 18
ٿو دوستِيءَ جو دَمُ ھَڻين، پَر ڪِيئن ڪُسِي قُربان ٿئين.
مَھَند مَنصُوريءَ جي تُون، مَنجھ مَعرڪي مَردان ٿئين.
وري صحِي "اَنَا سِرہٗ"، تَنھِن اسم مَئُون انسان ٿئين.
جي تو پوري سُڌ سِر جي، حيرتَ انھيءَ حيران ٿئين.
نعرو "اَنَاالحَقُ" جو ھڻِي، ٿِي مرد سر ميدان ٿئين.
جي دم سُڃاڻين پانھنجو، تُون دين، تون ايمان ٿئين.
ھِي پَنڌ سو پُرزا ٿئي، جي نينھن جو نيشان ٿئين.
"سچو" يَڪايَڪ، يَڪ ٿئين، تون شمع، تون پروانو ٿئين.
ڪافي 19
مين ماھي دي لڳِ ماري،
ماري آئون ڦِر جياري.
چَونديَس پيش پِرينءَ جي، حال حَقِيقَت ساري.
جا نالو وٺَندي نِينھَن جو، تَنھن کي اِيندي شَھَر نِڪاري.
دم نَه رھندي دوستَ ري، شَوقُ سَندو شِڪاري.
مَستَن کي محبَتَ جي، آھي ڳِچيءَ ۾ ڳاري.
جي اَول ماريو پوءِ جيارن، تَنين گَڏ قطاري.
چڱِي ٿِيَڙس چِت ۾، دوستَ ڏني دلداري.
"سچيڏني" کي عِشق جِي، صاحِب ڏي سَرداري.
ڪافي 20
عاشِقَ ڪَيَئي اُداسِي،
وہَ واہ ڳالِھ خاصي.
لَؤن لَؤن مَنجھ روز ازل کنؤن، آھي وِرھ اَوھان جي واسِي.
"عشق نار احِتَرق" سُڻِي اشارتَ، ھيءَ دل تا ڪِينَ ھِراسي.
ھيڏي ھوڏي ڪين وياسي، بات اھِا اسان باسِي.
برھَ اوھان جي ڪِيو بيراگِي، "سچو" رنگ سَناسِي.
ڪافي 21
ھُت تا ڪير ھُياس، ڀَلو ميان، ٿِي آيس ڪير، نه ڄاڻان.
نانءُ ٻيو ھُت ھو منھنجو، سائين الا، ھِت ٻِئي نانءَ ٿياس.
اچڻ نَه ھو ھِت مُنھنجو، سائين الا، پَرَ ڪَنھِن تا خواھش کنياس.
ھُت ھُيَس مَعشوقيءَ ۾، سائين الا، ھِت عاشِق ٿِي آياس.
ھَي ھَي ھُئِي ڪانه ڪا، سائين الا، ھِت مَنجھ پَروڙ پياس.
"سَچو" سارو سَچ ٿيو، سائين الا، وِچَئُون "آءٌ" وياس.
داستان ٻيو
1
جي اچين تان اَچُ، نَه تَه ھِت پُورَن پَڇاڙيو؛
محبَتَ ٻاريو مَچُ، سِيني مَنجھ "سچوءَ" جي.
2
ڪِيم مَھِينا لاءِ، آءٌ ڀَلا ڀُلِي آھِيان؛
اَچِي اَکڙيُون کَڻِي، "سچوءَ" کي سَرچاءِ؛
جانِي جوڙيَم جاءِ، تو لڳ اَکَڙيُن ۾.
3
چَشمَن جِيءَ چمَڪارَ، ساھ مُنھنجو سوگھو ڪِيو؛
ويھي واٽَڙيُن تي، رُئان زارو زار؛
ھوت اَچِج ھيڪار، اَڱَڻ آسروند جي.
4
ماٺ ڪريان ته مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان ته ڪافِر؛
اِنِھيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سَمجھي "سَچيڏنو" چوي.
5
روئَڻ کان نه رھن، آيَل اِھي اکِيُون؛
سڀڪنھن ويل وَھن، اَٿن اَثر اوھِيرن جا.
6
لَحظو نَه لاھِين، بارَ مَٿَن بَرسات جا؛
اکين کي آھِين، اَثَر اوھِيرن جا.
7
بادلَ وارا بارَ، چشمَن تي چڙھيا؛
رئن زارو زار، اَٿن اثر اوھيرن.
8
آئي نِي مُند مِينھَن، آھي اَکڙين کي؛
رُئن راتو ڏينھن، اَٿن اَثر اوھيرن جا.
9
آھِ اِھا ئِي تاتِ، آگم اَکڙين کي؛
ڏينھنَ اَئُون رات، اَٿَن اَثر اوھيرن جا.
10
آگم اَکڙين کي، سدائين آھِين؛
سي ڪِيئن اوڳائِين، جن کي اَثر اوھيرن جا.
11
اَکِين کي آگمَ، ھِن سَدائين سَرتيون؛
گُوندر گڏيون غَمَ، اٿن اثر اوھيرن جا.
12
لايون پِرت پَسن، آئون آگم اَکين ميڙيا؛
سي تان ڪِيئن نَه وسَن، جن کي اثر اوھيرن جا.
13
ڏسن ۽ رئَن، اِھا عادت اَکين کي؛
سي سرِھُون شالَ ھُئن، جن کي اثر اوھِيرن جا.
14
آھي ريجھ رئڻ، آيَل اَکڙين کي؛
ھُئي تَن ھُئڻ، جن کي اَثر اوھِيرن جا.
ڪافي 1
آءُ ته "مان" "تون" وَڃي، يارَ،
ٻِي ڳالھ ڪَر مَ ڪائِي.
ڳُجِھي ڳالھ ھاديءَ واري دل تي دائم،
فراموش ٿِي ٻي ورونھن وائِي.
بَحَر تي جا لَھَرلڳي ٿي،
اَسان پاڻ بازي اصل کَـئُون بَنائِي.
آھي ھُوءَ حيرَت ھُو جي جِسمَ تي،
حَرفُ حَقَ جو آھي صورتَ سَڀائي.
لَٿو جُھڙ جو ھو نَظَرَ ۾، ظاھر ٿيو سِجُ،
ٿِي اَڄُ سراسر سھائِي.
آھي "سچو" سَچُ تحقيقَ ڄاڻِين،
جَنھن مَست ماريو دم خدائِي.
ڪافي 2
سچا سي سخن ھاديءَ جا، يارو، اڄ ياد آيا سي؛
تَنھِن ڏينھَن لاڪُون اڄ تائين، اُھي بَرچشمِ چايا سي.
ڪَيوَ تان قولُ سائِين ھي، مِڙن آڏو پَڪو مون سان؛
ھونداسين دَم بَدم توسان، اِنھيءَ وعدي وٺاياسي.
ڏيو ھِي تن طَاعَت ۾، گَڏيو ھِي جان جانان سان؛
پَري ڄاڻيجو پاڻِيءَ کي، لاڙي ھِن يارَ لاياسي.
روزا ڪيئي، نفل نِـمازان، توڙي سَو ورد وظيفا؛
سَڀيئِي لڳَ ظاھِر آھن، سبق ساڄن پَڙھَاياسي.
پَئو جي خيال خاصي ۾، سڃاڻو پانھنجِي صورتَ؛
ٻڌي، ٻولي، ڏسي ٿو ڪير، فڪرَ ٻيا سڀ ڦَلاياسي.
ويٺو مَنجھ بادشھ محلي، ٻولي ٿو ڪِيئن اُھي ٻولِيُون؛
اُھو بادشاھ اُھو بنگلو، نه ٻي ڀولي ڀُلاياسي.
