وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Monday 30 December 2013

ڪافيون حصو ٽيون

ڪافي 121
اهو بَر ڀِي بازر آههِ، جتي ديرو دوستَ جو!

ڏونگرُ ڏولِي ڀائيان، سپيريان جي ساءِ!
چُمنديس چَپَن سان ميان، سندِي جانب جاءِ.
محبت محبوبن جي، ڪاري هينيڙي کي هاءِ هاءِ.
ويٺي ڪانگَ اُڏايان، لَکين لالن لاءِ.
مون کي ڪيچَ وَڻن ۾، نيئي پانڌيَڙا پَهچاءِ.
ساٿِي سُپرين سان، هِيءَ گداگر گڏاءِ.
�سَچُو� سَڄَڻن کي ميان، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ.

* ڪافي 122
ڙي جيڏيون، هاڻي گھوريو، هوتن رِيءَ سارو شهر ڀنڀور!

لائيندا وو لطف سان، هِن ڏکيءَ کي ڏور.
هَيءِ هالاڻي اُن جي، شعُلي وڌڙو شور.
مِنت نه منهنجيءَ موٽيا، زاري نه آهي زور.
دَرَسَن ساڻ دفع ٿيو، سندو هِنيڙي هور.
�سچو� سندن راهَ تي، هِڪَ جفا ٻيو جور.

*هيءَ ڪافي 122، سسئي داستان نائون ۾
ڪافي 8 طور شامل آهي.

ڪافي 123
حال معلوم تو کي هٖي ئي، آءٌ تا وسِ نه ويٺياس!

پرين تنهنجي پار ڏي، قاصد مُنجان ڪيئِي-
ايڏانهن منهن ڪيو بيٺِياس.
ڇڏي وڃ نه ڇپرين، مُنج دلاسا ڪي ڏيئي-
تنهنجي محبت مارياس.
چئي ٻڌايان سرتين، هن سٻاجھا سي ئي-
آءٌ تا وار نه وسرياس.
پاڻئون پري نه ڪري، آءٌ پٺيءَ اوهان جي پيئي-
تنهنجي پَکي نِي پيٺياس.
ساٿي ڏيج �سچو� اِهي، نياپا تون نيئِي-
آءٌ تا گَھڻو اُڪنڊياس.

ڪافي 124
منهنجو پَنڌڙو پَههُ آهي، ڀَلو سرتيون سانولَ ساڻ!

سو تا ڇِنَڻ جيهو، اَصل کَون ناهي-
آهي سَڱ ته پُنهونءَ ساڻ.
ايندو، اَٿم آسَرو، آسَر هَڏ نه لاهي-
ٿيندو مُئيءَ جو مِهماڻ.
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، ڪيچ ويندي هيءَ ڪاهي-
لڳم ٻاروچي جو ٻاڻ.
* هِيءَ ڪَميڻِي ڪوڙِي، سڱ ساڻن ساهي-
پر پرين ڏسندا پاڻ.
�سچو� ڄاڻ صحيح ڪري، توڙي باب سَندن هِيءَ ناهي-
ته ڀي نيندا سٻاجھا ساڻ.

*ڪافي نمبر 665، سُر بروو 210، �رسالو سچل سائين� مرتب علي قلي بيگ.

�*ڪافي 125
منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،
عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.

عشق اچي نعرو هنيو، ٿيس سڀائي باه باه.
نظر مون کي هادي آيو، ٿيو سوئي الا الله.

عاشقن سُرڪي جا پيتي، ٿي سڀائي هو هوا،
منصور، شمس تبريز پارن، هٿ ڪياؤن جاه جاه.

ويا سمنڊ ۾ ڏيئي ٽٻي، سارو لڌائون سُڌ سماءُ،
الف سان جي گم هئا ٿيا، ڪُل شيءِ هرجاءِ جاءِ.

�سچو� ڏسڻ سان سُرخ ٿيو ۽ تخت تي هو شاه شاه،
رچي اُتاهون لعل ٿيو، سارو اهو هو خود خداءِ.

*ڪافي 125 کان 129 تائين پنج
ڪافيون، علي قلي بيگ صاحب جن جي مرتب ڪيل �رسالو سچل سائين� تان کڻي هتي شامل ڪيون ويون آهن. ٻنهي رسالن کي ڀيٽڻ بعد اهي
ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، جي رسالي ۾ اڳ ۾ موجود نه هيون.

�ڀيروي، ڪافي 82، صفحو 78 �رسالو سچل سائين� مرتب علي قلي بيگ.

* ڪافي 126
عشق لڳي تان ڪر آمين، نا منجھ ڪفر نا منجھ دين.

سٽون سورن جون ڪهڙيون پڙهين ٿو،
ورهُ نه پُڇندئي وَلَاَالضالِينَ.
ديد ڏِسي ڪي ديد اڙائين،
نينهن نه پُڇندئي نابين.
جلوهه عشق جو عرش ڪُرس تي،
سرزمين ڇا زير زمين.
دل سان ذرو درد قبوليم،
ڪشف قبور ڪرامت ڪين.
شُبها شَڪَ سڀوئي لاٿم،
پاڻ سڃاڻڻ سان يقين.
طالب ڪي تاويل گھرن ٿا،
ڪن تمنا تي تمڪين.
هادي عبدالحق �سچوءَ� کي،
توڙؤن هئي تا ڪئي تلقين.

*(سر آسا، ڪافي 3، صفحو 26، ايضا)

* ڪافي 127
سارو ئي سر آهي، ڪاٿي سچل، ڪاٿي ذات سچل دي.

مؤج درياء حُباب کڙا ڪيا، ڄاڻج ڪو شڪ ناهي.
آهي اونهون اسرار الاهي، ڇا منجھارؤن ڇاهي.
پنهنجي پاڻ پسڻ جي ڪارڻ، ٺاهَ لکين ٿو ٺاهي.
عاشق، عشق، معشوق اهوئي، ڏانوءُ ڏاڍو ڪيو ڏاهي.
�الاالله� اثبات مڙو ئي، �لا� کي ڇڏ تون لاهي.
�لي مع الله� سمجھ اشارت، فيل لنگھيو منجھ پاهي.
واٽ اهائي وحدت واري، ڪامل ايندا ڪاهي.
سوئي اندر سوئي ٻاهر، ڪئين چوان ائين ناهي.
ڳالهه �سچل� جي سالڪ سمجھين، لوڪ جي ليکي ڇاهي.

*(بروو، ڪافي 44، صفحو 149، ايضا)

� ڪافي 128
تون رَب ڏاڍو بي پرواه،
آءٌ تا ڊڄان تنهنجي ڊاء.

ذڪريا ڪرٽ وجهايئي، سِسِي ساه منجھا.
هو مڪي جو ڪوڏيو، تنهنکي ڏنئي ڪين ڪهڪاءُ.
حسن ۽ حسين مارايئي، ڏئي جيءَ جفا.
ڪربل منجھ قتل ڪرايئي، ترس نه پيڙئي ڪا.
ظلمي آهين، رحمي آهين، جا وڻئي سا واه.
�سچوءَ� تيز تي سڀ هنئين، جيڪا رَبَ رضا.

*سر بلاولي، ڪافي 88، صفحو 51، رسالو سچل سائين� مرتب علي قلي بيگ.

* ڪافي 129
ڪرن مڙيئي قتل عام،
پاڻ ڪريان جي پڌرو.

جدا جماعت کان، آهيان پاڻ امام.
دم نه اڳيون دين ٿيو، ڪفر نڪو اسلام.
فارغ هئڻ فرض کؤن، سُنتَ کي به سلام.
�سچوءَ� آيو سچ ۾، ناهي حلال حرام.

*ڀيروي ڪافي 186، صفحو 89، ايضا.

ڪافي 130
ويندي تا وڻڪار،
جيڏيون هي لڳ هوت بلوچ جي.

ڪيئن وِهان هتهين، آهي منهنجو ڪم ڪوهيار.
** ساه منهنجو سرتيون، آهي پرين جي پار.
هِيءَ دل ديواني ڪري، هو ٿيا پاڻ قرار.
جات جَتن جِي جيڏيوُن، جِيءَ وڌو آهي جار.
�سچو� نه وسار ساه کون، دوستَن جي دربار.

** ڪافي نمبر 270، سر بروو، صفحو 211، �رسالو سچل سائين� مرتب علي قلي بيگ.

ڪافي 131
عين اَٿَوَ اِنسانُ، ڀول مَتان ڀُلي ڪائي!

دَلقُ درويشِي، پهري آيو، صورت هِن سلطان.
آهي جَڳَ ۾، سُڻو ڙِي جيڏيُون، صاحب جو سيلان.
ڏِسي تَماشو يارَ سڄَڻ جو، هَر همَہ حيران.
واه عجائب جيهو ڪيائِين، �سچو� ري سامان.

* ڪافي 132
ٻاروچي لَؤن لائِي، ميان، ڪوهياري لَؤن لائِي!

ڳالهه نه ڳَرهڻ جھڙي، ڏاڍِي سور سلائِي.
سَرتيون مون سان سورَ ۾، ڀينَر ڪانهي ڀائِي.
هِيرَ وڻي سا هانوَ کي، ڏَنهن عجيبن آئي.
سِرُ ڏيڻ سيڻَن کي، �سَچُو� آهي سَچائِي.

* هيءَ ڪافي 132، سُر سسئي داستان پنجون ۾ اڳ
ڪافي 5 طور پڻ شامل ٿيل آهي.

ڪافي 133
صحيح سُڃاڻج ساري، خود آهين وي خُدائِي!

لکين سِتارا گم ٿيا، روزَ ڪَئِي روشنائِي.
ڪوڙين قطرا ڪارونڀارَ، ڪِي سَمونڊَ سمائِي.
سُڌِ تِنهين سِرَ انهيءَ جِي، مٿي جنهن جي آئِي.
تخت هَزارو اوري رهيو، پَري رهي بُلي شاهي.
�سَچُو� سَچي ڳالهڙِي، پاڻَ پِريَن پُرجھائي.

ڪافي 134
وَس ڪا آهي ويچاري! - هُئَڻ هن جو هوتَ، ناهي!

اُٺَن اُوٺارن تَؤن، سائين الا، صَدقي آءٌ سَو واري.
چايم ڏاڍي چاه مان، سائين الا، بِرهُ بلوچي باري.
هيڏي هوڏي جان ڏسان، سائين الا، اَندر ٻاهر آري.
ٻانهون ٻانهِن جان ٻڌي، سائين الا، زار ڪريان ٿي زاري.
�سچو� سهي جي ڪرين، سائين الا، حَق حقيقت ساري.

ڪافي 135
تون آءُ اسان وٽ يار: تنهنجي اَچَڻَ ڪاڻ-
جِيئڙو جُکي ٿو، ساهڙو سِڪي ٿو!

بَس نه وَهڻ کَؤن ڪَرن، هي نيڻن سَندا نارَ.
ماٺ ڪندي ئِي چاڙهيا، بِره اسان تي بار.
پِرين پاڙج پانهنجا، جي ڪيَئي قولَ قرار.
چُمِي چَشمن تي کَنيم، تنهنجو عشق اَلہ توهار.
باه جيهو آءٌ ڀائيان، جو دمُ توهَئون ڌار.
راتو ڏينهان تانهنجي آهي، �سَچُوءَ� سار سنڀار.

ڪافي 136
دردمندن جي دل جو، ميان، شوقِي وو يارُ شڪاري!

يار سُهڻي جون ڏسو ڏهاڙي، ڪَن ٿيون خون خماري.
سوز وارن کي سيني اندر، ماري قيبر ڪاري.
چشمان چوٽَڪ ڏاڍو لائن، ڪجليان هَن قهاري.
ٻانهون سي ٻڌيم اڳيون انهن جي، زاري سَوَ لکَ زاري.
دل اسان جي وو لُٽ نِيَن ٿيون، ٻَئِي چشمان چاري.
پاڻان ڄاڻي ظاهِر ڪيائين، هوءِ هوءِ حُسن هزارِي.
جِيءُ �سَچوءَ� جو جار وڌائون، ڏيئي پاڻ ڏيکاري.

