وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday 26 December 2013

مالڪوس دستان ستون

داستان ستون
1
چڙهيو سَر ڇانڀين، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ته �سنيها سانڀين، جي ٿا مُڪَئي سَڄڻان.�
2
ٽڪيو تي ٽارِيءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ڏئي سان زاريءَ، اُڀي سنيها سَڄڻان.
3
پارانڀا پويون، وجھي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛
ڪڍي آبُ اکين مان، نيهين نِچويون؛
لڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.
4
چڙهيو ڏار ڏئي، سنيها جي سڄڻان؛
ٿو ڄَڻ روح رڳُن مَون، نياپن ساڻ نِئي؛
جثو جاءِ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.
5
اَڄ ڪانگل آيو، ماٺ ڪندي مونجھ مَون؛
سو تا منهنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛
هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِهر سان.
6
اَڄ ڪانگا چئه ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟
حالَ اسان هِت هِهڙا، ڪي هُت ڀي هُئا هِئين!
جھامَ ڏئٖي جھُڙ جِئين، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.
7
ڏاها ٿيءُ نه ڏورِ، ويههُ مون کي ٿي ويجھڙو؛
ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙِي، جان هُئين رات حضور؛
دوستَ اڳين دستور، ڪِي تعِظيمان توکي ڏنيون؟
8
زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛
�پِريان سندي پار جِي، آهه تو کي واڌائي؛
�پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت ساجن سَڀائِي؛
�ته ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!�
مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانهنجي.
9
الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛
وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄِيءَ جو پيغام؛
ڪري قدمن تي پَئي، سَوَ لَک ڏيج سلامَ؛
آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛
�اچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگھو طرف �سچوءَ� جي.�
10
نا ته مرِي ويندو هيءُ، الله لڳ اَچيج تون؛
تو توَن آهي هن جو، جانِي، صدقي جيءَ؛
لاههِ فراق فقير کَون، والِي ويجھو ٿيءُ؛
تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.
11
سَڀئِي ڏيج ساري، سنيها کي سَڄَڻان؛
�اوهان ٻاجھون سُپرين، هُت گوندرَ گذاري؛
�گھَڙِي نا گھاري، ميان محبوبن ري.�
12
پَکِي سوئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهين؛
رسيو وڃي اُتهين، سو پانڌي منجھ پَهَر؛
آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر؛
�هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِنيڙي منجھ حَشَر؛
�ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛
�هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي.�
13
ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسان دل کي؛
ته �صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيبَ کي.�
14
پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛
آءُ اُڏامِي اوڏڙو، تا جھوليءَ ۾ جھوليانءِ؛
سَڀَئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛
پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.

ڪافي 1
آيا ڏٺوَ، آيا ڏٺوَ، چئه ڪي پانڌِي آيا!

پرينءَ کي هِن پارَ ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي، سَعيا!
طرف اسان جي ڪَههُ ڙي ڪانگلَ، ها روح سندن جا رايا!
وري سگھو ميان ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.
�سچو� ساري مِيان گھڻو سنڀارَ، سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪايا.

ڪافي 2
چَشمن يارَ جي مون تي، چئه جا چوٽَ چلائِي!

درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.
اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ، تَنهن جي حُسن هلائِي.
ٻنِهي اکڙين سيف ستم جِي. چَو جا آڻي چمڪائِي.
بَڙڇِي بِرهَ جِي سِيني اَندر، �سچو� هِن خيالُ کُپائِي؛

ڪافي 3
منهنجي زاري زاري، سُهڻا سائين تو سان!

معلوم تو کي ڳالهه اسان جي
يارَ سڄَڻ سا ساري ساري.
هِيءَ تا هيڻِي واءُ وهيڻِي،
بِره اوهان جو باري باري.
دوستَ هِئين ۾ يار سمائين،
گھوٽَ نه وجھج گھارِي گھاري.
اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان،
يار اسان جِي ياري ياري.
طرفون تنهنجي يارَ �سچوءَ� کي،
آهه ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.

ڪافي 4
يارَ تو سان، ڪي تا ڏينهڙا لَنگھايَم!

راتيان ڏينهان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينهڙا وسايَم.
پُڄاڻا اوهان جي ڏاها، ڏاڍا سي پور پِرايَم.
سِڪ تنهنجي سُپرين، سارا ئِي سورَ سَلايَم.
پِرين تنهنجي پارَ جا، ڏيهاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.
�سڇو� سي ئي آيا جَن لئه، فالان ٿي روز وجھايَم.

ڪافي 5
ساٿِي منهنجي يارَ کي،
ساري ڏيج سلام!

پِرت منهنجي روز اَزل کان، تو سان مُحب مُدام.
چئِي مَڪا هُئوَ يارَ سَڄڻ، ميان، اَچڻ جا اَنجامَ.
اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُلَ پَون هَنگامَ.
�سچوءَ� جيها ڪيترا، تنهنجي در غُلامَ.

ڪافي 6
تو سان يارَ سڄڻَ، منهنجي پِرت اَصل کَون پيئي.

اَصل اسان جو عشق توئي سان،
ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.
ڪڏهن مُڪو- ڪونه اسان ڏي،
ڏکين نياپو ڏيئي.
اَسين توئِي سان هِڪ ٿينداسين،
وچون وائِي هِجر جِي ويئي.
سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،
جانِي ڪيڙم تو سان جي ئِي.
جي ئِي ڪَيا هَم قولَ توئِي سان،
�سچو� پاڙيندس سي ئِي.

ڪافي 7
ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟
پِرين تو کي پاڻَ پُڇَڻ ٿا!

�جيهو تيهو آهه اسان جو�، چئه جو دوستَ چون ٿا.
ڪڏهن ماندو متان ٿئين تون، تنهنجي اڱَڻ اَچَن ٿا.
جڏهين ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.
پِرين تو کَون پَري نه آهن، ويڙهي ڄَڻُ ته وسَن ٿا.
ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي �سچو�، هو اَڄُ گوش گذارن ٿا.

ڪافي 8
مانَ پِريَن کي پوي، ڪنِ فرياد اَسان جِي!

عشقَ جو ماريون سُڻو سَڀيئِي،
اديون ڙِي ناهِيو اوي.
هن نماڻِيءُ جو يارَ سَڄڻَ کي،
حالُ وڃي ڪو چوَي.
هِيءَ تا تَنِ رِيءَ راتو ڏينهان،
راند روئڻ جي روي.
در دوسَن جي ڪيئي آهن،
سچوءَ� جيها سَوي.

ڪافي 9
ساٿِي تون يارَ مُنهنجي کي،
نيئِي پَهچاءِ سَنيهو هي!

ته �قيد الماء� جي قسمت، وڌِي، دوري تو کَون مون کي.
�سي پاڙج واعدا پنهنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.
�ڪتابَن ۾ وڌم مُنهن ٿي، ته ٿي خورسَندگي حاصل،
�لڳي دل اوچتِي تو سان، وساري بِره بي تي ثي.
�مون کي تو تا فراقِي ڪيو، اِها فرياد ڪنهن کي ڏيان؟
�هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ، �سچوءَ� کي ياد آهن سي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