جيڪي ڪيا دوستن مون سان، اُھي ڳڻ تان نَه وسرَن ٿا؛
ھُئا گڏ جي حبيبن سان، چڱا سي دمَ لَنگھياسي.
شڪر اَلحمدلله ٿو پڙھان لکَ بار شڪرانا؛
اُھي پيھي پَکي آيا، جَنِين لءِ پَنڌَ پُڇَاياسي.
"سچو" سگ آھي دروازي، ازل جي روز سائِين جو؛
پَنھنجو سي ڪِيئن ڇَڏيندا ھي، توڙي عَيبن اُٺاياسي.
ڪافي 3
ڇو ڪَرين ٿو اَرمان،
جيڪي آھين، سوئِي ٿيندين!
اُتر، اُڀَر، اولَھ، ڏکڻ، سَر زمِين ڇا اُھو آسمان.
پاڻُون ڄاڻِي پيرَ گُھمايَـئِي، ٿي صورتَ ۾ انسان.
اُٿَڻ ويھَڻ ڄاڻِ اِھو ئِي آھي، "ڪُلَّ يَوۡمٍ ھُوَ فِى شَانٍ".
"ڪُلُّ شَيءٍ يَرجَعُ اِلىٰ اَصلِہٖ"، قادرَ ٿيو فرمان.
ھاديءَ حقيقَتَ ھِيءَ پُرجھائِي، "سَچو" تون سُلطان.
ڪافي 4
بِرھ جي بازار،
جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
سودو جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛
جي ڪَنھن چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛
"سچو" اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي ڪَار.
ڪافي 5
پانھنجا وعدا پاڙيا، سانولَ سائِينءَ!
ھو جي ڪِيائون اصل اسان سان، سي قولَ نه يار وساريا؛
ڏينھن اُھي مون کَـئون تا نه وسِرن، جي مون گَڏ گُذاريا؛
سُخن سَچائِيءَ يارَ سَڄَڻ جا، سي ھِنَ ساھَ سنڀاريا؛
اُنھن ڪارڻ شَھر بحر ھي، مون تان نِتُ نِھاريا؛
دوستَ "سَچوءَ" جا دور ھئا جي، سي واليءَ ھِت ورايا.
ڪافي 6
جو ٿو ڳولين يار، سو تان تو ۾ آھي!
ڏونگَرَ ڪيڏا ڏورئين، چَؤ تون ڪَنِي لاءِ؟
ھيڏي ھوڏي نه وڃين، پاڻَ ئِي ۾ مُنھن پاءِ؛
دل واري خاني ۾، سَندي جانِبَ جاءِ؛
اِھڙيءَ اوڏائِيءَ جي، "سچو" ڪَلَ نَه ڪَاءِ.
ڪافي 7
سَل سوداگَرَ يارَ ڙي مِيان،
ڪَھڙي ديسؤن آئين آئين؟
ظاھِر ٿِئين تُون وو اَچِي زمِينَ تي، کَڻِي کَٿوريءَ بارَ؛
ھَلِي اُتاھُون وو اَچِي اِتاھِين، ھَنجين سو پُوتَئي ھَارَ؛
طَرحين طَرحين وو اَچِي ڪَيَئي ھِت، صورتَ جا سِينگارَ؛
شاھ آھين وو يا ته گُماشتو، لايَئي ڪَڍ قَطَارَ؛
اَچِي پِياسي وو سُڻُ "سَچو" ڙي، شوقَؤن مَنجھ شُمارَ.
ڪافي 8
جھُليو جَن تي حالُ،
اُنَھن کي آءٌ ڪِيئن نه سُڃاڻا!
مَڃِن ماضِي ڪِينَڪِي، نَڪو اِستقبال؛
لِڪو ناھي لوڪَ کَـئُون، اُنھن جو اَحوال؛
جي مُون پُڇِيو جيڏيُون، آھي ورھ وصال؛
ووءِ ووءِ ٻاجُھون تن کي نڪو قيل نه قال؛
"سچوءَ" سُڃاتو تن کي، جن کي عِشقُ ڪَمال.
ڪافي 9
مُون کي عِبرتَ آھي، اَھڙي حالَ جي،
ھاريون حيرتَ آھي، اِنھيءَ ڳالِھ جِي.
ڪاٿَئِين ڏاڍو، ڪاٿَئِين ھِيڻو، ڪاٿَئِين جوڙ جَڻيا ٿو پائي؛
ڪاٿَئِين ڪوري، ڪاٿَئِين موچِي، ڪاٿَئِين سيد سَڏائي؛
ڪاٿَئِين تارڪ، ڪاٿَئِين سارقُ، ڪاٿَئِين مُک مِلائي؛
ڪاٿَئِين شاھِي، ڪاٿَئِين سِپاھي، ڪاٿَئِين حُڪم ھَلائي؛
ڪاٿَئِين ڪافِر، ڪاٿَئِين مومِن، ڪاٿَئِين سوريءَ سِرُ ھَلائي؛
ڪاٿَئِين گُسائي، ڪاٿَئِين سَنياسِي، ڪاٿَئِين بُتَ بَنائي؛
ڪاٿَئِين سامِي، ڪاٿَئِين اِنعامِي، ڪاٿَئِين تِلڪ لڳائي؛
ڪاٿَئِين قادر، ڪاٿَئِين نادر، ڪاٿَئِين "سَچو" نانءُ سُڻائي.
ڪافي 10
پِريَن سان پَتِ پَري، ڙي جيڏيون، منھنجي!
دعا ڪَريجو جيڏيون، وري سو ھوتُ وري؛
ڏونگَر مُون ڏورائِيو، سَندي ذوق ذري؛
صحي سُڃاتم پاڻَ کـئُون، پُنھون ناھي پَري؛
تو ڪِئن سَري سُپرين، تو ريءَ مون نا سَري.
ڪافي 11
وٺِي خَبَر خاطو آيو، خَير صَلاحَ جي مون ڏي.
پارِ ڀنڀورَ جي اَڄُ صُبحاڻي، تان ھو ڌڻِن کي سَعيو.
طرف تنھنجي آھِ اصَلَ کَـئُون، روحَ سندن جو رايو.
نِينھَن جي نياپَن ڄَڻُ اسان کي، محبَن ساڻ ملايو.
ٿيان قربانِي آءٌ تَنِين تَـئُون، جَن تان نِينھُن نِباھيو.
اِيندئِي اُھي جن جي ڪارڻ، ويٺي تو ورھ وسايو.
پيو پِرينءَ وٽِ، ھاڻي تُنھنجو، "سچو" ڙي پَنڌُ سَجايو.
ڪافي 12
جَن لائي توڙِ نِباھِي، آءٌ صَدقي وڃان تَن تَـئُون!
شَابس آھي اکَڙين کي، جن وئِي دل ورائي.
ڀَلِي ڀاڄِي پِريَن ڏَنهُن، اَڄُ اَسان ڏي آئِي.
راتو ڏينھان آھي ئي، واتِ اُنَھن جي وائِي.
ڏيھاڙِي ڏسَڻ سان، مَحبت آگ مَچائِي.
ووءِ ووءِ وائِي وات ۾، "سچوءَ" آھي سَدائِي.
ڪافي 13
سُھڻي سَڄَڻَ سان نِينھڙو لايوسي!
وردَ پَڙھِيَم ٿي وچَ ۾، اَديون ڙي، آڏو عَشق آيو سي.
سَڀ وساريئين ڳالِھيون ڏسڻ سان، اديون ڙي، ڏاڍو پُور پرايوسي.