ڪافي 137
سِگھا اِيندا، سِگھا ايندا، پانڌي پِرين جي ڪِي تا!

سڪائِيءَ سان سرتيون الا، ڏکَ ڀائِي اَچِي ٿيندا، ڀَلِي اِيندا.
دردمنديءَ جي دل کي، ميان، دوست دلاسا ڏيندا، ڀلي اِيندا.
ڪين ڇَڏيندا ڇَپَرين، ميان، نال نماڻِي نِيندا، ڀلي اِيندا.
پَکا پکن سا مُهان، ميان، آڻي پاڻَ اڏيندا، ڀلي اِيندا.
سو ڏينهن ٿيندو ڪهڙو، جو �سچو� نانءُ سَڏيندا، ڀلِي اِيندا.

ڪافي 138
تنهنجي محبت موهيو، رَمزن ريهيو ريهيو، هِي تا ساهُ -
آڻئِي الله!
طرف تنهنجي راتو ڏينهان، چِتِ هَڻيرو چاهُ-
آڻئِي الله!
آهي اسان سان سُپرين، حبَ سندَوَ هَمراهُ-
آڻئِي الله!
پيو پناري تانهنجي ميان، هي ڏوهاري ڏاهُ-
آڻئِي الله!
واڪا ڪَيون ٿو وهي، دل اندر درياهُ-
آڻئِي الله!
ڪشي ڪَري ڪپڙا، �سچو� مَليندا پاهَ-
آڻئِي الله!

ڪافي 139
هوتَ ڪڏهن نه هلايُوَ، پانڌي پنهنجي پارَ ڏنهن اسان ڏي!

طرف توهان جي مُڪوسين قاصد، سو ڀي وَهندو ڪين ورايُو!
نياپو منهنجي نيهن جو، جيڪَر ساٿِيءَ نه سڻايُوَ.
هو جو ڪَيو هووَ وعدو، سو تا ياد نه آيُوَ.
�هر دم هونداسين اَسين توئي سان�، فائق هِيئن فرمايُوَ.
تنهن ڏينهن لاڪُون يارَ �سچوءَ� کي، باري برهُ بڇايُوَ.

ڪافي 140
ڪالهه قاصدَ اوڏانهون آيا، اِها ڪَيئُون آگاهي!

�پار ڀنڀور جي هئا اچَڻ جا، ساٿَ ڌڻيءَ کي سعيا�-
چڱِي ڏنائون گواهِي.
مُنهن محبوبن جو ٿيو اسان ڏي، پيا سي پَنڌ سَجايا-
ڪيها رَهبر ڪريان راهِي!
يارَ مُسافر ڪِيُم اُداسِي، ڏور جنين ڏينهن لايا-
آڻي تون ميڙ اِلاهي!
پاندُ ڳچيءَ پائي اڳيون پِرين جي، اسان ڏوهَ سڀئِي بخشايا-
ٿيا سي پاڻَ صلاحي.
�سچو� اُتاهون اَچِي رَهِي هِت، ويڙها سي يار وَسايا-
غَم لَٿِي گُمراهِي.

ڪافي 141
هاري سو پاتُئِي هار، تا آءٌ ڄام چنيسر آوڙان!

جنهن دوستَ کسايو دَم ۾، سَٽ اُهو سِينگار.
هَٿَئون پَئِي تنهنجي آهي، روئين ڇو زارو زار.
داڻو هُيَڙو درد جو، جنهن ڪيو بهشتَؤن بيزار.
ڏوهُ ته تنهنجو ڪونه هو، پرَ نِينهن ڪيو نروار.
پَلنگئون پئينءَ پَٽ تي، ڪَري گوندَرَ گفتار.
�سچو� سهي جي ڪَرين، هِيءُ هو عشقَ جو اسرار.

ڪافي 142
هارَ چنيسر ڄام، ليلان کسايو دَستَؤن پنهنجي.

ڌاڳو مَڻيون هو ڪَسوٽِي، جو دل جو ٿِي پيو دام.
نَظَر وڌئِي تا غيرَ تي، تيلهان تون ٿِيئن تمام.
ڀُلِي ڀولِي ۾ پئينءَ، هار ڀانيُئِي آرام.
تنهن ڏينهن آندئي پاڻَ سان، سورن جو سر انجام.
�سچو� رَه صَبر ۾، عِشقُ ٿِيئي انعام.

ڪافي 143
ڪِيئن چَوين ٿو، ڪِيئن چَوين ٿو!
لوڪ ناهي ٻيو؛ ڪِيئن چوين ٿو؟

لوڪُ سَڀوئِي اُهو آهي، ڪيئن ٻيائِيءَ مَنجھِ پَوين ٿو؟
اَڄاڻ بنائي پاڻ بيهاريُئي، غمزي انهيءَ ۾ ڇو نه گوين ٿو؟
ساڻ سچي تا �سچو� گذارين، راند روئڻ جِي ڪيهِي رَوين ٿو؟

ڪافي 144
ڀُل وڃي ٿو، لوڪ ساروئِي ڀُل وڃي ٿو!

�مان�، �تون� ويندي، اُهوئِي ٿيندو، ڀولُ اهوئِي جيڪو ڀَڃي ٿو.
اهو اُهوئِي سَرتيون آهي، نه تا اها ڪوئِي ڳالههِ مَڃي ٿو.
اندر ٻاهر اُهوئِي آهي، �سچو� هِي سِرُ صحيح سڃي ٿو.

ڪافي 145
سُهڻو سڱ ٿيو، ڪاڪيون ڙِي، ڪيچَ ڌڻين سان، شالَ مولو ميڙيندو!

اڳئين کَؤن ڀي اڳرو، ڀائن تان وره ويو!
آريءَ جي اولاد سان، ڏاڍو پيچُ پيو.
بيڪَسِيءَ جي دائري، تنهن کي نِيهَن نيو!
صدقي تَن سيرن تؤن، �سَچوءَ� ساه ڪيو.

ڪافي 146
شال مون سان وريون وريون،
ڪانگ ڪَرين مِٺيون ڳالهِيون!

جدائِيءَ جون جان جسم تي، ڪيون پورن پَريون پَريون.
دردَ سَڄَڻ جي دل منهنجيءَ کي، زور ڪيون ذريُون ذريُون.
ڏکن واريون ڳالهيون، اسان ڀي دل پائي ڌريون ڌريون.
وايون وصل جون يار، �سچو� تون، متان ڪرين ڍريون ڍريون.

ڪافي 147
مون کي متان تون ڇڏين،
سونها ڙي سَڄَڻ جا!

مَ ڄاڻان ڏينهن اُهو تا، ٿيندو اَلاجي ڪَڏهين.
نانءَ موليٰ جي محبوبن سان، نئِي غلام کي گَڏين.
حاضر ٿِئين حضور ۾، نانءُ �سَچوُ� ڪري سَڏين.

ڪافي 148
اهو آهي آهي، يار ساڳيو ساڳيو!

اوهين ڄاڻو ساڻ يقيني، ٻيو سو ناهي ناهي.
ميخاني وچ مست هميشہ، ڪيئن سو ڪعبي ڪاهي ڪاهي.
لوڪ سارو ٿي هِت جو آيو، سَڀ حجابان لاهي لاهي.
ظاهر باطن آهي اُهوئي، جان جثو وري ڇاهي ڇاهي.
نانءُ �سچوءَ� جو آيو صفت ۾، ڏانءُ ڪيو ڪيهو ڏاهي ڏاهي.

ڪافي 149
هيءَ پورهيت پاڻِيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچا تنهنجِي!

حاضر خدمت اَچي اوهان جي، حال چونديس روئِي.
ساٿي اسان جي سُڌ لَهَڻَ سان، سوال پورو ڪَر سوئِي.
ڪِيئن وساري ويهان اوهان کي، ڪئِي تا هِهڙي توئي.
طوطيءَ جي ڳچيءَ سو سَلامن، �سچوءَ� مُڪا پڻ پوئي.

ڪافي 150
واتِ مون کي آهي وائِي، خان ٻاروچا تنهنجي!

پرين نَه مُڪَوَ طرف اسان جي، لِکي ڪتابَتَ ڪائِي.
ڀيرو ڪندين وري ڀنڀور ڏي، اِها اَڌَرَ مون آئي.
حالَ منهنجي جي خَبَر نه ڪنهن کي، چڱي سَڄَڻ تو لائِي.
اِهو آسرو مون کي آهي، ٿيندين اَچِي ڏکَ ڀائي.
اڄ صبح تا اڱڻ �سچوءَ� جي، جانِي اِيندين شالَ جائِي.

ڪافي 151
سُڻ منهنجڙو حال،
دلبر ديس وسَئي، گھوريو ڙي پَرڏيهه تو تؤن!

مون کؤن پَري نه ٿئين، سائين مَڃ سُوال.
منهنجو توسان تا آهي ئِي، خاصو يارَ خيال.
روئان واٽڙين تي، ڪَريو ههڙو حال.
واڳان وطن پانهنجي، ڦيري آءُ فِي الحال.
تو کؤن ڳجھو ناه ڪو، عاشقَ جو اَحوال.
ڪَر �سچو� کي سپرين، کڻِي نيڻ نهال.

ڪافي 152
قاصدَ وري ويندين،
ديس ٻاروچل جي، ميان!

خَبَر خوشيءَ جي وٺي اُتاهُون، سِگھو اسان ڏي ڪِي اِيندين.
دردمندِيءَ جي دِل کي، هاڻي ڏاها دلاسو ڏِيندين.
سپيرين جي ڳالههِ ڳُجھيءَ جو، وڃي سو واقف ٿِيندين.
سوزَ فراقَ جي، يار �سچوءَ� جو، تون هِي نياپو نيندين.

ڪافي 153
آئين قاصدَ ڪالهه،
پرينءَ جي پار ڏنهن، آندئِي جي سَنِهيا سَل اُهي ئِي!

هاريا هِنَ جي حالَ جِي، ڪا هُئِي هُت قِيل مَقالَ؟
پاڄِيءَ کي پَرديسَ ۾، سِڪندي ٿِيڙا سال.
پِريَن ڪِي مون پُڇِيو، ڪا خَبرَ ڏي خوشحالَ!
ڪِي ڪَڍندا هجر فراق کي، ڪِي ورندا واوَ وصالَ!
�سَچُوءَ� سندي ساهَ جِي، ڪا هئي هُت کين سنڀالَ!

ڪافي 154
عاشقَ ڪر آرام،
پِرينءَ گھڻو پُڇيو تُنهنجو، خوشيءَ ۾ رَهُ، ري!

طرف تنهنجي آهِ، اَچڻَ جو، اسان جو اَنجام.
رَهبَر عاشِقَ کي وَڃِي، سَوَ لَک ڏيج سَلامُ.
اڳنان آهي تانهنجو، سُرهائِي سَر انجام.
جيڪي چَيُوَ، تانهنجو آهي، ڪُلِي قبول ڪَلام.
�سچو� تنهنجي ساه کي، آههِ محبت بخش مدام.

ڪافي 155
يار منهنجي کي ڪريو، مِنَت وڃِي ڪائِي!
پَرڏيهه وڃ نه مون پِرين، يارَ تو سان مون تا لائِي.
اَندر منهنجو اَڌ ٿيو، ڪري وڃڻ جِي ٿو وائِي!
ڏسو اوهين ٿيون، دل ڏاڍي سان، اديون آ مون اٽڪائِي.
چڱا مِڙيائي ميان اِئين چون ٿا، �لائِي ته توڙ نڀائِي.�
هِجَر منجھارؤن ٿِيندي وصالت، اِها ڳالهه �سچُوءَ� آزمائي.

ڪافي 156
هاڻي مون کي پِريَن پوءِ،
جيڏيون جِيَڻ جنجال ٿيو!

