وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday 26 December 2013

مالڪوس داستان پنجون

داستان پنجون
1
ڏار چڙهِي ڏاهي، ڪِي جو چيو چُهنب سان؛
اِهو مون آهي، آڌرُ ڙِي اَرواح کي.
2
ڏاهو ڏار چڙهِي، لَسين ٿو لاتيون ڪري؛
ڪو نئون سبق پڙهي، اَڄ پڻ آيو اوڏنهون.
3
ڏاهو مَٿي ڏارَ، عجب اڄ لاتيون ڪري؛
ٿو "سچو" ڏئي سنڀارَ، پريان سندي پارَ جِي.
4
ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري، ڪِي ٿو چهنب ساڻ چوي؛
اَديون سڀ اُهي، آهيو ٻُڌڻَ واريون.
5
چهنبَ ساڻ چوي، ڪِي پيو ڪانگل ڪاڪيون؛
پورن مَنجھ پَوي، ٿو سُڻِي ساهُ سنهيڙو.
6
مُحبن ڏنهن مَسين اڄ پڻ ڪانگل آئيو؛
لاتيون واهَ لَسين، ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري.
7
لاتيون ڪنديئي، ڪانگو هيٺ ڪري پيو؛
هَي هَي هَنڌيئِي، ساٿيءَ ساه مٿي ويو!
8
ڪَهيو هِيئن ڪانگي، آئون چيائين چهنبَ سان؛
ته 'سڄڻ ڪنهن سانگي، وري ايندءِ اُتهِين.'
9
چُهنب ساڻ چئِي، ڪا جا ڪانگل ڳالهڙي؛
ساري آتڻ سان انهيءَ، ڪَهڙي ڏِسُ ڪَئِي؛
پُورن منجھ پئِي، سڀ ڪنهن اَئٽ ڦٽو ڪيو.
10
ڏاهي چڙهي ڏار تي، ڪا جا لتِي لاتِ؛
ڏک ڏنائين سڀ کي، وائِي آڻي واتِ؛
پَيون ۾ هيهاتِ، آتڻ واريون اُتهين.
11
ڏاهو چڙهي ڏارَ تي، ڪري هيءُ مذڪور؛
سنيهَن ۾ سورُ، چوي ٿو چهنب سان.
12
سُڻو سنِيها سَرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي؛
سارو ساهُ نئي، ٿو نازڪ نِياپَن سان.
13
ڏاهو ڏارَ مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بِرهَ بيانُ؛
آتڻ تي احسانُ، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.
14
ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريبَ ڏنهُن؛
وڃي جان جثو، نيو نياپَن ساڻ ٿو.
15
وتيون ۾ ويڙهي، ٿو ڪاريون ڪانگ وهائي؛
روحُ نئين ريڙهي، سڀ ڪنهن جو سرتيون.
16
ريڙهيون روح نئين، پَسو سَڀ جو پاڻ ڏي؛
سنيها جي سَڄَڻان، سي چڙهيو ڏار ڏئي؛
آتَڻ ۾ افسوس ٿيو، تنهن جي پيرَ پِئي؛
ڪَتي سگھي ڪانڪا، کَؤن وهلور وِهي؛
ڪهڙِيءَ طرح ٿئي، وري سَنباهو سَرتئين!
17
ويس تَندُ ڇڄِي، پَهو پٽِ ڪري پيو؛
سُڻِي سَنيها نيهن جا، پَئِي جھوريءَ منجھ جھڄِي؛
اِنهيءَ ڀَتِ ڀڄِي، پيسَ روئندي ڪپڙا.
18
ويڙهي وتندي ئِي، ڪانگي قهر ڪمائيو؛
ڪاڪيون ڪتندي ئي. پَيم پورُ پريان جو.
19
صدقي ساهُ ڪريان، هِنَ ڪانگِي تَون ڪاڪيون؛
جي ڏئي سنيها سَڄَڻان، سي سانڀي ساه ڌريان؛
ڀلي پيرَ ڀَريان، اُنَهيءَ ويلي اوڏهِين.
20
آڻي ڪانگَ ڏنياس، ڪتابَت قرَيب جِي؛
پَهو ڪتيندي پَٽ پِيُس، ڇوهون تَند ڇُٽياس؛
ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چِڪَ ۾.
21
هَلِي ڪانگي هِڪَ، ڪا جا ڪَيس ڳالهڙِي؛
تنهن مامَ ٻُڌڻ سان روئندي، چولِي ڪيائين چِڪَ؛
سَنيهي مَون سِڪَ، پاڻهِي ڪيائين پڌري.
22
ڏاهي چڙهي ڏارَ تي، ڪا ٻولي هيءَ ٻولِي؛
سا ٻُڌي روئِي رتَ سان، چِڪَ ٿيس چولِي؛
ڄڻ هنيڙي ۾ هولِي، تنهن آڻي هِندن جي هنئي.
23
سَڄڻ ڏنهُن سَنيههَ، تنهن آڻي آتڻ ۾ ڏنا؛
ڄڻ ڏنائين سَڀن کي، ڇُريءَ ٻاجھون ڇيههَ؛
ڏک ڀَريائين ڏيهه، ماريو اِنهيءَ مام سان.
24
سُڻو سَنيهه سَڀي، ماريون مَحبوبن جا؛
لَکن مَڻجھ لَڀي، ڪا سوُرائِتي سارَ سان.