ٻَن وجِھي ٻيون ڳالَھڙيون، اديون ڙي، ڳليءَ ڳليءَ يارُ ڳايوسي.
اول وقَت عجِيب جي، اديون ڙي، اِنَھيءَ گُھورَ گھايوسي.
"سَچوءَ" سَوَ مبارڪان، اديون ڙي، چاھَؤن سِرَ تي چايوسي.
ڪافي 14
شوريدن کَـئُون حال،
پڇج وڃِي پوءِ ھوءِ ۾.
مجلس وڃج اُن جي، تان ڏسني خاص خيال.
اَگھ لَھج اُن جي، تان تو وڻ ٽَڻ آھي وصال.
ورقَ وسارج وچَ جا، تا فارغ ٿئين في الحال.
عقل اُڇلج آبَ ۾، تا بِرہُ ڪَرئي بيحال.
جي تون وسھين وسيلا، ھي "سچو" سَچ سوال.
ڪافي 15
ساري ڏيھُ نَه ڏي ڙي،
پانھنجِي دل سَمجھ سَنڀالين.
ڳالھ پُڇين جي پِرينءَ جي، حَرف حالَئي جا ھِي ڙي.
اُڇل نَه ٺِڪر ڀِتَر جان، نِينھُن پاڻَ ئِي سان ني ڙي.
ھاريُون، انھيءَ حالَ جو، قُرب سُڃاڻن ڪي ڙي.
پاڻھين آھِن پَڌرا، "سچو" سالِڪ سي ڙي.
ڪافي 16
تُنھنجي حُسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، اِنھيءَ ڳالھ ڳاريا،
ھزارين ھزار!
اُھي يارَ آيا، نيزن جي نِوايا، نِيئي سِر سلايا،
تنھين تو اگھار.
جَنھِين موج آئي، تَنھِين سُڌِ سَڀائِي، ڪيھي ڳالھ ڪائي،
لنگھيا شھسوار.
ڪَمر جا ٻَڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نَـئِي سِر ڏنائون،
لاٿائون مَيَار.
مَڇَڻ ھَٿ ھَڻي سي، اِھا ڳالھ ڳَڻي سي، تريءَ سِر کڻي سي،
ڪيائون نِثار.
جن موجن چڙھيا سي، لَھرن لُڙھيا سي، "اَنَاالحقُ" پڙھياسي،
کنيا ھِن خُمار.
ھِي نعرو ھنيائون، "اَنَاالحَقُ" پَڙھيائون، نَـئِي سِر سَليائون،
ٿيا گم غبار.
مَئي جا پيتائون، ھي سھرا ڳُتائون، وڏي وک وڌائون،
پاڙيائون قَرار.
پھلوانَ پاسي، نه ٿيندا ڪَڏھان سي، اِھا باتِ پاسي،
ھَليا حُڪمدار.
مُلڪان مُلڪَ ۾، مَلڪَ ۽ فَلڪَ ۾، سڻو سڀ خلَقَ ۾،
پَئِي ھِيءَ پَچارَ.
منجھئُون حُبَ ھلياسي، مَاري چوٽَ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي،
تَنھِين ھِي تَنوار.
اِھا اعتباري، سُوري جَن سواري، عجب خوشي خُماري،
ڪُٺن جِي قَطارَ.
نِشانا کوڙيائون، مُنھن نا مُوڙيائون، ٻئِي ھَٿَ ٻڌائون،
ڪُٺا قُربدار.
ٿِي مَنصورَ مَستِي، ڪيَئِين گُم ھَستِي، ھَنيائِين دو دسَتي،
تپش جِي تَرار.
ٿي شِبليءَ شابس آءِ، سُورن جي سَراپاءِ، ڍڪيائين لِڱن لاءِ،
وجودَئُون وسار.
مُلا سو قاضي، کڙي ڪيائون بازي، منجھن گنؤ غازي،
کڙا ھا جونجھار.
ھنيئين پير جَنھن تي، ڌنڻين سِرُڀِي تنھن تي، نه سُڌ ھي سڀن تي،
ٿِئين سَچُ سچار.
"سچو" سِڪَ تَنھِين جي، جذب جاءِ جَنھِين جي، نه پرواھ ڪنھين جي،
رکي نِي سنڀار.
وڍي سِر ڀڄاڻون،"اَناالَحق" واڻون، اھو سِر سُڃاڻون،
آڻيو اِعتبار.
ھنيائين ھَڪل ھِيءَ، وئي تان شڪل ھيءَ، نه حاجت عقل ھيءَ،
جَليا جلوہ دار.
ڏنئون مُنھن مَتاري، نه ڪاڏي نھاري، سٽيو سِر سچاري،
دليون دوستدار.
سچي ڳالھ ڪيائين، نه ڪوڙي چيائين، نِباھي نينھن نيائين،
ڪارڻ ھڪ نظار.
باھِن ۾ وڌائون، پوءِ لھرين لوڙھيائون،"اَناالحق" ٻڌائون،
ٿي ھَي ھي ھونگار.
ڀِي بغداد سارو، مڙيو بَھت ڀارو، منجھن نَر نعرو،
ھڻي ھوشدار.
"سچو" عشق ايندئي، اچي ڏاڻ ڏيندئي، "مَن وَ مَا" نِيندُئِي،
ڪَندُئِي گل بھار.
ڪافي 17
ھٿئون پيتو مون تان پير مُغان جي، جام شرابون شوري.
دَور کارائي دل کي ٿو، چشمان ڪيف ڪَڪوري؛
اصل کَـئُون منصور جو اُنھيءَ، ڪاٽيو ڪنڌ ڪوري؛
نشي منجھ نواز ٿي، گھوريون ھي سر گھوري؛
جنھن ساقيءَ سُرڪُ پياريو، آءٌ ڪيئن پُڄان تنھنجي ٿوري؛
پِنھان ڪيائين پاڻ کي، چِت "سچوءَ" جو چوري.
ڪافي 18
مونکي آھن ياد، مِٺيون تنھنجون ڳالھيون ڳالھيون !
ھي نماڻي ڏوھن ھاڻِي، دوست پھچائين داد؛
پرين پنھنجي پار جو، عشق ڪرين امداد؛
"سچو" آھي اوھان جو، تَنھن جي دوست ڪريو دل شاد.
ڪافي 19
مين ماري،
محبت تنھنجي ميان!
ورتم دڳ درد جو، تنھن سڀ ڪا واٽ وساري؛
گِلا ۽ غيبت جي، سِر تي کنيم کاري؛
چنڊ اُڀري آئيو، ويئي سڀ اَنڌاري؛
مِڙني مِٽِياڻن ۾، نِينھن ڪئي نِرواري.
ڪافي 20
جا چوڻ جيھي ناھ،
سائي ڪيئن چوان؟
ڳجھي آھي ڳالھڙي، ڪنھن ڪَل نه آھي ڪاءِ؛
اوڏي ناھ پَروڙ کي، ويجھي نه ويساھ؛
ھُئڙي سُڌ حلاج کي، تنھن سِسي ڪوڏ ڪپاءِ؛
پوڻ آھي اونھن ۾، جتي ھوءِ ھواءِ؛
"سچو" سِر نه سَلڻ جو، سو تان سڀ منجھاءِ.
ڪافي 21
جنھن دل تي آھي جوش،
سا دل سورن سان سنري.
آءٌ ھڏ گھوري اُن تَئُون، جنھن تي جوش خروش؛
ڳالھ ڳرھڻ ڪھڙي، خلق اڳـئُون خاموش؛
اثر اُھي عشق جا، اول وڃائي ھوش؛
سالڪ سُک نه سرھا، گوندر ڏي ڪن گوش؛
"خَلَقَ الۡاِنسَانَ عَلىٰ صُورتِہٖ" پادشاھي پوش؛
"سچوءَ" سوريءَ وڃاڻا جي، مَي ۾ ٿيا مدھوش.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سچل جو رسالو
وحدت
داستان پھريون
1
اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛
تَنھِن پڄاڻا وَڃُ، حَلّاجِي حيرتَ ۾.