ويٺِي واٽڙين تي، هِيءَ راتو ڏينهان روءِ.
ويهڻ هن جو وهه ٿيو، هو لَڏي ويڙا لوءِ.
دردمندِي دانهون ڪري، آهي هوتَن رِيءَ هوءِ هوءِ.
ڪاڪِيون مُون ڏي ڪيچ کَؤن، شالَ قاصد اچي ڪوءِ.
�سچوءَ� ڪندي سال ٿيا، وَريتِيون ووءِ ووءِ.

ڪافي 157
يار ساٿيو ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان، ڀلوڙي ميان،
دوستَن جي ڪَلَ مون کي ڪا ڏيجو!

هِيءَ نماڻِي در وڪاڻِي، نالِ نباهي نيجو.
ڪِيمَ وساريو، مئي نه ماريو، ڇوري تا نه ڇڏيجو.
ڏيو دلاسا ڪڏهن اِيندا، لوءِ ئَون تا نه لڏيجو.
جنهين ويلي هلو اِتاهون، �سَچوُ� نانءُ سَڏيجو.

ڪافي 158
ساجن اِنهيءَ سير، اِيندئِي ڙي اَڃا!

سي ئِي پَهتِيون پِرينءَ سان، جي گھِڙيون انهيءَ گھير.
سپيريان جي سيرَ ۾، هيجَؤن هِينئڙو هير.
ٻَڌي نچج نيهَن جي، ڇاتِيءَ ڇاتِيءَ ڇيرَ.
�سچو� سائين جي پُڇين، ڦَندَ سَڀئِي ڦير.

ڪافي 159
�توکي عاشق پنهنجو ڄاڻان، تو کي سَونِ ۾ سُڃاڻان!

�اسين تا توسان آهيون سدائِين، وجِھج ڪِين وڃاڻا.
�اُهي تا آهن نظر اسان کي، اَچِي جي در وڪاڻا�،
دستَؤن ڪري ڏِنو هِي مان کي، يارَ دارونءَ جا داڻا.
سَهجِ �سَچُو� تون ساڻ يقيني، محبوبن جا ماڻا.

ڪافي 160
هوتَ اسانجڙو حال، تون پاڻَهِين ٿو ڄاڻين!

اوهان ٻاجھون وو سپرين، ميان اَلا، ساعت ڀايان سال-
وري اَچج آرياڻِي.
راتو ڏينهان روح کي، ميان الا، سندُو خواب خيال-
هِيءَ اَٿَوَ نِماڻِي.
معلوم تو کي مون پِرين، ميان الا، عاجز جو اَحوال-
تون سانول سُڃاڻِي.
ڇڏين ويندين وو ڇَپَرين، ميان الا، تو لڳ ڪيم ڪشال-
تون هِيئن ڪِيئن هوتياڻِي!
سوز اوهان جي وو سُپرين، ميان اَلا، بِره ڪئِي بيحال-
ته ڀِي عذر نه آڻي.
لاه فراق وو فقير کَؤن، ميان الا، �سچو� مڃ سوال-
هيءَ هادي لئي هاڻِي.

ڪافي 161
منهنجي اڱڻ اَڄ آءُ،
پرديسيڙا ڙي يارَ!

والي شالَ وصال جو، ڪو وري لڳي واءُ.
اچي هَڏ نه هِتَهين، سانوَلَ تو ريءَ ساءُ.
ميان مشتاقن جو، اَچي صاحب لهه سَماءُ.
دانهون ڪري دردَ ۾، جا ڦٽي فراقاءُ.
ٿيون مَدايون ڪيتريون، سائين �سچوُءَ� کانءُ.

ڪافي 162
اوڏاهون قاصد جي آيا، تَن هُلائي هِيءَ وائِي:

هاڻي هوتياڻِن جي، هُئِي تو ڏي تياري،
واٽان پُڇي تانهنجون، ٿو اَصل کان آري،
ڌاري، سنديَوَ حال جِي، هت معلوم سَڀائِي.
اهو رکج آسرو، جو اَڄ تو ڏي اِيندا،
ڏيئي ٻانهون ڳل تو وري، پرين پَرچائيندا،
هيڪَند ٿيندينءَ هوتَ سان، تون جاڳندي جائي.
مارئِي ماندِي نه ٿِيءُ، ڇو گوندر گذارين،
واٽان اَچَڻ ان جون، ٿِي نِت نِتِ نهارين،
جھڙي تون هِت آهين، آهين هُت ڀِي اُهائي.
ويو وڇوڙيو وچ مَؤن، تون گڏيئن سائينءَ ساڻ،
توسان آهن سُپرين، پَري ڀاءِ نه پاڻ،
�سچو� ٿِيندين سيگھڙي، اها وائِي سوائي!

ڪافي 163
ڪيچي ڏٺم اَڄ اِتي،
اوهين تا ڇا ٿا ڀانيو!
سال لنگھِي ويا ڪيترا، ڪاڪيون ريءَ ڪِتي.
اڄ تا وينديَس ڪاڏي ڪِينڪي، هُوُ سو، تا منهنجو هتي.
منزل محبن جي جتي هوندي، ميان، هونديون سَرهايون تتي.
موڳائيءَ جي مونجھ ۾، سائين الا، ڪانه ڏِسي گَپَ ۾ گِتي.
سودو سيڻن سان حال ٿيندو، ميان �سَچُو� تا سِرَ ڏتي.

ڪافي 164

اَڄ اوڏاهين سي آيون، مون ڏي خَبران خير جون!

ٻيو تا توسان دوستَ وي، ڪون برابَر ڀايون.
لِکي مَؤن معلوم ٿيو، هاڻي پير ايڏاهِين ٿا پايُون.
سَنڀري تو کي ميان ڏيهه سنديءَ، لک ٿورا ٿا لايون.
سورن واريون سڀئي ساعتون، تو تان لکَ لنگھايون.
توکي ٿينديون هاڻي حاصل، �سَچَو� ري سَرهايون.

ڪافي 165
منهنجِي حجت تو سان ناهه، توکي مولو ميڙي يار!

مون هِن نماڻِيءَ کي، آسَر سَندُوَ آههِ.
اندر ٻاهِر تا تنهنجِي، جانبَ آهي جاءِ.
ڏونگَر ڏورڻ آئيا، ساڄَڻ تنهنجي ساءِ.
�سَچُو� آهي سِڪَ ۾، لالَن تنهنجي لاءِ.

ڪافي 166
پُڇن ڪوه طبيبَ، او، سوزَ واريون سَرتيون، ڀلو الَو!

پيدا ٿيندا پاڻهين، ڪول آَيَس قَريبَ.
ڏِيَن ڏيکاري ڏِيلَئون، اچانڪ عجيبَ.
�سچو� وَسَن سي سدا، هِنَڙي منجھ حَبيبَ!

ڪافي 167
الا باري بِره ڍولَڻ جي، دل ديواني منهنجي ڪيئي!

اوري اَٽَڪَ نه رهِي، خاص پِرين پکِيئِي.
پياريائون پُر ڪَري، ٻي سڀ وائِي ويئِي.
راتيان ڏانهان روحَ ۾، �ٿيَا ٿيَا� آهي ٿيئي.
اکيون دل �سَچُوءَ� جيون، پاڻ سکِيون ڪِيَئون ٻيئي.

ڪافي 168
يارَلايو رنگ، ڏِس تون، جي هُيَئين ڪنهن حالَ ۾!

محڪم رهين احوالَ ۾، قائيل نه ٿي تون قالَ ۾.
خيالَ ٻاجھون خاص تنهنجي، هُئي جِيَڻ جَنجالَ ۾.
جي هُئين ڪو دَم اِتي، تا هُج تون خاص خيالَ ۾.
اَصل ۾ يڪتا ٿِئين، عاشِقَ چَئون اَمثالَ ۾.
محبت مگر مرشد سندي، آڻين اِنهي اَحوالَ ۾.

� ڪافي 169
�تو ڪِيئن اُهي وسري ويا، جن کي تو ٿي ڪارون ڪيون؟�

پانڌِيءَ پِرينءَ جي پار ڏنهُن، آندِي خبر اها يار ڏنهن؛
آيو اصل اسرار ڏنهن، دوست سندي دربار ڏنهُن.
ڪيئن تون پئين ٻيءَ ڳالهه ۾، هي جيءَ وجھين جنجالَ ۾؛
چئه، آهين ڪهڙي خيال۾؟- ره تو هميشہ حالَ ۾.
کانئن پاسي ڏينهڙا پَيَئه، سي ڳُڻَ سَندن وسِري ويئه!
سچا سخن سانڀَڻ ٿِيئه، سڏ کين ڪڏهن نا ڪَيئه.
�ڳالهيون سَڄڻ جون ياد ڪر، دل سامڻ ٿي عاشق اَپر،
�تا تو اچي نازڪ نظر، هَيءِ هَيءِ متان ٿئين بيخبر.�
�جيڪس فراق جي فال هُئي، ڪا کين تنهنجِي ڳالهه هُئي،
�تو گڏُ جِيڻ جي جال هُئي: اَڄ تو نه تن سنڀال هُئِي!�
�اِتي وِساريئي ڪيئن ويهي، جي ڏيههَ هئا تنهنجا ڏيهِي؛
�توکي آئِي مَصلحت ڪيهِي؟ - هاڻِ پاڻَ ايندا اڄُ پيهِي.�
��سچو� متان دلگير ٿئين�، اَڄ پاڻ فرمايئون ائين،
�طالب وڃي تَسلا ڏئين، معافي مَدايون ڪيون مئين!�

�مرتب پاران ڪافي 169 ۽ ڪافي 170 رسالي ۾ �ڪلام� جي عنوان سان ڏنل هيون، پر اسان اُنهن جو عنوان ڪافي رکيو آهي، ڇوته ڪلام شاعريءَ جي ڪا الڳ صِنف ڪانهي پر شاعريءَ جي هر صِنف کي ڪلام چئي سگھجي ٿو. ٻيو عرض ته اهڙي ئي سٽاءَ واريون: يعني ٿلهه ۽ هر بند جي آخري سِٽ جو ٿلههَ سان هم ڪافيه هجڻ بجاءِ، هر بند جي سِٽن جو هڪ ٻئي سان هم ڪافيه هجڻ، اهڙيون ڪافيون رسالي ۾ ٻيون پڻ ملن ٿيون. مثال طور ڏسو: سسئي داستان ڇهون، ڪافي 6.

ڪافي 170
وعدا اُهي اَڄ ياد پئا، مون سان قريبن جي ڪيا!

ڳالهيون ڳجھيون اُهي يارَ جون، اصلون ٻُڌيم اِسرار جون،
سي ٿيون عطا اعتبار جون، دل ۾ رهيون دلدار جون.
واليءَ اهو وعدو ڪيو، جو ڪَم چَيوسين سو ٿيو،
�هڪ ٻول توسان، نا ٻيو، وِسِري نه مون کَون سو ويو.�
فائِق وري فرمائيو، �تو سِرُّ اسان جو سائيو،
�اهو ڏسڻ مون آئيو، دل ساڻ سو مون لائيو.
��سَچُو� سدا سَرهو رهين، هِن ٻولَ اسان جي تي ٻَهين.
�تون ٺاه تا هِن تي ٺهين، سِر بار برهي جو سَهين!�

* ڪافي 171
دمَ دمَ جا ديدار، وو، اَپر اَسان جي نارَ تي!