ڪافي 1
آءٌ تا ڪالَهه اُڏامِي، وڃي پَيَس پِرين وٽ!
هت قبوليم تَنهن جِي حلقه بگوش غلامِي.
مِهر مٿو ئِي ناه ڪو، عاشقَ ٿِج تون آرامِي.
اصل لاڪُون اُن جو، هِي پاڄِي آهي پيغامِي.
ويَس برابر اوڏهِين، ويٺيس ڪين وسامِي.
مونکي ڪيائون پنهنجو، "سچو" يار سلامِي.

ڪافي 2
ڪڏهن اِيندين هِڪُ ٿِيندين،
نت نهاريُون سنديَئِي واٽڙيُون!
سانَولَ ڪنهين سانگَ سان، اڱڻ اسان جي ايندين.
اِهو اٿئون آسرو، بَديون تا بخشيندين.
ڪَنهين ڏينهن هِن ڏکيءَ کي، دوست دلاسو ڏيندين.
پِرين نيندين پاڻَ سان، ڇَپَر تا نه ڇڏيندين.
ٿوري گھڻي ڏينهَڙي، گولِي ساڻ گَڏيندين.
پَکا پَکن سامُهون، اوري آڻي اڏيندين.
سو ڏينهُن ٿيندو ڪهڙو، "سچو" ڪري سڏيندين!

ڪافي 3
مَنُ موهي منهنجا جانِي،
گھڻا لايَئِي ڏينهڙَا!
صورتُ تنهنجي سُپرين، مورت ڪئِي مَستانِي.
پِرين اوهان جي پار جو، گوندر ٿيو گُذرانِي.
روز اَزل کَون ڏٺُوَ اسان کي، نيهن پنهنجو نِيشانِي.
اڱڻ اسان جي آءُ پيارا، محب ڪريان مهمانِي.
پيريءَ جا "سچو" ڏينهن وسارج، ٿيئِي جَمالُ جوانِي!

ڪافي 4
يارَ سڄڻ ڪيئن سَرِي، تو کي اَسان ٻاجھون!
اسان نِماڻَن ڏي سهڻا سائين، دوستَ نِهارج وري.
توکي قدر ناهي ڪو، ڀَلو، چيٽڪ ڪِيڙس چَري.
اَچي "سَچوءَ" جِي ايڏهين، سَندي دزَ ذرِي.

ڪافي 5
ياد مون کي اَڄُ پيون،
مِٺيون ڳالهيون سُهڻا تُنهنجيون!
رهيون آهن روحَ منهنجي ۾، ڪين وسرِي سي ويون.
ويٺا ڏسون ٿا واٽ اوهان جي، دوسَت دلاسو ڪو ڏيون.
"سچو" آهي سَگ تنهنجي جو، ميان نالِ نِباهي سو نِيون.

ڪافي 6
مون سان تو ڪَيون ڪيون، سُهڻا اُهي ڳالِهيون ڳالِهيون!
سي نه وڃن وسري، ڀلو ميان،
چڱيون اَوهان جي چَيون چَيون.
اوهان ٻاجھوُن سُپرين، ميان،
نِيهن وهايون نَيون نَيون.
لِڪُون ڪيون سين لوڪَ کَون، ڀلو ميان،
پَڌر اُهي اَڄ پَيون پَيون.
ڳجھيون سي ڳالهيون يارَ "سچوءَ" کَون،
ڪين وسري سي ويون ويون.

ڪافي 7
آءٌ تا تنهنجڙِي آهيان، يار مون کي ڇو ٿو ڇَڏين!
تون تا منهنجو آهين اَصل کَون، ڪنهن نه ٻَئي در ڪاهيان،
هوتَ اِيندي هِت ڪڏين.
آءٌ نماڻي عيبن هاڻِي، سَگَ نه ساڻُوَ ساهيان،
پَکا اوري آڻي اَڏين.
توڙي سُڃاڻِين توڙي نه ڄاڻِين، لالچ تا ٻِي نه لاهِيان،
ساڻ گولِيءَ پاڻ گَڏين.
آءٌ تا ٻانهي تون تا سائين، آءٌ غريب سا ڇاهيان،
نانءُ "سچو" ڪري سڏين.

ڪافي 8
انهن جادوگر چشمن بيران ڪيو سين!
اِنهن نيڻن سندي نازن حيران ڪيو سين!
راتو ڏينهان دل کي هيءَ آهي پريشانِي،
اُنهن غَمزن ڳُجھن رمزن ديوان ڪيوسين.
هَي هَي هيءَ فرياد وي يارو، ڪنهن کي سُڻايان،
خونِن هِن خمارن، مَستان ڪيوسين.
ميدانَ منجھ "سچو" تَهه دليون آيو آهي،
اِنهن تارن سَندي تِيرن نيشان ڪيوسين.

ڪافي 9
زاريون ڪَيو زار زار، ميان،
ويٺي روئان، ٻَڙي جيڏيُون!
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان،
ياڪِي سو ٿيڙم يارُ، ميان.
راتو ڏينهان ڳالهه اِنهيءَ جو،
جيڏيون ڙي جِيءَ کي جار، ميان.
پاتو اَٿم لَڳه پرينءَ جي،
ڳَلِ هَنجُن جو هارُ، ميان.
عاشقن کي سوز "سچو" ڙي،
آهي سَدا سِينگار، ميان.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