2
ھِيءَ نه واٽَ ھُئاءِ جي، آھي نڪا تَقلِيدَ؛
تَحقيقاً توحيدَ، آھي راهَ رسُولَ جِي.
3
ھِڪُ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو؛
پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو.
4
جي تو ادب آھ، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين؛
ڪَلَ نَه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي.
5
پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، مَنجھ تَماشي نه پَوين؛
گھوٽُ ڪري تون پاڻ کي، ڪَر ھَنگامان ھُلُ؛
ڀولِ نَه ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ، وَٺِج حالُ حَلاجَ جو.
6
پُٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گھوٽُ؛
مَردَ نه ھِتَئوُن موٽُ، پٺيءَ لائي ڄڃڙي.
7
جَڏھن وِھين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال؛
تَڏھن فراق وارا فِي الحالُ، بَندَ ٻَڌندءِ وچَ ۾.
8
حُڪم ھَلي ٿو جَنھِن سان، سو ڪر پيدا پاڻُ؛
صورت سا سڃاڻُ، مُنھن ڪَري مورَتَ کي.
9
"تون" ھي سان "تون" لَڀين، "مان" لَڀان "تو" سان؛
"تون"، "ھي"، "آءٌ" سَڀھِين، "لا" ۾ موجودات ٿي.
10
جي تو ڄاتو "پاڻُ"، ته "آءٌ" ٻيو ڪو آھيان؛
ڪَندُءِ غرقُ گُمان، ڳَھلا انھيءَ ڳالھه ۾.
11
اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاھون ٿِئين؛
مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ "اَنَاالحق" جِي.
12
جي فِڪر کَئُون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور؛
ھوندا سي حضور، آءُ ڳرھيون ڳالھڙيون.
13
بيرنگيءَ مَئُون رنگُ، پَسو جو پيدا ٿئو؛
ظاھِرَ ۾ پئو زَنگُ، موسىٰ ۽ فرعونَ جو.
14
تون جا ڀائين مَوجَ، سا مِڙِيائي مِھراڻ ٿي؛
ھِي اُنھن جا اوجَ، جَن سنبَت سوريءَ پار ڏي.
15
دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛
تنھن کان پوءِ حُڪامُ، ھَر ڪنھن ھَنڌ تنھنجو ھَلي.
16
جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي؛
جاڏي مُھاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو.
17
ظاھر ڪَڪَرُ آنءِ، مِينھُن توئِي باطن ۾؛
پاڻُ اُھوئي ڀانءِ، جنھن وَسي سان وَسَ ٿئي.
18
سوزُ گُدازُ۽ غَمُ، مِڙِيوئي معافِي ٿيو؛
ماردَمامين دَمُ، عاشِقَ "اناالحقَ" جو.
19
جي ادب کان نِڱِئا، سي ئي ٿيا اللهُ؛
ھُن وڃايو راہُ، ھو ھاڃي ۾ ھڄِي وِيا.
20
تون تاڪا ٿي آنءِ، پاڻُ اَول لَھُ پانھنجو؛
جيلَھان ٻِئي نانءِ، پَئين تيلھان تفاوَت ۾.
21
ڄاڻُ نه تَفاوتُ، عبد ۽ اللهَ جو؛
ھو آھي اَمرُت، ھِي ڀِي ڏُور نَه اُن کَئُون.
22
اللهُ ڄاڻُ نه ھن کي، ھِي مِڙِيوئي حَقُ؛
ناھي شبھو شَڪُ، جو مَعلوم ٿيو مرشِدَ کَئُون.
23
معلوم ٿِي مرشدَ کَئُون، ٻي جا ڳُجھِي ڳالھ؛
ھِن جِي ڇاھِ مجالَ، "ھو" لَڀي "ھن" سين.
24
ھِي تان مور نه وَڃڻو، چئو وڃي ڪاڏي؟
"ھوُ" "ھِي"، ھِڪُ ڪري، مورک ڇَڏِ ماڏي.
25
جھڙو ڀائِيندين، "پاڻ" پَنھنجو پاڻھين؛
تِھڙو ئِي ٿِيندين، ھُت ڀِي ساڻ يقين جي.
26
جيڪي آھي ھِتِ، ھُت ڀي اُھو ئِي اٿَئِي؛
ڀَڃ اُھائي ڀِتِ، تان تون اھو ئي رَھين.
27
جِھڙو آھين تِھڙوھوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟
سُڌ پنھنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا؛
ڳالھ نه سمجھيئي سَا، آوازي "اَنَاالحَقَ" جِي.
ڪافي 1
ٻيو ڪو ڄاڻڻ مَحض گناہ،
ھر ڪَنھِن صورت آپ الله.
ڪِٿي گَدا گدائِي والا، ڪِٿي شھنشاہ.
دونھان ڏيک متان ڪو ڀولي، اولي اَبر ماہ.
"وَنَفَخۡتُ فِيہِ مِن رُُّوحِى" آھي، سَھِي ڪر ساہ.
"خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھا"، اِھو قول گواہ.
صورت منجھ "سچوءَ" جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواہ.
ڪافي 2
عاشق ڏِسڻ ۾ آيو، محبوب گل سَناسِي؛
عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسِي.
برھي جِي اک ببيني، ڪائي مثال چيني؛
توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مَٽ نه ڪاسي.
گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي؛
عاشِق ڏِسڻ کَئُون ڪاٿي، رَھندو پتنگ پياسي.
"صورتَ" ۾ جاءِ "دَمَ" جِي، "دَمَ" ريءَ نه "صورتِ" ڪمَ جِي؛
دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جي، وہ واہ ڳالھ خاصِي.
ابليس جِي وڏائِي، ھَر سانس تي سوائي؛
جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي.
ثابت "سچل" سچاري، يارن جي ياد ياري؛
وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.
ڪافي 3
ھُتِ تان ڪير ھُياسِ، ميان وو!
ھِتِ ٿي ڪير آيس، نه ڄاڻان!
نانءُ ٻِئو ھُتِ ھو منھنجو، ھِتِ ٻِئي نانءَ ٿِياس.
اچڻ نه ھو ھِت منھنجو، پَرڪَنھِن تا خواھش کَنياس.
ھُتِ ھُيَس معشوقيءَ ۾، ھِت عاشِق ٿي آياس.
ھيءَ ھَي ھُئي ھُت ڪا نَڪا، ھِت مَنجھ پروڙ پياس.
"سچو" سارو، وو، سَچ ٿيو، وچَون "آءٌ" وياس.
ڪافي 4
ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينھڙو لايو،
جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!
"وھُومَعَکُم" چيو وصالون، وري سو ورہ وسايو.
"وَنَحۡنُ اَقۡرَبُ" پاڻ اُتيوئي، موٽِي تا بِرہُ بَڇايو.
"اسين تو سان، تون اسان سان"، پاڻَ پِرِين فَرمايو.
زلفان کوليوَ خيال اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سَھايو.
ڪري اُمارو اڳيون اسان جي، تيرن ساڻ تَپايو.
راند روئڻ جِي سِکِئين "سچو" ري، ڏاڍو ڪو پور پِرايو.
ڪافي 5
آءٌٗ تا پِيَڙس اُتي، جِتِ جاءِ ادب جِي ناھي.