بَگا ڏاندَ ٻَڌائون ٻيئي، تَن جِي ڳالهه ڪريان آءَ ڪيهِي،
وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌِيءَ جي ڳٽڪارَ تي.
ڀاروني هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا انهن جا آهن اِهي ئي،
وهن بارو بارَ، وو، لَٺَ واريءَ للڪارَ تي.
ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، ارِڙيون سونهَن مالَهه موچاريون،
جھَلڻ جا جھَلڪار، وو، لوٽِن واريءَ ڌڌڪارَ تي.
ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مِصري،
کِيرن جا به خمار، وو، آهن پيهي واريءَ پُونجار تي.
ڪانگَن ڪانگيرو، وهِيَن واهيرو، ڪَٻَرن، ڳيرن ڪيو اچي گھيرو،
ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جھِرڪين جي جنسار تي.
آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿِيڙمَ ساڻِي،
سا جوئر پَچايم جار، وو، آهن ڪَم �سَچل� جا ڪلتار تي.
*هيءَ ڪافي 171 اصل ۾ �سنڌي روجھن بابت بيت� جي آخر ۾ ڏنل هئي. پر جيئن ته هن ڪافي جو مواد نه ته روجھن بابت آهي، نه ئي وري اهڙي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ يا ان سان مناسبت رکندڙ ئي آهي، ان لاءِ هِن ڪافيءَ جو ھِت �متفرق ڪلام� ۾ شامل هئڻ مناسب ڄاتم.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Saturday 28 December 2013

ڪافيون حصو ٻيو

ڪافي 61
اَڄ ڪِي صبح اچن ٿا، نروار چئو نجومي!

مون ھِت نماڻِيءَ جو پِرين، حال ڪِي پُڇَنَ ٿا.
ھِن پارَ ڏي اچڻ جو، چئو ڪِي سڄڻ چَوَن ٿا؟
پِرين آھن پنڌَ ۾، ڪِي ويڙھِي پنھنجي وَسَن ٿا؟
�سَچُوءَ� جِي ڀِي سُڌِ لَھَڻ لئه، قاصد ھيڏي ڪَڍن ٿا؟

ڪافي 62
دوستَ کي دانھون، سُڻِي، مَنَ مھرَ ڪا مون ڏي پَوي!

دردمَندِ جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکيڻو لَوي.
پيغامَ پِرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويھون چَوي.
سِرَ ڀَري اَسين ايڏھن اَچون، يا ڪِي اوري ايندؤ اَوھِي.
�سَچُو� آھي اُڪَنڊيو گھڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.

ڪافي 63
ڳالھ پنھنجي حال جي، توريءَ وڃي ڪنھِن کي چوان؟

جوش تنھنجا جان ۾، نت نت آھن مون کي نوان.
کيئن جي پڇان پوءِ ٿي خبر، پانڌي اول پيرين پوان.
پاڻون آيا ھِن پور ھي، ڪِي ھِن مڪا مون ڏي اَوان؟
�سَچُو� مٽيان آءُ ڪينڪي، ھي سور سُکَن سان سنوان.

ڪافي 64
مڪاسين قاصد ڪالھ، اِجھي ڄاڻج آيا آيا!

آھي تياري ايڏنھن اسان جي، آھيون سو منجِھ خيال.
اُڪَنڊ تنھنجي اَصل اسان جي، آھي سا جيءَ ۾ جان.
عاشق توتي ڪَرم ڪيوسي، سڻي سندءِ اَحوال.
پنھنجي لطف سان ھاڻ لاٿاسين، تو تُون ڪُل ڪَشالَ.
اچي لھون ٿا اِجھا تنھنجڙي، �سچو� ري رات سنڀال.

ڪافي 65
آھي ھھڙو حال ويچاريءَ جو، سھڻا ڪر ڪو ڪرم ستاريءَ جو!

لئه پنھل جي ڪانگ اُڏايان، ڪوٺيو پوٿيدار پٽايان،
وَرُ وري ورَ واريءَ جو.
حال ڏسي پنھنجو ڀال ڀلائج، پِرَ پڄاڻو ورہ ورائج،
ڪج ڊڀ دارون دک واريءَ جو.
درد فراق جا دونھان دکَن ٿا، مَچ مگَرھن مچ مچن ٿا،
شل ورُ وري ويچاريءَ جو.
سڪ �سچل� جي توکي ساري، ڪيچي ايندم نرتَون نھاري،
ساہ سڪي سڪ واريءَ جو.

ڪافي 66
جيءُ نچ آيا، ڀلي ڪري آيا، ساٿي سڄڻ جي ڏيھ ڏنھن!

مون تا ڄاتو واٽ واھو، پر مون ڏي سي ھوت ھلايا.
ڏينھن پڄاڻو پانڌي پرين جا، ساڻ غريب گـڏايا.
پاڻ مٿائن ڪريان قرباني، لکين ٿورا جَنِ لايا.
اَول دلاسا ڏيڻي انھن ھي، پوءِ پيغام سڻايا.
طرف تنھنجي اھي عجيبن، سچا سخن فرمايا.
�اُڻ تڻ اھائي آھِ اسان کي، ڏکيا تو ڏينھن لنگھايا.�
�پيا اسان وٽ ھاڻي تنھنجا، �سچو� ڙي پنڌ سجايا.�

ڪافي 67
پانڌي اوڏاھون اَڄ آيو، پِريان سندي پار ڏنھن.

طرفان تنھنجي ھونِ اَچَڻ جو، ساٿ ڌڻِين کي سعيو.
گھڻو پڇن ھُـت پِرن توئي کي، گھمين تون ھِـت اجايو.
آھي توئي ڏي سڻ ري عاشق، روح سَندن جو رايو.
پاڄاڻيءَ جو ھنن پيغامن، وري سو ورہ وڌايو.
ٻڌي نياپا ٻانھون ٻڌي ٻئي، آڻي �سچوءَ� سر نوايو.

ڪافي 68
اَڄ اوڏانھون آيا، گـڏيا سي قاصد مون کي!

وري ورڻ جا ھئا ڀنڀور ڏي، ساٿَ ڌڻِين جا سعيا.
اَڄ صبح اَچي ويجھا سي وھنَندءِ، ڏور جنين ڏينھن لايا.
گوشي گـڏجِي ڪندءِ سي ڳالھيون، جَن جا تو پنڌ پُڇايا.
خيال سڄوئي ھيڏي ھُئڙن، ڏکيا تو ڏينھن لَنگھايا.
طرف تنھنجي اڳي ڀي رھَبَر، ڪئين تنھن ھوتَ ھلايا.
نِيھَن جا نياپا ڏنا جَنين ھي، �سچو� سي ساہَ سيبايا.

ڪافي 69
نوان نِياپا آيا، مون ڏي محبن جا، ميان!

قاصِدن، وو ميان، ھيڏي اَچَڻ جا، روز سي رستا لايا.
طرف ڀنڀور جي، سُڻ تون عاشَق، پنھونءَ ٿي پنڌ پڇايا.
تو تا طالب يار سڄڻ رِيءَ ، گوندر ڏينھن گنوايا.
اڱڻ تُنھنجي اَڄ سي ايندا، تو جن لئه ورہ وَسايا.
جي ئِي گذاريئه يار جانب ريءَ، اُھي سي ڏينھن اَجايا.
ھئا پِرين کي پار تنھنجي، ميان �سچُو� اَچڻ جا سعيا.

70
اِھو نياپو آندو، پانڌيءَ پرينءَ جي پارَ ڏنھن.

آھي تياري ايڏھن اَسان جي، متان ٿئين تون ماندو.
عاشق توکي آڻي اَسان سان، حُـب ڪندي ھيڪاندو.
اسين به اوڙڪ اِينداسي ايڏنھن، ٿيج نه ورہ کون واندو.
ملڻ محبن جو آھي اِھوئي، پِرت جو پاڇانـدو.
طرفون اَسان جي سُڻ �سچُو� وي، لاھِين تون سڀ سياندو.

ڪافي 71
آءٌ اَدا ڙي پانڌي، دوست دلاسو ڪو ڏنو؟

سُڻ تون ساٿي، آھيان، ادا، آءٌ محب بنا ھـت ماندي.
اڱڻ اسان جي ڪڏھن اِيندا، اِھا خبر تو ڪا آندي.
دل اَسان جِي دوستن ٻاجھون، ناھي ورہ کَون واندي.
سِگھَڙِي ساٿِي ڙي مانَ ٿيان، ڪا ھوتن سان ھيڪاندي.
ساران سنڀاران �سچُو� وي لَھندءِ، آھين جَنين جي تون باندي.

ڪافي 72
منھنجو ڪِي ھُـت پڇيائون، سچ چئه ادا ڙي ساٿيو؟

گوشي ويھي گَـڏ اَوھان سان، منھنجي ڳالھ ڪا ڪيائون؟
سَليو سنيھا ساڻ سلامن، ھِنَ ڏاہَ ڏي ڏنائون؟
پيغام پرت وارا، چئو جي مون ڏي چيائون.
دلاسي جِي دردمندِ ڏي، ڪا اڄ خبر لکيائون؟
�سچوءَ� ڪاڻ تا گھڻيرو، ھِن ڏيھِ ٿي ڏٺائون.

ڪافي 73

سِگھَڙي پِريَن جي پار جِي، ڪانگا خبر ڪا مون ڏئين.
دوست جي ني ديس ڏي، ڪيئن ڪالھ تون اَڏري وئين!

اَول اسان جي حال جا، نازڪ نوان نياپا نِئين،
ساري سنيھا سوز جا، ھَي ھَي سڀئي لائج ھِئين.

ماري ميان مشتاقِ کي، ڪيئن يارَ تون ياڪِي ٿئين،
پُورن مَنجھِين پرديس جي، ٻاجھون اَوھان آھيون اِئين.

آءٌ جي مُئي تا گھوريس، جانِي سدائين تون جئين،
�سچو� سِڪي ساري توکي، تون ڀي تھين سان ھو ائين.

ڪافي 74
ڪانگي قريبن ڏنھن، خبر آندي وٺِي وھندو وري.

خطَ منجھَون معلوم ٿِي، ساري خبر کِيئن جي کري.
�دوستَ دلاسا لکيا تا �تو اسان ريءَ ڪيئن سَري�
� آءٌ تا گھڻو تو ساريان، ڳالھيون ڪرين ڪھڙيون چَـري�
�سچُو� توسان آھي منھنجِي، اُھا ذوق مَون دل جي ذري.

ڪافي 75
ڳالھ ڪريان ٻي ڪيھِي، تنھنجي مڌُگن ماري آھيان!

پرين وڙئون پانھنجي، ميان الا، آءُ پکي ھِن پيھِي.
پاڙي ساڻ پرين جي، ميان الا، ورہُ وھايم ويھِي.
پلئه لڳي پِرين جي، ميان الا، جيھِي سا آھي تيھِي.
ڳالھ ڏَسيائون سا تا ناھي، ميان الا،�سچُو� سلڻ جيھِي.

ڪافي 76
ڪيھِي چال چلي ٿو، اڙي جيڏيون يار منھنجو!

� وَنَفَخۡتُ فِيه مِن رّوحِي �، ساري ڳالھ سَلي ٿو.
� اَنا عَبۡدَہٗ ، وَرسُولَہٗ �،مُلن گھَر مِلي ٿو.
ڪاٿئين تعظيمان ڏئي، ڪاٿئين کِل کلي ٿو.
ڪاٿئين سکيون سُپرين، ڪاٿئين جوشن منجھ جلي ٿو.
� سچو � سَڀ ڪنھن صورتين ، ھھڙِي ھـلت ھلي ٿو.

ڪافي 77
ڇاکي ڏونگَر ڏوريان، مَن وسي يار مُنھنجو!

پرين آھي پاڻ سان، تَڪَ ٻئا ڇو توريان؟
راتو ڏينھان روح ۾، آرياڻي ٿي اوريان.
سَڀ ڪنھن پارين سُپرين، آءٌ گھَڻوئي گھُوريان.
ھوتَ ھميشہ حاضري، وندر ڪنھن لَڳه ووڙيان؟
�سچو� سچي ڳالھڙي، چِت اِھائي چوريان.

ڪافي 78
ھوت اَچي ھَـٿ ڏيندو، ڀَلو جيڏيون، مون ھِن نماڻيءَ کي!