نادانن ناداني آھي، بيھڻ اُتي بُتي؛
وحدت جو پيو باز جتي، مُئو مرغ اَدب جو اُتي؛
وھم خيال وڃايا غيري، خيال ھڪڙي کُتي؛
سر ڪٽايو، سو ڪيئن موٽي، ويڙو جو شرط اُتي؛
"سچو" سَچ آھي اِھوئي، وسرئي نه پَنج سُتي.
ڪافي 6
نانءُ اِھوئِي، اِھوئي نانونَ وَارو، صورتَ مورتَ سائي وو.
اِسم خاني وِچؤُن اِسما، اِھو ڏَسُ ھادِيءَ جو جانِي، وو.
آھِ تَعجب اِھو جو، ڪَر لوڪان ذاتِي لِڪائِي، وو.
گاھي طاعَت گاھي عبادت، سَجدو سَھو سَھائِي، وو.
ٻئي پارون تان ڏئي ڏيکاري، اوڙَڪ خَلق مُنجھائِي، وو.
"سچو" سھي ڪَئي اِھا سڀائِي، جا بازِي يار بنائِي، وو.
ڪافي 7
آءُ، ادا سالڪَ، سھِي ڪر تون طلسمات کي؛
ڀَڃُ دوئِي تا ڪل پويئي، دور ڪر درجات کي.
سِر اھو سارو سڻائج، ڪَن نه ڏي ڪرامات کي؛
ظاھر ٿئين تان "ذات" مون، پر سمجھ تون "صفات" کي.
غازي نه ڀانئج غير تون، ھن محض موجودات کي؛
سِرسَٽجِ ھن سِر ۾، ڏي منھن نه ٻِي مصلحات کي.
بي اعتباريءَ سان ڪرين، ھَرھَر نفي اثبات کي؛
اثبات کَئُون اڳنان لنگھي، ڪَر تَم تون طاعات کي.
تون ڪيئن وٺِي ويھي رھين، ھَي ھاءِ حڪايات کي؛
ڳالھين مَنجَھئُون تان ڪِين ٿئي، ڀَڃ اوٽ عزىٰ لات کي.
"سچو" روئين ڇو ھيترو، بس ڪر ھن برساتَ کي؛
تَصديعَ تون ڇو ٿو ڏئين، محبوب جي محلات کي.
ڪافي 8
ڳالِھ سَھِي ڪَيَم ساري، ٻَڙي جيڏيون، يارَ جي، وو؛
ڀلو جيڏيون، ھوءِ... ھوءِ... ھوءِ... !
جي مون وسھَو جيڏيون، آءٌ اھو آھيان آري.
پوءِ پَروڙُڻ پانھنجي، لاتِي خَلقَ خواري.
پاڻِ ڪري ٿو پاڻَ کي، يارُ زور آور زاري.
"سچو" ري سِر پانھنجي، بِرہُ ڪَيائوُن باري.
ڪافي 9
ھو سو سَڄَڻ مُون ساڻُ،
جنھن جي ڪارڻ مُون ٿي پوٿيون پٽايون!
"وَھُوَ مَعَکُمۡ اَيۡنَ مَا کُنتُمۡ"، آھي سَندس اُھڃاڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي فالون وِجھايون!
سَدا مون وٽ سپرين، مُحب ناھي مِھماڻ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي واٽون پُڇايون!
اَھڙيءَ اوڏائِيءَ ۾، ڪونه پَيو مون ڄاڻُ؛
جنھن جي ڪارَڻ، مون ٿي راتيون لَنگھايون!
ھيڏي ھوڏي ٿي ڏٺُم، ڪِينَ پَروڙيم پاڻُ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي وِرھون وَسَايون!
پري پُڇُ نه پنڌڙا، "سچو" تون پاڻ سُڃاڻ؛
جنھن جي ڪارڻ، مون ٿي ميڙيون سَنباھيون!
ڪافي 10
ھيڏي ھوڏي نه نِھارِ،
تُنھنجي ويڙھي سو ته يار وسي ٿو!
ساڻُ سدا آھي تان تنھنجي، پِرين نَه آھي ٻي پارِ.
ڦولهي لَهج، پاڻَ مَئُون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.
"وَفِى اَنفُسِکُم اَفَلاَ تُبصِرون"، وِيجھو ڪِيمَ وسار.
پِريُن نه پُڇِج پَنڌڙا، تُون "سچو" پاڻُ سَنڀارِ.
ڪافي 11
اُھو ويو ھاڻي ڪاڏي، جنھن "سچُو" سو نانءُ سَڏايو!
مُکڙيءَ مَنجھؤن، نِي وي ميان، ٿيو گُل پيدا، وي ميان،
مُنھُن ڪري بِيٺو ماڏي.
سُڌ نه پَئِي، نِي وي ميان، طَرفَ اُنھي جي، وي ميان،
جان جُثو ويو جاڏي.
اھو ھلي ٿو، نِي وي ميان، اھو چلي ٿو، وي ميان،
گوشو ڪيو وڃي ڪاڏي!
ڏيھُ ڏاڏاڻو، نِي وي ميان، اڳُ ڏٺوسي، وي ميان،
پَلَٽَ ڪَئي پَڙاڏي!
نانءُ "سچوءَ" جو، نِي وي ميان، ويو اوڏاھين، وي ميان،
طَلَب ويئِي ڀي تاڏي.
ڪافي 12
ڀولِ نَه ٻئي ڪَنھِن ڀُلُ،
تون ته آدَم ناھيين.
لِڪو ٿو لاتِيُون ڪَرين، جيئن باغَ اَندَر بُلبُلُ.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واہ مِٽي تنھنجو مُلُ!
ڪير ٽَپائي، ڪير ڪُڏائي، شاھ بنا دُلدُلُ.
اَحد مَنجھارَؤن عَبد سڏايءِ، ھُئين تا پاڻَ اصلُ.
"سَچَل" چَوي سَچُ ٿي آئين، ڪونھي تنھنجو تُلُ.
ڪافي 13
آھيان آءٌ اِسرارُ،
جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!
ڪَنُ نه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.
ڇَڏي بادشاھِي پانھِنجي، ڪِيَڙُمِ ھِتِ شِڪار.
آيُسِ ھِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙھي بارُ.
آڻيو صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.
نوري ناري ناھيان، آھيان ربُ جبارُ.
مُرشِدَ ٻانھو نه چَيو، تون "سچو" آھين سَردارُ.
ڪافي 14
پَنھِنجي ذاتِ لِڪائي، ڪِيئن ٻِي ذاتِ سَڏايان!
ظاھِر ڪَريان ذاتِ کي، تا ھي بُتَ ڀَڃايان.
منَصُوريءَ جي مَوجَ ۾، ٿو "اَناالحَقُ" اَلاَيان.
واديءَ ۾ وَحدتَ جي، گھوري سِرُ گُھمايان.
"اعلىٰ اَعظم شانَ" جِي نوبَتَ نِينھَن وَڄايان.
ظاھِرُ باطِن ھِڪڙو، آءٌ تا حُڪم ھَلايان.
"سچو" سارو سَچُ ٿِيو، حِڪمت ھيءَ چَلايان.
ڪافي 15
اوھِين سَڀئِي ڇونَه ڄاڻو،
نانءُ مَٿِمِ آھي ڪھڙو!
اِسم اصلَ کَـئُون وِرہَ وَڌايو، صورتَ ھيءَ سُڃاڻو.
پاڻِيءَ منجَھون پارو ٿيو پيدا، واءُ عجب ڪوئي واڻو.
شاہُ جھانِ جو ٻانھو ٿِي، ڪَرَ وائيءَ ھِنَ وِڪاڻو.
ڏِسِي تماشو اِھو سو سارو، وَتي تان پاڻَ ويڳاڻو.
نانءَ وارو، سُڻو ري سَرتيون، ٿيو ھِتِ ڪِيئَن نِماڻو؛
مَستيءَ واري ساکَ نَه سلجي، "سَچُو" تون ٿِيءُ سِياڻو.
ڪافي 16
آھي بي نام و نشان،
سِر اِنھيءَ جو ناھي امڪان.
طرحِين طَرح پوشاڪون پھريئين، ڪُلَّ يَوۡمٍ ھُوَ فِى شَان.
ظاھر ذاتِ صفات سھي ڪَر، سِري سِرہُ الانسان.
منصوري آھي راہُ اِھو ئِي، جوشَ تنھين ۾ آ جولان.
غَرض گداگر يارَ اچي ٿو، نا ته "سَچُو" سارو ئي سلطان.
ڪافي 17
پاڻَ پِرين اُھو آھي،
متان ڀينر ڀولو ڀانيو.
جَنھن تي آھي تَنھن تي آھي، نانءُ ٻِئي تي ناھي.
پاڻُ پنھنجو سَھِي ڪَيو سين، ڪيچ وَڃُون ڪِيئن ڪاھي؟
ھِيئن تَنھن جو اَوھِين نه ڄاڻو، چَؤ تَڏھِن ٻِئو ڇا ھي؟
"سَچو" سارِي صورت اُھائِي، لوڏا لَڪَن جا لاھي.
ڪافي 18
تاڏي مُنھُن نه پِيو ڙِي مُنھنجو،
جاڏي لوڪُ لَڙي ٿو.
جيڪو ھُئَڙُس جيڏيون، ساڳو آءٌ ٿيو.
پاڻَ ئِي پُنھلُ آھيان، ڄاڻو ڪونَه ٻِيو.
ظاھِرُ مُنھنجي ذاتِ کي، ڪيچِن پاڻَ ڪِيو.
"سچو" سارو سَچُ ٿيو، وِچؤن وِرہُ وِيو.
ڪافي 19
اُتي پيو وَڃي خيال منھنجو، جِتي دَمَ قَدمَ جي جاءِ نه آءِ.
لامَڪانَ مَئُون لَهر لڙھِي، جَنھن مَٿي سَڀ ھوءِ ھاءِ.
وحدتَ جي درياءَ مَنجھارؤن، تون ڀِي وڃين موجَ مَناءِ.
بِرہَ توتي بادَلُ آندو، "اَ نَاالحق" جِي ھڪَل سڻاءِ.
قَطرو پاڻُ نه ڀانئِج عاشِقَ، ساروئِي تون بَحر سَڏاءِ.
ٻَئي جھان ھِڪو ڪَرڄاڻين، جلوَو تنھنجو جاءِ بجاءِ.
"سچو" آھِين سِرُ سُبحانِي، ظاھِر جو تون نانءُ وِڃاءِ.
ڪافي 20
پاڻ کي يارُ نَه ڄاتوم، ڀينر ڀُلِي آھيان.
ٻُڏيَس ٻِيائِيءَ ۾، جو پاڻ نَه سُڃاتوم.
موڳائِيءَ جي مونجھَ ۾، ٿي ورہُ وسايوم.
اَٿَڻُ ويھَڻ پانھنجو، ھِي ڀينَر ٿي ڀانيوم.
خاص مُناري خاڪ جي، سوسرتيُون سمايوم.
ڏِسَڻ ٻُڌڻ ھِڪڙو، ھي ڪاڏنھُن الايوم.
"يَنطِقُ" واريءَ رمزَ ۾، ھِي سِرُ سَلايوم.
نالو آدَمَ جو رکي، ھِن حيرت ھلايوم.
نانءُ مَنجَھؤن نانھِ ٿِي، ھِت "سچو" ٿي آيوم.
ڪافي 21
ڪَجو اوھين ويساہ،
سَرتيون، مُنھنجي ڳالھ سچيءَ تي!
آيو ڪنھِن تا ڳالھ کَـئُون، شھود ۾ شاہ.
لَڌم ھِھڙو ھوتَ جو، ريجھائي مون راہ.
جوئي ھدايت ۾، سوئِي آھي گُمراہُ.
اَحد اَحمد ھِڪڙو، آھي پاڻَ الله.
ساڳيون اَٿوَ پاڻ سو، چئو جو اَرواح.
"سچو" سچيءَ ڳالھ ۾، ڪَھڙو ڪَيَم گُناہ؟
ڪافي 22
سڀ ڪنھن ويڙھي تون وسين، ڪونه آھي ٻيو تو ري!
ڄاڻي ھِيئن ڄاتوم، توکي سانوَلَ سڃاتوم،
ھر جا آھين تون حاطي.
ھَر جا حاضر "تون"، موٽي ڪھڙي آھي "مُون"،
ھادِي کَڻُ حِجاب کي.
ڪاٿئين قاضِي ٿئين، ويھِي ناحق فتوىٰ ڏئين،
سوريءَ تي منصور جي.
موٽِي ٿئين منصور، ڪَيئي مُلَن جو مذڪور،
شاھد ٿي بيھين، شَرَع تي.
"اَناالحَق" آواز ھِي، تا سارو تنھنجو راز،
ظاھِرڪَيُئي بيھي زمين تي.
سرمد تي اَسرارَ، ڪَيءِ عالم تي اِظھار،
وري وڌُءِ شور شھرَ کي.
ھي سَڀُ ڪَم سنداءِ، آھن جاني جاءِ بجاءِ،
جيڪي ڪرين تون سو ٿي.
حاضر ناظر تون، باطن ظاھِر تون،
تُنھنجو ھُل ھَنگام ھي.
اُڀريو آفتابُ، جھَليو تارَن ھَڏِ نَه تابُ،
گوشا ويا ٿِي گُم سي.
"سچو" ڀَڃُ گُمانُ، ٿي حيرتَ ۾ حيرانُ،
جو مولا مَئُون ٻانھون ٿي.
ڪافي 23
اَحوال عشق لائي،
"سِرُسِرہٗ" بُلائي.
سِسِي شيخ عطار جِي، ٿو چوٽئين چَلائي.
ڏٺُوَ تماشو تيغَ جو، ڪُوپَن ڪَنڌ ڪَپائي.
دينَ ڪُفرَ مَئُون نِڪري، ٿو "اَنالّحَق" اَلائي.
واديءَ ۾ وحدتَ جي، ڪوڙيين سِرَ گَنوائي.
"سچوءَ" کي تنھِن صِفَت ۾، سائين مانَ سڏائي!
ڪافي 24
رانجھو چاڪَ ٿي آيو،
نه ڄاڻان ڪھڙيءَ ڳالِھ کَئُون.
پَڌر وِجھِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.
بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.
سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائِين ڪونَه ڪِنايو.
"مَاراءيتُ شيَئاً اِلا ورايتُ اللهَ فِيہِ" فائِق اِئين فرمايو.
"لَوکَفاالغِطَاء مَازتّ يَقِيناً"، حيدر ھِي رنگُ لايو.
مَاڻھوءَ جي مَظھَر ۾، آڻي سو نِينھنَ نِوايو.
"سچوءَ" جي صِفَت ۾، الله اِئين الايو.
ڪافي 25
نانوَن حَق ڇپايو، ڀلو جيڏيون، وو...ھوءِ، ھوءِ، ھوءِ!
ھِنيَڙي کي حيرتَ، يار وي، آھي اُھائِي.
لَهرن بحرُ لِڪايو.
ھِنيَڙي سان لائين، يار وي، رمز اِھائي.