پِرين وڙئون پانھنجي، ڇَپر تا نه ڇڏيندو.
ڏسندو اکڙين سان، نال نماڻِي نيندو.
پاڻَون پاسي نه ڪري، گولِي ساڻ گڏيندو.
پانڌن پچارون ڪيون، آرياڻي اَڄُ ايندو.
اڱَڻ آسَروند جي، پَکا پاڻ اَڏيندو.
ڪيچن سندو قافلو، لوئَون تا نه لڏيندو.
ساجن سَنگت پانھنجيءَ، �سچو� شالَ سڏيندو.

ڪافي 79
ڪيچ منھجڙو ڪَم، ني، آھي، ڀلو ڀينر ڙي!

ويا ڪيچيڙا نڪري، گوليءَ ڏيئي غم، ني.
دعا ڪريجو جيڏيون، جانِيءَ ٿيان جَم، ني.
ڪنھين ڇِنَ نه ڇڏيان، دوستيءَ وارو دم، ني.
قيامَتَ تائين ڪينڪي، ٿيندي طلب تَم، ني.
پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، توڙي ٿئي چيھاڙيون چَم، ني.
جھُڙ نه ڀائنجو جيڏيون، اِھو اکين جو آگَمُ، ني.
سِڪئون �سچو� پِرين ڏي، راتو ڏينھان رم، ني.

ڪافي 80
توکي جاني نه جڳائي ٿو، رُسَڻ نماڻين سان!

جيھِي تيھِي تانھنجي، آءٌ اصلَ کَون آھيان،
اوھان جي تا اَچڻ جو، آسَرُ ھَـڏِ نه لاھيان،
سِرَ تي نينھُن فراقَ جا، ھي مينھڙا وسائي ٿو.

پَري ڪر نه پاڻ کَون، ڏي دلبَر دلاسو،
تورِيءَ سُجھي ڪونڪو، مون کي پِرين ٻيو پاسو،
جيھي تيھي اَصل کَون، ھيءَ سَندَو سڏائي ٿو.

سکن مٿي ڏکَـڙا، ٿي محب مَٽايان،
غم خوشيءَ کان اَڳُرو، آءٌ ڀليڙو ڀايان،
مُنھن مُقابل تانھجي، اھو گوندر گڏائي ٿو.

اَڱَڻ نماڻِيءَ جي تون، اَچِج اَلله ڪاڻ،
ھيڪر ھوتَ ڪَريج تون، ڀيرو منھنجي ڀاڻ،
سوز تنھنجو سُپرين، ھِـت سانولَ سِجائي ٿو.

وٺي ويٺِي آھي اھو وعدو ويچاري،
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ھيءَ ڪري ٿي زاري،
�سچو� سگ اوھان جو، ھِـتِ پانڌي پُڇائي ٿو.

ڪافي 81
خبر ڪا مون ڏيو ساٿيو، سائين، عجيبن جي اَچڻ جِي!

ڪيچيڙن جو قافلو، وچينءَ رات ويو.
اِئين نه ڇڏيو ڇَپَرين، ھيءَ تا نال نِيو.
توڙي وِرہ وھاريو، ڪنديس ڪونه ٻيو.
وندر سنديءَ واٽ تي، مون صدقي سِرُ ڪيو.
ڇـڏ ساھا سنبر، �سچو�، ڙي، جي تو پور پيو.

ڪافي 82
جاني تو نه جڳائي، رُسَڻ نِماڻِيءَ سان!

دوست اوھان جي دَرَ تي، ويٺي ورہ وسائي.
ٻاھر ٻانِھي تانھنجي، سانولَ ھيءَ سڏائي.
اَچڻ لاءِ اوھان جي، پانڌي روز پُڇائي.
فالان فلَڪ فراق جون، وو، وَريتِن کان وجھائي.
سُوال �سچوءَ� جو سپرين، عجز ساڻ اَگھائي.

ڪافي 83
کنيو نيڻَ نِھار، ڙي، ميان، ڀلو منھنجا يار ڙي ميان!

مون مَنُ گـڏي گوندرين، ٿئين ڪيچ قرار.
ڏکيا سُکيا ڏينھڙا، گـڏ غريب گـذار.
دلبر پنھنجي دل کَون، ويچارِي نه وسار.
منھن نه مون ٻئي پارَ ڏي، پنھنجي ڪَڍ قطار.
�سچو� آھين اسان جو، ھنجون ھَـڏ نه ھار!

ڪافي 84
سِڪَ ھُئي جنھن جي سِر، وو، دوست آيو اسان جي در!

پِرين وَڙَئون پانھنجي، ڪَئي ويچاريءَ ڏي ور.
ھيءُ سِرُ ڪيان صدقي، گھوٽ اچي مون گھَر.
ڏٺم ھِن اکين سان، پِرين موچاريءَ پَرِ.
جاءِ ڪيائون جيءَ ۾، نَھر يا ھَـڏ نه نَرِ.
قُربَ ڪارڻ سُڻ �سچوءَ� ري، ڪوشش ڪائي ڪَرِ.

ڪافي 85
ڏنو ھِي پانڌيءَ پيغام: � تنھنجي اَڱَـڻ اَڄ يار اَچي ٿو!

عاشق عجيبن جو، توکي سَوَ لک آھي سَلام.
سڀ قبوليو سُپرينءَ، جيڪو ڪَيُوَ ڪلام.
پڪو آھي پِرينءَ جو، تو سان اَڄُ اَنجام.
روءُ نه رت اَکين مَون، عاشقَ ڪر آرام.
�سچو� گـڏجن، پوءِ ڀي، آہِ نه طَلب تمام.

ڪافي 86
ھوتَ پارئون مون کي ھاڻي، ڏنا نِينھن نياپا ھي.

ھٿئون پَئي پانھنجي ميان، عذر ٻيا ڪيھا آڻي.
اوتين ڪھڙيءَ ڳالھ کَون، پِنبِڻين مَون پاڻي.
ويٺينءَ ڪيئن ڀنڀورَ ۾، سُورَ ھئُئِي جي ساڻِي.
�سچو� توکي ساہَ کَون، آھي اوڏو آرياڻِي.

ڪافي 87
ڪيچَؤن آيم ڪالھ، سي تا سُڻو سَنيھا!

ڳالھيون ڪندي گُـذريئِي، سوَ راتيون توکي سالَ.
اُڪنڊ اسان ڏي ڪانه تو، ڏينھن اِتي جاليئي جال.
ڪنھن جي ڪارڻ تو ڪيا، لَڪَ روئِي سڀ لالَ!
ڪيَئي نه قطري جيتري، ساعت ھِڪ سنڀالَ!
ٻُڌي ڏوراپا مون ٿيو، جيَڻ منجھ جنجالَ.
جن لَئي ڏونگر ڏوريان، تن ڀِي ھِھڙا حالَ.
سي سڀ تنھنجا اگھيا، جي ڪيئي ڪالَ ڪشالَ.
ٻڌندو ٻاروچو وري، �سچوءَ�جا ڀي سوالَ.

ڪافي 88
مون ڪَر تا ڪِين پُڇيائون، ھاڻي ڪانگَل ڪَلَ ڪاڏي!

ڏوٺَ ڏوراپا وو ڪيترا، ميان اَلا، سي سخت مڪائون،
- ھِت حالَ اسان جا ھي.
سگھا ايندا وو سُپرين، ميان اَلا، ڪي تا پاڻ اتيائون،
- جڏو جيءُ جيارن جي.
ڏاھا ڏيھ وو پِرين جي، ميان اَلا، آھيان اٻاڻڪو آئون،
- منھنجو ھِي نياپو نِي.
طَعنا طَرفَون وو تانھنجي، ميان الا، ھِن ڏکِيءَ کي ڏنائون،
- سائين سڀ قبوليِم سي.
سي نه وِسارج سُپرين، ميان الا، ساڻ �سَچوءَ� ، سَمجھائون،
- اُھي قولَ ڪيا ھي ڪِي.

ڪافي 89
يار منھنجو يار، ڪَئِي ڪَئِي صورت سير ڪَري ٿو!

ڪاٿئين ٻُڍڙو پِير ٿيو، ڪاٿئين ٻولي ٻار.
ڪاٿئين بيراڳي ڦِري، ڪاٿَئين ڪَيُس قرارُ.
ڪاٿئين وظيفن ۾، ڪاٿئين خم خمار.
ڪاٿئين آھي بادشاہ، ڪاٿئين چوبدار.
ڪاٿئين پيرين پنڌ ڪري، ڪاٿئين گھوڙي جو ھسوار.
ڪاٿئين�اَحد�ٿيو�اَحمد�، ڪاٿئين �عبَدالحق� اظھار.
آھي دلَبَر دوست جو، �سَچُو� سَڀ سِينگارُ.

ڪافي 90
ڳالھ ڪَريان آءٌ ڪيھي، حالَ پنھنجي جي، ڙِي جيڏيون!

ڪالھ ڪالھوڻي سُپرين، ويا وٽَئون مُون ويھِي.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، ويا پھاڙين پيھِي.
ڪري پريشان ويا، درد منديءَ جي ديھِي.
آءٌ اُنھن جي آھيان، جيھِي جي تيھِي.
مارڻ پوءِ جيارڻ، رَسمَ اُنھن جِي ايھِي.
�سچو� سوز فِراق جا، بارَ کڻَن ڪي نِيھِي.

ڪافي 91
ھوتَ ڏَھون ھاڻي آيُون، مون ڏي خوشخبران ھي!

اَچِي اَڏيون ٿا اوڏڙيون، جارِ اَوھانجڙي جايون.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، پير وري اِيڏي پايون.
ٿيون جِيارن جيڏيون، اِھي ويچاريءَ کي وايون.
�سچوءَ� سَنديون دانھڙيون، دوستَ وري وَرنايُون.

ڪافي 92
ھوتَ اوھان تي آءِ، ميان، سارو نَنگُ نِماڻِيءَ جو!

سائينءَ ڪارڻ سُپرين، پير اڱڻ منھنجي پاءِ، ميان.
پِرين وَڙَئون پانھنجي، لَئُن نماڻِيءَ سان لاءِ، ميان.
ماڻھو شھر ڀنڀور جا، ساہَ نَه اَچَن ساءِ، ميان.
ڏسنديس آءٌ اکَـڙين سان، جانبَ تنھنجِڙي جاءِ، ميان.
ڪارِي ڳُـڻَن تانھنجي، �سَچوءَ� کي ھاءِ واءِ، ميان.

ڪافي 93
ھوتَ اَچَڻ جِي ڪا ڪَرِ ميان: پانڌي روز پُڇايان ٿي!

راتو ڏينھان روحَ کي، سِڪَ اَوھانجِڙي سَرِ، ميان-
تو لئه ھِت ڪانگ اُڏايان ٿي.
سِر توئِي تَون صَدقي، گھوٽَ اچين جي گھَرِ، ميان-
گھُوريو پاڻُ گھُمايان ٿي.
اينديس اَھڙي حالَ سان، دوستَ اَوھانجڙي دَرِ، ميان-
ڳچيءَ پَلئه پايان ٿي.
پِرين پارئون تانھنجي، ٿِي ويچاريءَ جِي وَرِ، ميان-
ويٺي ڏکَ وسايان ٿي.
سارو مطلب مون ٿئي، پِرين اَچي ڪَنھنِ پَرِ ميان-
ھِت پوٿِيون پٽايان ٿي.
�سچوءَ� اُتي سپرين، دست مُبارڪُ ڌَرِ، ميان-
سَنديوَ يار سَڏايان ٿي.

ڪافي 94
ھِنيڙي ڳالھيون ياد، آريءَ ٻاروچي جيون!

ويا ويساھي نِڪري، عشق ڏيئي اِمداد.
ڀينر ٻاجھون جيڏيُون، عُمر مِڙيئي بَرباد.
دردمندن جِي دلڙي، شالَ ڪندا سي شاد.
�سچوءَ� سَندي سَرتيون، پُنِي سَڀ مُراد.

ڪافي 95
آءُ ڪوھيارلَ ڪائِين، وري ويڙھو وسائِج، ميان!