ھاديءَ ھِيئن سمجھايو.
جان جسم جِي، يار وي، ڏيئي ڏيکاري.
لِڪ لِڪوٽي ٿي آيو.
رنگَ بيرنگَ ۾، يار وي، طرحين طرحين.
يار "سچوءَ" رنگ لايو.
داستان ٻيو
1
اَول گُمراھي، آھي رباني راہ ۾؛
تِنھان پوءِ ھَمراھِي، آھي ھيءَ ھدايت جِي.
2
جي اول ھِدايَتَ، تَحقِيقاً ڄاڻيج تون؛
زيادہ ضَلالتَ، آھي اُنھينءَ وچَ ۾.
3
قَدرُ ھِدايتَ جو، آھي ۾ ضَلالتَ؛
جي ضَلالت نه ھُئِي، تا ڪاٿي ھِدايت؟
4
جي تو نه تَجريدَ، تا آئين نَه تَفريدَ ۾؛
ڪاٿي ٿِي توحيدَ، ڪَاٿي بيھَڻ تانھِنجو!
5
جِتي ماڻُھن ميڙ آھِ، آءٌ تِتي ناھيان؛
سِسِي سَنباھِيان، پُٺِيءَ شاہَ حلاجَ جي.
6
جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نَه مَڃان مان؛
ڪوئي آھيان اَن، جو ٻانھو ڪَنھِن جو نَه ٿيان.
7
پَسِي ڀَت ڀُليوس، تا آءٌ آدمِي آھيان؛
وچان جان ويوسِ، ته ساڳيو سائِين آھيان.
8
ٻيائِي ٻانَھَپ ڇَڏِ، آءُ تون اَحديَت ۾؛
لَحمئُون دَمَئُون لَڏِ، تا پاڪائِي پاڪُ ٿِئي.
9
آڇِپا اَول آھِ، پوءِ ٽِکُٽ جو پنڌڙو؛
جڏھن ٽِکٽ جاءِ، وَڌُ تڏَھن اُن حَد کي.
10
فِراقاءُ فَرقُ، شالَ نه پوي جيڏيون؛
مون کي آھ مَرَڪُ، سَدا سوزُ پِرين جو.
11
جَھڙوڀانيُم پاڻ کي، تَھڙو آھيان آءٌ؛
باقِي رھيو نانءُ، "سَچو" مون صاحِبَ جو.
ڪافي 1
ذاتِيءَ مَنجھ ذاتِ ڇُپائي،
بازي جا يارَ بنائِي!
ھاديءَ حقيقت حالَ جي، مون کي ساري سُڻائِي.
سَڀ ڪَنھن ۾ سَڄڻنِ، نوبت نينھن وڄائِي.
ڪاٿئين "اَناالحق" جي، تن چوٽ تَه چَلائِي.
"انا اَحمد بلا مِيم"، اِھا معنىٰ مِڙيائِي.
ڪاٿئين مَسِيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.
موٽِي مَڙھين وِچ ۾، تَنھِن مالھان ڦيرائِي.
ڪاٿئين وٿِ نه وارَ جي، ٿِي ڪاٿئين جُدائِي.
ڪاٿئين مَٿي تَخت جي، ڪاٿئين گدائِي.
اندر ٻاھر ھڪڙو، آھي صورتَ سَڀائِي.
ڳالِھ نَه سَمجھڻ جھڙِي، پر سڀا سَمجھائِي.
ڪافِر مومِن ھڪڙو، "سچو" ٻوڙج، ٻِيائِي.
ڪافي 2
سڀَ ڪَنھِن پارِ پِرينءَ جو پَر تو، خوابون عينُ کلايو.
وحدتَ مَئُون، وو، ڪَثَرتَ ڪِيائين، رَنگيءَ رنگُ رَچايو؛
تو مان جي پَردي مَئُون ٻاھر، سرتِيُون ڇو نه سِڌايو؛
طرحين طَرح پوشاڪان پَھري، لالَن پاڻُ لِڪايو؛
ھِي سَڀ حُسن ھادِيءَ جو آھي، ڀينَر ڪِيمَ ڀُلايو؛
پاڻ ڳُجھو ڪِيائين پَڌرائِيءَ ۾، ھِيءُ تَنھِن ھُنر ھَلايو؛
"سَچيڏني" جي صورتَ ۾ تَنھِن، اِھڙي رمَز رلايو.
ڪافي 3
ھيڏي ھوڏي نه نھار، تنھنجي ويڙھي سو تان يار وَسي ٿو.
ساڻُ سدا آھي تان تنھنجي، پِرين نه آھي ٻي پارِ.
ڦولھي لَهِج پاڻَ مَئُون، ڇوٿو وَڃين وڻڪارِ.
پِرِينءَ نه پُڇِج پَنڌڙا، تون "سَچو" پاڻ سَنڀارِ.
ڪافي 4
ناھي ٻاروچو ڪو ٻيو، آھي اُھو جو مان روز ڏِسان ٿي!
ويٺِي ھُيَڙَس وَاٽَ تي، اَچي وسيلو ٿيو؛
ماڙيءَ مَنجھ معشوقُ ڏٺوسِين، لالَن پائي لِيو؛
دريءَ مَنجھون ديدَ ڏٺيسُون، لالَن پاتو لِيو؛
جَتَن ڪَج جَتَن جو، سَڱ سَبب سان ٿِيو؛
صحِي سُڃاتَم سُپُرين، يار يقينئون ٿيو؛
"خَلَق الاَشيَاءَ وَھُوَ عَينُھَا"، شَڪ وچَئون ٻِيو ويو؛
کڻِي وڃان آءٌ خوشِيءَ سان، سَرتيُون جي سُنھن ڏيو؛
سَير ساروئِي صُورَتين، پاڻَ قريبَن ڪيو؛
يارَ "سچل" تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کيو.
ڪافي 5
حاجي حَجُ اَڄُ ڪيوسي، ڪعبَو مُنھُن محبوبَ جو.
ھاڻ حاصل سَرتيون، اَڪبر حَج ٿيوسي.
ٿِيو قَبوليت مُنھنجو، جيڪو عرضُ چَيوسي.
ھِيءُ تَنُ طَوافي ٿيو، وچؤن غيرُ ويوسي.
ھاريون ڙي حَرمين ڏي، سَندن نامُ نِيوسي.
اُنِھيءَ ٻاجُھون ناھ ڪو، اِھو احرامُ ٻَڌوسي.
اُھو ڪَعبو اُھو قبلو، "سچو" ڏَسُ ڏيوسي.
ڪافي 6
تو ڪِيئن وڃايو پاڻُ، ڳولي لَھِج پاڻ کي!
پاڻ وڃايو نَه لَھِين، ڀَڃِي شَڪ گمان!
آخر گَڏيُئي گھرَ ۾، ميان سوئِي گَھرُ سُڃاڻ.
مَکَڻُ اکر ھِيڪڙو، ميان سوئِي کِيرُ سنڀاڻ.
آھين ناھين آھ سَڀوئي، آھ نڪو اُھڃاڻ.
ڇا جي ٿيندو، ڇا جي لَڀندو، صورت وچ سُڃاڻ.
"سچو" ٿي سَچُ آئيو، ماڳ اِنھِيءَ مِھمان.
ڪافي 7
سَڀ ڪنھن صورتَ ۾ سُپِريَن، سَرتيون ڙي، ساري ڳالِھ سَليائون.
ڏيو ٻاري سِجَ کي، ڪاٿي ڪِينَ ڏِٺائوُن.
ساڻُ روشِنيءَ سِجَ جي، پُرجھِي سِجُ پسيائون.