ٻانھون ٻانھَن جان ٻڌي، ميان اَلا، پاند ڳچيءَ ۾ ٿي پائين-
مون تَؤن چت نه چائج، ميان.
مونھَون مدايون ٿيڙيُون، ميان اَلا، ٿيَس اِيلازَڻ آئين-
پِرين پاڻ پسائِج، ميان.
آءٌ ڪنيزڪ تانھنجي، ميان اَلا، تون تا منھنجڙو سائِين-
ٻيو عيب نه لائِج، ميان.
ڏيئِي حالُ حلاجَ جو، ميان اَلا، �سَچوءَ� کي سمجھائِين-
سارو سِرُ سُڻائِج، ميان.

ڪافي 96
آءُ اَچي رَہُ رات ، ڀَلو منھنجا يارَ وي!

راتو ڏينھان روحَ کي، آھِ اوھانجِڙي تاتِ.
مَشر آھي مُلڪَن ۾، سَنديَـوَ ڏاڍي ذاتِ.
اَچَڻ ريءَ اوھان جي آھي، ھِينيڙي کي ھيھات.
�سچوءَ� کي تِنھن سِرَ جِي، ڪاڏھون ٿيندي ڏات.

ڪافي 97
آءٌ ويڙھي تون تا وس، وي،
ڀَـلو، پُنھَلَ يار ميان!

پِرين مون کي پانھنجو، ڏاھا ڏي ڪو ڏَسُ، وي.
نِماڻِيءَ جو حالـڙو، پِريَم اَچِي پَسُ، وي.
ڪاھي اِيندي ڪيچَ ڏي، گولِي وٺِي گَس، وي.
پَوي پاڄياڻيءَ جو، توکي مانَ تَرس، وي.
ويھڻ آھي ڀنڀور ۾، بنا عشق عبث، وي.
سوز اوھان جو سُپرين، �سچوءَ� آھ سرس، وي.

ڪافي 98
اَچي لايو ڪِيئن، سڄڻ، تو تا نِينھن نماڻِيءَ سان!

ماريَس انھيءَ مامِري، ھوتَ ڪندين ڪو ھيئن.
سا تا ڪيئي پانھنجي، جاني وڻيئِي جيئن.
جھڙي پُنھل تو ڪَئي، آءُ پُڻ ڪريان تيئن!
ڪان وٺندِي ڪڏھِين، نالو سَندو نيھَن.
وري وھاريو ويجھڙو، �سچو� پنھنجي سِيئن.

ڪافي 99
اِھو ڏونگـرُ ڏھاڻين، مون ڏوراپو ٿو ڏئي!

ھاري ھِھڙا ھوت تون، ٿي ويجھا وسارين.
ھيڏي ھوڏي ٿي گھمين، تون نال نه نھارين.
ڀنڀورئون بيزار ٿي، چي سانول سنڀارين!
پاڻ �سچو� تون پاڻھين، وڃي ساڻن سلھاڙين.

ڪافي 100
وسئون تا نه وساريو، ڀلو يارَ ڙي،
آءٌ اوھانجڙي آھيان، ڀلو ميان!

سِڪائيءَ ڏي سُپرين، کڻي نيڻ نھار.
ھيڏي نه ڇـڏين؛ پنھنجي ڪَڍ قطار.
توکي ڏسان مون ڏَسين، پِرين ڪھڙي پار.
�سچو� صَبر ۾ رھِي، گوندر ڏينھن گذار.

ڪافي 101
هُئِي نه مون ڪَلَ ڪائِي، سِرُ اِنهيءَ جي ڙي جيڏيون!

اڳ نه سُيَم ڪڏهين، هِيءَ وراڻي واري وائِي.
ڳالهه نه ڳَرهڻ جھڙي، سائيُن جا سمجھائِي.
ڏوهَ ثوابَ جي ڳالهڙي، سڀ ويساهَ وڃائِي.
سائِي حقيقت حالَ جي، سِر اَچانڪ آئِي.
�سچو� سانڀِج ڳالهڙي، پرينءَ جا پُرجھائِي.

ڪافي 102
رهبر روز بروز، اَچن مون ڏي يار جا!

ڪنهن کي سَليان سَرتيون، سُپيريان جو سوز!
اَندر منجھ عجيب جي، ڪَيڙو سِڪ سروز.
هيڪَند ڪارڻ ٿِي ڪريان، خاطر اندر خوض.
شال ڪنهين تي نه ٿئي، سندو جانب جوز.
�سچو� اجھو آئِيو، آرياڻي اِمروز.

ڪافي 103
طعنا سِرَ تي سهندي آنۡ،
سَرتيون ساري لوڪ جا!

ٻاجهون ٻاروچل جي، راتيون هِت ڪا رهندي آنۡ.
ڪاف منجھارئون ڪاڪيون، لَعلن لوري لهندي آنۡ.
پَسڻ بنا پرينءَ جي، ٺاهه نه ٻئي ڪنهن ٺهندي آنۡ.
ڀينر هِن ڀنڀورَ ۾، ريءَ ٻاروچي نه ٻهندي آنۡ.
�سچو� سَچيءَ سِڪ کَون، ڪيچين ڪَڍ ڪهندي آنۡ.

ڪافي 104
دل جيون ڳالهيون، ميان، آءُ تا توسان اوريان!

ڳُجھيون ڳالهيون ڪريان ڪَن سان، تَڪَ ويٺي ٿِي توريان.
سَڳو تنهنجي سِڪ جو ميان، ساه اندر ٿي سوريان.
سڪ اوهان جي سَر ٿي ميان، ڏيهه ساروئِي ڏوريان.
راتو ڏينهان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان.
اڱڻ �سچوءَ� جي آءُ تون پيارا، پاڻُ گھڻو ئِي گھوريان.

ڪافي 105
هينئن نه مون کي ماريو، اوڙڪَ اَوهانجڙي آهيان!

ٻانهي آهيان وو تنهنجي ٻاروچا، پورهيت پنهنجي پاريو-
سَڱ نه ٿي ڪو ساهيان.
آسَروندِي وو آهيان ميان، واڳ مُئيءَ ڏي واريو-
لالچ نه ٿي لاهيان.
ڏاڍا ڏونگر لَڪِيو، ميان، توهَ پنهنجي سان تاريو-
ڇَپَر اڳيون نا ته ڇاهيان.
آءٌ اوهانجڙي وو آهيان ميان، وسئون ڪيم وساريو-
جوڙَ اوهان جڙي آهيان.
سانول اِنهيءَ وو سڌ ۾ ميان، ڳالهين تنهنجِن ڳاريو-
ڪيچَ وڻن ڏي ڪاهيان.
آءٌ اُڪَنڍِي وو هوتَ اوهان جي، �سچو� ڪِي سانول ساريو-
ڳاهُ بِرهَ جو ٿي ڳاهيان.

ڪافي 106
رهو مون وٽ رات، اَڙي پانڌيو پرينِ جا!

آءٌ اوهان تَون صدقي، جا وائي مِٺيَوَ وات.
پَسان اَکَڙين سان، ٻاروچاڻِي ذاتِ.
راتو ڏينهان روح کي، تن جِي آهي تاتِ.
هُئي هميشه ساٿيو، �سچو� سَندوَ ساٿ.

* ڪافي 107
تون آءُ آرياڻي اوري،
تنهنجي دامن لڳڙي آهيان!

سِر پنهنجو سَرتيون، آءٌ گھَرئون آيَس گھوري.
ڪامِل ڪڏهن ڪينڪي، آءٌ ڏونگر سگھان ڏوري.
ڪا جا تندُ طلب جي، چِت وئين تون چوري.
نيو نماڻِي پاڻَ سان، تِرُ نه رهي هِت توري.
�سچو� سَگ اوهان جو، ڪيئن پُڄي تنهنجي ٿوري.

* هيءَ ڪافي 107، سسئي داستان نائون ۾ اڳ ئي
ڪافي 13 طور اڳ شامل ٿيل آهي.

ڪافي 108
مون کي تايو طبيبن، ميان،
ٻَن ٻُڪِيون وجھان تَن جون!

نَظَر ساڻُ نِهال ڪيو، هاريون حَبيبن، ميان.
آزارئون آزاد ڪيو، اَچي عجيبن، ميان.
دل کي دلاسو ڏنو، ڪاڪيون قَريبن، ميان.
ڏيندا �سچو� سپرين، گوش ڀِي غريبن، ميان.

ڪافي 109
نينهن ڏاڍي سان لايو سي،
آءٌ تا هاڻِي ڪيئن ڪريان!

عشق سَولو سَرتيون، هِت ڀينر ڀايوسي.
پُڇي اسان جا پَکڙا، اَديون اجھو آيو سي.
ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طعنن تايو سي.
جو ڏنائون جيڏيون، سو پَلئه پايو سي.
سوئِي �سچو� سِر تي، هاڻي چُمي چايو سي.

ڪافي 110
اسين آهيون! ڇا اسين آهيون؟
ٻيلي، نٿا ڄاڻون، ڇا اسين آهيون!

ذري باران برساتيون لايون، ذري ٻَرن ٿيون وڏيون باهيون.
ذري پڙهون ٿا نمازان روزا، ذري لوچَ مٿي تَون لاهِيون.
ذري چئون ٿا �آهيون اَسين ئي�، ذري چئون ٿا �اصل ناهيون�.
ذري آرام آهي هِن دل کي، ذري وهايُون نيڻَئون واهيون.
ذري چئون ٿا �اسان پاڻ سڃاتو�، ذري چئون ٿا �اسين ڇاهيون�.
�سچو� اصلئون سوئي آهين، ٺاهُ هتي ٻيو ڪيهو ٺاهيون!

ڪافي 111
محبت مست مجنون ڪيا، ڪَئين خاصا خماري، لو....

اصل کَون عاشقن آهي، مٿي سُوريءَ سواري، لو....
هِتَئون مُنهن سا نه موڙيندي، هوندي جا وره وارِي، لو....
سڻو جا مير محبت جِي، ڪُٺَن کي ڪوٺَ ڪاري، لو...
جنين کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪهڙي تياري، لو...
ڇَڏي هِي عيش عالمَ جا، هليا سي هيڪ واري، لو...
پياسي هوُءِ حيرتَ ۾، ڇڏيئون سُڌ سارَ ساريِ، لو...
بِرهَ جي بابَ ڏس تن کي، سڀا وائِي وساري، لو....
سدا تن کي آ ساجَن جي، اَچڻ جِي انتظاري، لو....
�سچيڏنا� سَمجھ ڪِي هتَهين، مَتان ٿِئين هُت مياري، لو...

ڪافي 112
ڪڏهن اَلاجي اِيندا، يار سانگيڙا، ميان!

سِگھي اَچڻ جون ڪانگ اسان کي، اَچِي واڌايون ڏيندا.
ڏيئِي دلاسا دل منهنجيءَ کي، نال نماڻِي نيندا.
اِهي اُميدان آهن اسان کي، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا.
ڪين ڏسندا ڏوهه اسان جا، بَديون سڀ بخشيندا.
آهي اوسيڙو اکڙين کي، گولِي ساڻ گڏيندا.
ڪيچَ وڻن کَون پَٽي پَکَڙا، آڻي هِتِ هوتَ اڏيندا.
جيهو تيهو �سچوُ� سَندان آ، پانهِجو ڪِينَ ڇڏيندا.

ڪافي 113
سرتيون ڏِين صلاحان، �چت تَون چرخي لائين�:
آءٌ ڪَتيان ڪِي ڪانگ اُڏايان!

راتيون ڏينهان روئان اُنهن لڳ، پرين جي ٿِيَم پَراهان.
دل جمعيت تڏهن ڪِي ٿيندي، جڏهن اِيندا ڪي هوتَ اڳاهان.
اَديون اُنهِيءَ جي ويٺي اَچَڻ جون، روز نهاريان ٿِي راهان.
والِي ورائي وري ڀَنڀور ڏي، سُڻي اسان جون آهان.
ڪيون قبوليت سَڀئِي �سَچُوءَ� جون، سائين عَرضَ اِلاهان.

ڪافي 114
آ اَچِي ڏس حالُ مُهنجو، آءُ اَچِي سُڻ عرض هي!

نينهَن تا مون کي نيو، طاقت نه ڪاتَنِ کي رَهِي،
مشتاق جي مارڻ سَندو، آهي اوهان کي غَرض هي.

ڏاها وڃِي ٻئا ڇو پُڇان، مون تا پروڙي ڳالهڙِي،
درد ٻيو مون کي نه آهي، محب تنهنجو مَرض هِي.

دل کَسي مون کَون وئين، موٽي نه آئين ڇا چوان،
سُڌ لَهو ساجَنَ اَچِي، آهي اوهان تي قَرض هِي.

آءُ اچِي امام ٿِي، توتي اَسان نِيتِي نماز،
سِرُ ڪَرڻ صدقي اَوهان تَون، آهي �سچُوءَ� تي فرض هي.

ڪافي 115
هِڪي ڏهاڙي پير مغان، مون کي ڳالهه ڳجھي فرمائي!

سَلَڻ جھڙي ناهي سا، جا آڻ پرين پُرجھائِي.
عامَ نه مَڃَن ان کي، جا صاحبن سَمجھائِي.
مَٽَ منجھارئون مَئي جي، تنهن ساقيءَ سُرڪَ چکائِي.
پيالي مَون پرواز ٿيو، واءِ وئِي ٻِي وائي.
�عبد� ڄاتو ٿي جنين، تن بازي هِت هارائي.
�حق� کَون �حق� نصِيب ٿيو ٿي، مدعا �سچوءَ� سَنڀائي.

ڪافي 116
هوتَ غريبِ نماڻِي، اِتي ڪيئن وساريئي، ميان!

اڱڻ آسَروَند جي، آءُ تون پاڻئون ڄاڻي-
هوت هَڻِي ڇو ماريُئي، ميان!
وندر جي وڻن ۾، حب منجھَون هوتياڻِي-
مون تا گھڻو نهاريئي، ميان!
ٿورا گھڻا ڏينهڙا، هن عاجز سان آرياڻِي-
مانَ گڏُ گُذاريئي، ميان!
اٿي هَلي هيڪلِي، پرت منجھؤن پاڄياڻي-
جڏهن سانول ساريَئِي، ميان!
ڇڏي وئين ڇَپَرين، ڪَيئي پُنهون ڄام پُڄاڻِي-
هيءَ ڪيئن آزاريَئِي، ميان!
�سچو� سگ اوهان جو، سائينءَ لڳ سُڃاڻِي-
پنهنجي ڪَڍَ قطاريئي، ميان!

ڪافي 117
آءٌ ڪا رهندِ هوتن رِيءَ، هُنديَس سانولَ ساڻ!

لَئن لَئن منجھ لڳي رهيو، ٻاروچي جو ٻاڻ.
وندر سنديءَ واٽ تي، پرزا ڪنديَس پاڻ.
ڏير ڏيئي ويا ڏکَ جو، هِن ڏکيءَ کي ڏاڻ.
درد مندي دانهون ڪري، چيٽڪ ڪَيڙُس چاڻ.
مانَ اَچِي ٿئي ڪَڏهين، هِنَ مُئِيءَ جو مهماڻ.
�سچو� سگ اوهان جو، سو تا پنهنجو ڄاڻ.

* ڪافي 118
ڙِي جيڏيون، هوتَن رِيءَ،
آءٌ ڪنديَس ڪوه رهِي!

اندر وره وٿاڻ ڪيائون، لَئُن لَئُن منجھ لَهِي.
ڇڏي شهر ڀنڀور کي، هِيءَ ويندِي ڪيچ ڪَهِي.
ڪونهي ڪوهيارلَ رِيءَ، سَرتيون هِت سَهي.
قول پاڙيندو پانهنجو، ڪَيو ٻاروچَلَ ٻَهِي.
�سچو� گڏيم ساٿيڙا، پَنڌَن منجھ پَهِي.

*هيءَ ڪافي 118، سسئي داستان پنجون ۾ اڳ ئي
ڪافي 12 طور شامل ٿيل آهي.

ڪافي 119
پرين نا ٻئي پار، ميان، جانبَ تنهنجي جان ۾، آخوند ري!

سبق ڏئين نه سور جو، کتابي نه کار.
حرف صحيح ڪر هيڪڙو، وَرَقَ سڀئي وار.
نينهن وارن کي ناحقي، مُلا هِيئن مَ مار.
راتو ڏينهان آهي توئي کي، ڪتابَن جي ڪار.
ٻاجھَون نالي نينهَن جي، �سچو� سبق وسار.

ڪافي 120
پرجھي پاڻ نه ڄاڻان، ڪير آهيان، يارَ ڙي ميان!

مورَتَ موڳائِي ڪئِي، صورَتَ تا نه سُڃاڻان.
ڪَنهنِ تا ڳالهَيئون، ڪاڪيون، ٿياسي هِت نماڻا.
جان جثو دل سڀوئي، آڏا ٿِيَم آڏاڻا.
ڏنم ڏاڍي ڏک سان، عشق جا اوراڻا.
خام خيالَ نِي، �سچو� ري، اِنهيءَ فِڪر اُڏاڻا.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Friday 27 December 2013

بيت، دوها ۽ هدايتون

بيت سنڌي روجھن بابت
1
روجھُون رڻُ يادِ ڪيون، اُڀيون رتُ رئَن؛
ھر ڪنھن ويلَ ھُئَن، اِھڙن اوراتَن ۾.
2
روجھُون رڻُ ڦِٽو ڪري، لاھِ لھِي آيون؛
ٿِين تار نه تَرايون، جو مُند نه اُٺَن مِينھڙا.
3
مُندين مِينھن اُٺانِ، وري روجھُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائيءَ جا ڏينھڙا، گھڻا گھر ڏٺانِ؛
اُنھيءَ کَؤن اَرمانِ، لحظيٖ مَنجھ لھي ويون.
4
مُندين مينھُن پيونِ، تَرايون تارِ ٿيون؛
وڃڻُ مٿين ماٿرين، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
5
ھنيَڙو ڇـڏي ھُتِ، ٿيون روانيون روجھون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينھڙا، ٿيون گُـذارِن ھِت؛
اَٺئي پَھر چِت، وطن تَن نه وسري.
6
رڻُ ڇڏي روجھُون، ڪا ڏس چِتائي ھَليون؛
جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا، تيلھان ٿيون ڪوجھون؛
لُڪَنِ جون لوجھُون، جَرين جالِڻَ ھَليون.
7
ماٿَر مينھن پِيانِ، روجھان موٽي آئيون؛
اَوسَر سَندا ڏينھڙا، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿَر ٿيانِ، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
8
جڏھن ٿيا اَبَر، تڏھن روجھُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون ، جن ٿي گـذاريا اوسَر؛
پھاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُـذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگھيَن ڏکيا ڏينھڙا.
9
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛
اوسَر ڪَيون ھُيون، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون، رڻُ سڀوئي روجھيون.
10
روجھڙين اُتاءُ، لنگھيا اَوسَر ڏينھڙا؛
موليٰ آندا مِينھڙا، پنھنجي مھر مٿاءُ؛
جي ھيون ويچاريون وِڇـڙيون، ھڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ، اُٺي اَچي گـڏيُون.
11
آسَروند آھين، روجھون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي، ٿيون وائِڙيون واجھَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنھن ڪُنڊ ٿيون ڪاھِين، جنھن ڪُنڊَ وَسَن مِينھڙا.

12
�سچو� رک سَماءُ، ٿو ماڻھو روجھن سان گڏين؛
ھاڻي صبر مَنجھِ ئِي آءُ، ڪمائي پوري ڪري.
13
آيون وَس ڇڏي، مُندين اُٺَن مينھڙا؛
موليٰ سندي مِھر آھ، جي وڇڙيون گـڏ گـَڏي؛
لٿيون لاھَ لڏي، روجھون ريجاڻِن تي.
14
رڻَئُون روجھيُون آيون، وين اوسَر ڏينھن؛
مندين اُٺن مينھن، ڪيئون رُخ ريجان تي.
15
رڻئُون آيون روجھون، جو سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينھڙا، وسري وين پرديسُ؛
جي ھيون اُٺيٖ ريءَ اُديسُ، سيٖ پُڻ سرھيون ساہَ ۾.
16
جي اوسَر ڏسِي روجھيون، رڻَ چـڙھي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتھَين، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينھڙا، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون، ڍليون گـاھَ گُـلن تي.
17
رڻِ چـڙھي روجھان، ويون وري ڪَٺُ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي، پَھاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينھڙا، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
�سچو� مون نه سَري، ريءَ ميلائيٖ سَڄَڻين.
18
جي رڻ چَـڙھيون روجھَڙيون، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جھولِئين، بِـرُ ھيون بُکيون؛
ٿيون ھاڻي سڀ سُکيون، جو مُندين اُٺَن مينھڙا.
19
ھِنيون لاھي ھَليون، روجھان رڻُ چتاءِ؛
موٽي مِھر موليٰ جي ٿين، جو اُٺن مينھن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينھڙا، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنھنجي ديس ڏي، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ، ڪا رازقَ روجھڙيَن تي.
20
روجھون وٺي واٽَ، ھليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان، چَٽن مِٺي ماٽ؛
لاھي اُڃ اُساٽَ، راھِي ٿيون رڻَ راہَ ڏي.
21
روجھون ريجاڻن تي، لنگھي لَس ويون؛
بوندون جِـت بارانَ جون، پَھاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رھيون، جن پنڌُ نه ڪيو پھاڙ جو.
22
راھي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اوسٽَ اڃ؛
پھاڙيءَ مان پُڃَ، روجھن ڪيا رڄَ تي.
23
راھِي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَڦـڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي، ٽَھي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجھ پھاٽَ، لَٿَن سِڪَ �سچو� چَوي.
24
وٺِي وٽَ پَھاڙَ جي، ھليون منجھان ھيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
25
رڻَ چـڙھي روجھون ويون، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛
اُٺا مينھن مِھر جا، مِھر ڪئي مَوليٰ؛
روجھيون ريجھيون، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
26
روجھُن زارو زار، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرودَ سان، سارنگ لَـڌين سارَ؛
روجھن ساڻ رھاڻ لئه، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽھي ھليون ٽيلن تي، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي، وسڻ جي وسڪارَ؛
تانگھيون تارَئون تار ٿيون، ترايون تلھارَ؛
سَچي لَـڌڙي سارَ، سِگھي سڪَ وارئين.
27
ڦوڙائي جون ڦَٽيون، ڦوڳيون ٿيون ڦولھِين؛
اَبر سندي آسَري، ٽَڪَر ٿيون ٽولھين؛
ڳوليو ٿيون ڳولھين، ترايون تَر ڀَريون.
28
� مندائتا موٽيا �، روجُھون چَوَن روئِي؛
�قسمتَ قيدالماءِ� کي، ڪونَ جھَلي ڪوئِي؛
� سائين سِگھوئي، ڪَندو وسَ ولھِن تي!�
29
�مندائتا موٽيا،� روئِي چَون روجھون؛
�ڪميڻيون ڪوجھيون، قادرَ تنھنجيون آھيون!�.
30
پانڌوڙيون پھاڙَ جون، رڻين ڪوہ رھن؛
لوچي سي لَھَن، جن �سچو� ٻَڌو سندرو.
31
ماٿَر مٿاھان پنڌڙا، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن، �سچل� سي ساڻيھ تي.
32
ڇڏي رڻ راھِي ٿِي، روھَن مٿي روجھ؛
ٻيلي پَئي ٻوجھ، چَرڻ جِي تنھن چِت ۾.
33
روھَن اَندر روجھڙيُون، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
�سچل� سي ساون، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
34
پَلر پَھاڙين پَلٽيا، واحد ڪَين وسَ؛
لنگھي ويون لَسَ، روجھون راجاڻَن تي.

دوھا
شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي، جا سمجھي نه ڄاڻان!

بعضي ڀايان پُتلي، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور.

يا تا محل آھيان، جنھن ۾ شھنشاھ،
ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو درنئون داناھ.

يا تا گھوڙو آھيان، جو ھَلائي ھَسوار،
يا تا موج درياھَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.

يا مِھنديءَ گل تا آھيان، جنھن اندر لالائِي،
يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.

يا تا چشمو آھيان، جو اَبر ڀَريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آھيان،
جنھن ۾ ڳالھ ناہِ تا، سو ڀي تا ناھيان.

ڳالھ �سَچوءَ� تا سَمجھِي، کَون ھاديءَ اِھائِي،
تا غير خدا جو ناھيين، آھين صاحب سدائي.

ھدايت 1
رمزان سي ھاديءَ جون، ميان،جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناھن،
ھوءِ ھوءِ - ڌريون آھن دل تي!

ڳالھيون ڪري ڳُجھ جون، ٿا صاحبَ سَمجھائِين،
� لااِلهٰ � کَون اڳنان ٿا ھادِي ھلائِين،
سَمجھڻ � سَمع بَصَر� جو ٿا فائِقَ فَرمائِين.

� خوديون خاص نه ڀائنجو ھِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالھڙِي ھِي سوز و گدازان،
اَٿَـو �اَناالحقَ� جا اِھي عِبرت آوازان.�

�ھَي ھَي ھِڪڙي ڏينھنڙي، ٿا ھادي اِئين چَون،
جَن نه سمجھِي ھِـت ڳالھڙِي، سي سُڀان گھڻو رون،
جَن سُڃاتو ھتھين، سي ھُـت ڀِي اِئين ھُـون.�

�جيڪي ڀَليون ڳالھڙيون، اُنھن پُڄَڻ پَري آھ،
ڪوڙا قصا ڪُھ پئا يار- سُڃاڻ سَواءِ،
پُرجھَڻ آھي پاڻ کي، ٻي ڀَلي بات نه ڪاءِ.�

ھاديءَ حـقيقت جي، يار، موٽِي ھيئن چيو:
� آقا آھي ھيءَ ادا آھي ڪونه ٻيو،
جي ئِي لنگھيا سَڀَ کَؤن، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿَو، جو وجودؤن ويو.�

ھدايت 2
مرشِدَ ھادي رھنما، ٿا سَمجھائِن اِئين:

�ھُو تُون ڄاڻج پاڻ کي، متان ھيءُ ٿئين،
�وحدت جي چوگان ۾، اِھا گوءِ نِئين،
��سچو� ساڻ يقين جي، ھِي حال ڏي ھِئين.�

ھدايت 3
ھادي ويڙھي آيو، ھاڻي سائينءَ ھِيئن سمجايو،والِي ويڙھي آيو!

�ڪڏھن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينھان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان،�

خاڪَون ھَلج خاص ٿي ڪر پاڻِيءَ کَؤن پرواز، ميان،
چـڙيءَ چَنبو ماريُئي، ٿي شاھِين ۽ شھباز، ميان.�

�جيڪو اَصل آھي، ٿيو ھاڻي سو سلطان، ميان،
گھوڙي چڙھندِڙ گم ٿيو، پيو گھوڙو ۾ جولان، ميان.�

� گرد ڳجھو ڪيو طالبو، اھو گھوڙي جو ھسوار، ميان،
گھوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گرد غبار، ميان.�

آيو بحر جوش ۾، تڏھن موج پَئي ٻاھار، ميان،
ھَي ھَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.�

�لُـڙَ منجھَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياہ، ميان،
بيحد رنگ گھڻا ٿيا ٻاھر، ھرڪو ٿيو گمراہ، ميان.�

�سانوڻ لٿو، ھڪ ٿِي تڏھن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لُـڙ ٿيو، اھو سارو سمونڊوءِ ، ميان.�

�نانءَ لَھِي ويا ٻاھريان، اھو باقي رھيو نام، ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واھڙان، ھت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.�

�ھِت سَڀيئِي درياھ ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ ، ميان،
اول آخر ھڪ ٿيو، ويا وچائون گنان ، ميان.�

�اصل جيڪي ھوس آءٌ آھيان ھِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُھوئي، ھڏ آھِيان ڪونه ٻيو، ميان.�

�اکيون اکڙين ۾ رکي، تون پنھنجو پاڻ سُڃاڻ، ميان،
پوي نظر جت تانھنجي، تت پنھنجو چشم چال، ميان.�

�اکيون اکڙين ۾ رکين، تا ھِت ھُت �تون� ھين آءٌ، ميان،
جي خبر اکين جي لَھيين ، تا تون نرالو نانءُ ، ميان.�

اکين مون معلوم ٿئي، اِھو صورت جو سينگار، ميان،
�سچو� سارو سچ ٿيو، ٻيو ناھي تفاوت وار، ميان.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Thursday 26 December 2013

مالڪوس دستان ستون

داستان ستون
1
چڙهيو سَر ڇانڀين، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ته �سنيها سانڀين، جي ٿا مُڪَئي سَڄڻان.�
2
ٽڪيو تي ٽارِيءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ڏئي سان زاريءَ، اُڀي سنيها سَڄڻان.
3
پارانڀا پويون، وجھي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛
ڪڍي آبُ اکين مان، نيهين نِچويون؛
لڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.
4
چڙهيو ڏار ڏئي، سنيها جي سڄڻان؛
ٿو ڄَڻ روح رڳُن مَون، نياپن ساڻ نِئي؛
جثو جاءِ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.
5
اَڄ ڪانگل آيو، ماٺ ڪندي مونجھ مَون؛
سو تا منهنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛
هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِهر سان.
6
اَڄ ڪانگا چئه ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟
حالَ اسان هِت هِهڙا، ڪي هُت ڀي هُئا هِئين!
جھامَ ڏئٖي جھُڙ جِئين، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.
7
ڏاها ٿيءُ نه ڏورِ، ويههُ مون کي ٿي ويجھڙو؛
ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙِي، جان هُئين رات حضور؛
دوستَ اڳين دستور، ڪِي تعِظيمان توکي ڏنيون؟
8
زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛
�پِريان سندي پار جِي، آهه تو کي واڌائي؛
�پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت ساجن سَڀائِي؛
�ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!�
مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.
9
الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛
وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄِيءَ جو پيغام؛
ڪري قدمن تي پَئي، سَوَ لَک ڏيج سلامَ؛
آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛
�اچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگھو طرف �سچوءَ� جي.�
10
نا ته مرِي ويندو هيءُ، الله لڳ اَچيج تون؛
تو توَن آهي هن جو، جانِي، صدقي جيءَ؛
لاههِ فراق فقير کَون، والِي ويجھو ٿيءُ؛
تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.
11
سَڀئِي ڏيج ساري، سنيها کي سَڄَڻان؛
�اوهان ٻاجھون سُپرين، هُت گوندرَ گذاري؛
�گھَڙِي نا گھاري، ميان محبوبن ري.�
12
پَکِي سوئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهين؛
رسيو وڃي اُتهين، سو پانڌي منجھ پَهَر؛
آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر؛
�هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِنيڙي منجھ حَشَر؛
�ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛
�هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي.�
13
ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسان دل کي؛
ته �صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيبَ کي.�
14
پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛
آءُ اُڏامِي اوڏڙو، تا جھوليءَ ۾ جھوليانءِ؛
سَڀَئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛
پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.

ڪافي 1
آيا ڏٺوَ، آيا ڏٺوَ، چئه ڪي پانڌِي آيا!

پرينءَ کي هِن پارَ ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي، سَعيا!
طرف اسان جي ڪَههُ ڙي ڪانگلَ، ها روح سندن جا رايا!
وري سگھو ميان ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.
�سچو� ساري مِيان گھڻو سنڀارَ، سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪايا.

ڪافي 2
چَشمن يارَ جي مون تي، چئه جا چوٽَ چلائِي!

درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.
اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ، تَنهن جي حُسن هلائِي.
ٻنِهي اکڙين سيف ستم جِي. چَو جا آڻي چمڪائِي.
بَڙڇِي بِرهَ جِي سِيني اَندر، �سچو� هِن خيالُ کُپائِي؛

ڪافي 3
منهنجي زاري زاري، سُهڻا سائين تو سان!

معلوم تو کي ڳالهه اسان جي
يارَ سڄَڻ سا ساري ساري.
هِيءَ تا هيڻِي واءُ وهيڻِي،
بِره اوهان جو باري باري.
دوستَ هِئين ۾ يار سمائين،
گھوٽَ نه وجھج گھارِي گھاري.
اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان،
يار اسان جِي ياري ياري.
طرفون تنهنجي يارَ �سچوءَ� کي،
آهه ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.

ڪافي 4
يارَ تو سان، ڪي تا ڏينهڙا لَنگھايَم!

راتيان ڏينهان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايَم.
پُڄاڻا اوهان جي ڏاها، ڏاڍا سي پور پِرايَم.
سِڪ تنهنجي سُپرين، سارا ئِي سورَ سَلايَم.
پِرين تنهنجي پارَ جا، ڏيهاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.
�سڇو� سي ئي آيا جَن لئه، فالان ٿي روز وجھايَم.

ڪافي 5
ساٿِي منهنجي يارَ کي،
ساري ڏيج سلام!

پِرت منهنجي روز اَزل کان، تو سان مُحب مُدام.
چئِي مَڪا هُئوَ يارَ سَڄڻ، ميان، اَچڻ جا اَنجامَ.
اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُلَ پَون هَنگامَ.
�سچوءَ� جيها ڪيترا، تنهنجي در غُلامَ.

ڪافي 6
تو سان يارَ سڄڻَ، منهنجي پِرت اَصل کَون پيئي.

اَصل اسان جو عشق توئي سان،
ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.
ڪڏهن مُڪو- ڪونه اسان ڏي،
ڏکين نياپو ڏيئي.
اَسين توئِي سان هِڪ ٿينداسين،
وچون وائِي هِجر جِي ويئي.
سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،
جانِي ڪيڙم تو سان جي ئِي.
جي ئِي ڪَيا هَم قولَ توئِي سان،
�سچو� پاڙيندس سي ئِي.

ڪافي 7
ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟
پِرين تو کي پاڻَ پُڇَڻ ٿا!

�جيهو تيهو آهه اسان جو�، چئه جو دوستَ چون ٿا.
ڪڏهن ماندو متان ٿئين تون، تنهنجي اڱَڻ اَچَن ٿا.
جڏهين ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.
پِرين تو کَون پَري نه آهن، ويڙهي ڄَڻُ ته وسَن ٿا.
ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي �سچو�، هو اَڄُ گوش گذارن ٿا.

ڪافي 8
مانَ پِريَن کي پوي، ڪنِ فرياد اَسان جِي!

عشقَ جو ماريون سُڻو سَڀيئِي،
اديون ڙِي ناهِيو اوي.
هن نماڻِيءُ جو يارَ سَڄڻَ کي،
حالُ وڃي ڪو چوَي.
هِيءَ تا تَنِ رِيءَ راتو ڏينهان،
راند روئڻ جي روي.
در دوسَن جي ڪيئي آهن،
سچوءَ� جيها سَوي.

ڪافي 9
ساٿِي تون يارَ مُنهنجي کي،
نيئِي پَهچاءِ سَنيهو هي!

ته �قيد الماء� جي قسمت، وڌِي، دوري تو کَون مون کي.
�سي پاڙج واعدا پنهنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.
�ڪتابَن ۾ وڌم مُنهن ٿي، ته ٿي خورسَندگي حاصل،
�لڳي دل اوچتِي تو سان، وساري بِره بي تي ثي.
�مون کي تو تا فراقِي ڪيو، اِها فرياد ڪنهن کي ڏيان؟
�هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ، �سچوءَ� کي ياد آهن سي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