وحدتَ ڪثرتَ ھِڪڙي، جيئن مِينھَن ڦُڙيون مورائوُن.
"سچوءَ" سندي نانءَ ۾، اِھڙيءَ طرحَ اُتائون.
ڪافي 8
جيئَن سِجُ آھي پِريشان، سوئي ڳولي سِجَ کي.
مَڇِلي جيئي آبَ سان، آب پڇي طغيان.
تارو پُڇي نجَم کي، موجَ پُڇي مِھراڻ.
ڦُڙي پُڇي مِينھَن کي، شاہُ ڳولي سلطان.
ھو مِڙيئِي پاڻَ ٿِيو، ڪير ٿِيا حيران!
"سچوءَ" جي صفت ۾، اِھو باريءَ ڪيو بيان.
ڪافي 9
صورتَ سَڀ سلطان، پاڻَ ڏسَڻ آيو پَنھنجو تَماشو!
ڪاٿئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئِين مالِڪ، نعمان؛
ڪاٿَئِين پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پِڙھي قرآن؛
ڪاٿئين اَنَاالحق چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فرمان؛
ڪاٿئين طفوليَت ۾، ڪاٿئين پِيرُ جوان؛
ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ھَنومان؛
"سچُو" پيو صَبرَ ۾، ھوءِ حَيرتَ ۾ حَيران!
ڪافي 10
ٻانھون ڀانءِ مَ پاڻُ،
تو ھِين مالِڪ مُلڪَ جو!
"لاَ خَير فِي عَبدِي" اِھو اَٿَئي اُھڃاڻ؛
پاڻ پنھنجو پاڻَھِين، صورت مَنجِھ سُڃاڻ؛
تون ئِي ڄاڻَندڙ سَڀَڪِي ميان، ٿِئين ڪِيئن اَڄاڻ؛
اللهُ اللهُ ڇو چَوين، پاڻ ئي اللهُ ڄاڻ؛
"سچو" سائِين ھِڪڙو، ناھي شَڪ گمان.
ڪافي 11
آءٌ پُنھون پاڻ آھيان،
ڪاڪِيون مُنجان قاصِد ڪاڏي!
اِھا صورتَ سَمجِھي ڏٺِيَم، ساٿِي ٻِيا ڪيئَن سَنباھِيان.
ڳالِھ پَري ھُئي، ٿِي پَئِي اوري، ڪيڏي سي ڪانگ اُڏايان.
مُدعا مَطلب ھو مِڙيوئِي، پوٿِيون سي ڪيھُون پَٽايان.
سُڌِ پَئِي مون سِر انھيءَ جي، ڪيچ ڀنڀور کي ڀايان.
"سچوءَ" مَنجھَون ٿيو سچُ پِيدا، ڪيھون ڪوڙيون ڳالھيون ڳايان!
ڪافي 12
مون سان تون آھين آھين،
ڪَڏھن ڪِيئن ڪَڏھِن ڪِيئن!
اسان نماڻن تَئُون سُھڻَا سائين ، ھَٿ ھَٿَئون متان لاھِين.
آءٌ ڪَنِيزڪ، تون تان سائين، سڱُ نَه تَنھِن سان ڪو ساھِين ساھِين.
ڪَڏھن آرامِي ڪَرين اسان کي، ڪَڏھن بَڇين ٿو باھِين باھِين.
ڪَڏھن مَنصُوري دمُ اَناالحق، ڪَڏھن ڏَسين ٿو ڦاھِين ڦاھِين.
حاظر ناظر آھين اسان سان، ڪِيئَن چوان تان ناھِين ناھِين.
اَستَغفِرُالله ڳالِھ اِھائي، جو ڪُجھ مُون سان تون ناھِين ناھِين.
"سچو" جي عاشِقُ آھِين اسان جو، ٿِج نَه دردَ جون دانھِين دانھِين.
ڪافي 13
تو ۾ تَندُ تنوار،
ٻُڌين نٿِي ٻوڙِي، الا!
ڳالِھ اِھائِي ناھي سَلَڻَ جي، خَرچين سَو لکَ ھزارَ.
ساٿِيَڙن، ميان، ڪيا ھي سَڏڙا، لاھي سَڀ مَيارَ.
دم غنيمَت جا ھِت آھِن، ڏينھَن دنيا ۾ چار.
"سَچلُ" آکي عِشق مَنجھارؤن، تڳان تُنھنجِيءَ تار.
ڪافي 14
مَحبوب ڳولي ڏسُ مَنَ ۾،
مَنَ ۾ تون، ڏسُ دل ۾ تون.
واہَ ڪاريگر سازُ بَنايُئي، "ڪُن فَيَڪُون" جي ڪُنَ ۾.
بي فائِدو بازارگُھمين ٿو، گُلَ ڦُلَ باغَ بَدنَ ۾.
چوريءَ چوريءَ سَير ڪَرين ٿو، تُنھنجو چاند چَمَنَ ۾.
"سَچَلَ"، سائين صَحي ڪَر ڄاتُم، يار گَڏيو ڪَکَ پَنَ ۾.
ڪافي 15
مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي!
مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون "سَچَو" صفاتِي.
ڪافي 16
پاڻُ سُڃاڻڻ آيو، ڙي، سڄَڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو.
ڪَم نه ھُيَڙس ڪو ٻيو!
پاڻَون ڄاڻِي پاڻ سان، ھِت لَؤن تان لائِڻ آيو.
عَرش مَنجھارؤن اُلَهِي، ھِت ورہُ وسائِڻ آيو.
سولِيءَ تِي مَنصُورٿِي، ھِت سِر سَلائِڻ آيو.
مِصر جي بازار ۾، ھتِ مُلھ وڪامَڻ آيو.
"سچو" ري سنسارَ ۾، ھِت پير گھمائڻ آيو.
ڪافي 17
توڙي پُٺيءَ لڳي سارو جَڳُ، تان ڀي ڇا ٿيو؟
ناھي مَڃتا ۾ مَطلبُ.
نَفِي، سِري، خفي، اخفا، توڙي جاري ٿِيئي قلب.
ڳالِھيَن ڪِئي ڪِين ٿِئي، مَنصُوري منَصَب.
ڪاڻ تماشي ڪِيتَرا، پُڇن پار عَرب.
ڪَري ڏيکارين ڪيترو، عالَمَ کي به عَجب.
نَفلَ نمازان وردَ وَظِيفا، اِھو ڪوڙ ڪَسَب.
دائرا دَعوتَ جا ڦرِين، ڪَرين تَسخِيرات طَلب.
ٻاجھَون عشقَ اللهَ جي، "سچو" ٿِئي نه سَبب.
ڪافي 18
چَئون ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!
يا تُون آھِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاھ ٺھائِين ٿو.
ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُغ برھمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُنھن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.
ڪاٿَئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.
ڪاٿئين پيرين آھِين پيادو، ڪاٿَئِين بور بَڇائِين ٿو.
ڪاٿئِين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پَٽائِين ٿو.
ڪاٿئِين زربفت قبائون، ڪاٿَئِين لِيڙا لڙڪائين ٿو.
ڪاٿَئِين ڏيئِي شرعي فتوىٰ، ڪاٿئِين مَنصُور مارائين ٿو.
ڪاٿئِين ھَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏھيسر سڏَائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئِين لَڇمڻ لَکائِين ٿو.
ڪاٿِئين نمرود ابراھيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسىٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿي بادشاھ مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.
ڪاٿئِين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.
ڪاٿِئين مفتي تون "خدائي"، ڪاٿئين "اَنَاالحق" فرمائين ٿو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سچل جو رسالو
Subscribe to:
Posts (Atom)



رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي