وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Wednesday 25 December 2013

مالڪوس داستان ٽيون

داستان ٽيون
1
ڪِي جو لِکيائين، سو مُلان وڃِي واچيو؛
هڪ سِٽَ پڙهيائين، ٻِيءَ سِٽَ سُڏڪن ۾ پيو.
2
ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو؛
پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنهن مطالع نه ڪيو.
3
کوليو ڏئي خطُ، آيس جو عجيب ڏنهُن؛
روئي اکين رت، ڪري مطالع من سان.
4
پُرزو پڙهڻ آئيو، اُٿي مُلان مَسيت منجھاءُ؛
سُورن سندو ساءُ، آيُس سَڀڪنهن سِٽَ مَون.
5
هِڪ سِٽَ پڙهيائين، تنهن ٻِي واچڻ نه ٿئي؛
اِئين اُتائِين، ته هيءَ ڄَر ڄيري نه جھليان.
6
نامٖي مَون نِروار، ٿِي هيءَ ڄَرَ ڄيري سَندي؛
تنهن پَلڪ پڙهڻ وارَ، ٿيو سَڙِي ڪارو ڪنگرو.
7
رقعٖي منجھان رازُ، مڙيوئِي معلوم ٿيو؛
تنهين منجھ نيازُ، طرحين طَرح لِکيو.
8
پهرينءَ سِٽ سَماءُ، ڏنو واچِيندڙ کي؛
اُنِهيءَ خطَ منجھاءُ، ڄِڀِيون ڄيري ڪڍيون.
9
ڏوڙو ڏک پيوس، پَنٖي جي پَڙهڻ سان؛
وچئون ساهُ ويوس، هَي هَي ڪندي ڪاڪيون.
10
جو نامَن منجھ لِکيو، سا هُئي ڄيري جِي ڄَر؛
منجھَون سڀ شَهر، واچيندڙ ڪونه لَڀي.
11
پَنو ڪيرُ پَڙهي، جو پُڻ مُڪو سڄڻين؛
لکيو منجھ لَڙهي، متان ٻُڌندڙ ٻُڏِي مَري.
12
واچيو جنهن ورقُ، جو پُڻ لکيو سَڄَڻين؛
سو ڄَڻ ٿيو غرقُ، دردن جي درياهه ۾.
13
سگھي ڪيرُ پڙهِي، هو جو نامو نِيهَن جو؛
سِرئون سِر چڙهي، موجَ مٿو تنهن ناهِ ڪو.
14
وٺِي خطُ هليو، ساٿِي سلامن جو؛
وچَ ئي منجھ جھليو، ورههَ ڪُوڙيو واٽ تي.
15
وٺِي هليو خطُ، پانڌي پار پرينءَ جي؛
روئِي روئي رتُ، تنهن هلندي حال وڃائيو.
16
آلو هُيڙو عشق جو، سو ساٿيءَ ساڻ نِيو؛
اُهو کامِي پاڻ پيو، جو هو خونِي خط پِرينءَ جو.
17
هُن ڀانيو نامو، پر شعلو هُئَڙو شوقَ جو؛
جِندُ سارو جامو، تنهن جو سڀ سڙِي پيو.
18
پِريَن ڏانهه نيو، تنهن ڪو خط خَبَر جو؛
پڙهندي ڏسُ هِنيو، تنهن ڦڙڪندي ڦاٽِي پيو.
19
ڪو نامو نيهَن نِئين، پِريان سندي پارَ ڏي؛
هَلٖي ساڻ هِئين، مانَ اُنهن کي ارمان ٿِيئي!
20
رهبر روانو ٿيو، پريان جي پارَ ڏي؛
شَل پهچي پَروانو، سلامت کي سَڄڻين!

ڪافي 1
اوري ڪانگَلَ آءُ،
کِيئن جِي خبَر ڏي ڪاءُ!

پريان سَندي پارَ جو، لهي اچُ سَماءُ.
ڳالهِن تنهُجِن مؤَن سَريرَ کي، اچي منهنجي ساءُ.
مُنهنجو ٿئي هِت ڪينڪِي، ٻاجهون هوتَ هَلاءُ.
سُورَن ڪارڻ سُڻ ڙي ساٿِي، جيڪُس ڄَڻيم ماءُ.
�سچو� دوستَن جي دَرَ جو، اَصلون آهه غريب گَداءُ.

ڪافي 2
اَڄ سَڄَڻ پاڻ اِيندئِي،
جَن لَئٖي نِهاريَئٖي ٿي واٽان!

مَتان لاهين آسرو، حال ڀائِي اچِي ٿِيندَئي.
عجيبن جي اچڻ جون، مُبارڪون ڏيندَئي.
پَکا پَکن سامُهان، آڻي دوست اَڏيندئِي.
مَتان ماندي تون ٿِيئين، گوشي پاڻ گَڏيندئِي.
توکي ڄاڻِي پانهنجو، �سَچو� ڀاءُ سَڏيندئي.

ڪافي 3
پانڌِي پيغامَ پُهچاءِ، مُنهنجا محبن کي، ميان!

اَکَڙين کي اصل ايڏنهن جو، وڏو اوسِيڙو آههِ.
ڏاها وڃج ڏيههَ اُنهِيءَ ڏي، جاتي جانِبَ جاءِ.
اَداڙي ساٿِي پارَون اسان جي، پاندُ ڳچيءَ ۾ پاءِ.
راتو ڏينهان آهي ڏهاڙيون، هِنيَڙي کي هاءِ هاءِ.
دوستَن سَندي درَ جو، اَصلَون �سچو� سگ سَڏاءِ.

ڪافي 4
منهنجا واقفَ يارَ،
سدائِين تون جِيئندين!

راتو ڏِينهان روح منهنجي کي، تنهنجِي سارَ سَنڀارَ.
تُحفو هِن کي آهي اهوئِي، تنهن جي پيرن جِي پيزار.
اَچڻَ اوهان جٖي جِي ويٺا وِجھَايون، فقيرن کَون ڦار.
ڳالهيون سَنديُوَ ساريو، �سَچوءَ� کي اچي ٿِي اُڇنگار.

ڪافي 5
ياد مونکي اُهي آيون، وو
يارَ ڪَيئِي ڳُجھِيون جي ڳالهڙيُون!

اوهان جي ڀِي، وو، اَچڻَ جون، ٿيون وَري هتِ وايون.
دردمنديءَ جي، وو، دِل کي، وِرهَ وڃي ڪِي لايوُن.
نانوَ سائِينءَ جي سُهڻا سائين، چِتُ نه وَڃُ مُون تان چايوُن.
آءُ تا ڏينهَڙا گڏ گذاريون، هِت ويٺا وِرهَ وَسايون.
ڏوهَن �سچوءَ� جن ڏي نه ڏسو، هِت ٿا سَندَوَ سَڏايون.

ڪافي 6
پورَ پِرينءَ جي هَي ماريان،
عِشق سَڄَڻ جي چاڙهيان!

دوست بنان درماندِي، دَمُ هِتي ڪِيئن گھاريان.
سِرُ سَڄَڻَ تَون صدقي، واريو آءٌ واريان.
ڳالهيون ڳُجھَ اَندرَ جون، آءٌ پِرين سان پاڙيان.
سِگھو موٽِج سپرين، ڏهاڙيُون ويٺِي نهاريان.
محڪم محبت وِڌيُون، جاڙيءَ مٿي جاريان.
هو جي ڪَيَم پاڻ سان، ڳالهين اُنهنِ ڳاريان.
مَجلِس محبوبَن جِي، ساعت ساعت ساريان.
�سچيڏنا� ساهڙَ ريءَ، ڏَمَ مِڙيئِي ڏاريان.

ڪافي 7
ٻن جِيَڻ مُنهنجو جيڏيون، سُکَ ڪيها سَڄَڻ ريٖ!

سُکَن وڌيَس سَرتيون، آءُ پِريَن کانءُ پَري.
ڏُکَ چڱيرا دوستَ جا، جي قادر ڪَرم ڪَري.
سوئِي عاشق ڪوٺجي، جو محبت مَنجھِ مري.
ڪاڪيون مون کي ڪِينڪِي، ٿي ساجَن ريءَ سَري.
جيڪا اَديون عشقَ جي، آئِي هيٺ اَري.
تَنهن جان جُثو قربان ڪَيو، زُدَون مَنجھ ذري.
�سچو� سوز اُنهن جي، ڳاري منجھ ڳَري.

ڪافي 8
هوت ڪڏهن هِت اِيندو؟
ڪَههُ ڪانگا ڪَل ڏي ڪا!

چئه ڪِي ويهَندو هتهين، ڪِي ساڻ نماڻِي نيندو؟
هيڪندِ اَچي هوتُ مُون، هِن ٿَڪيءَ سان ٿيندو.
پاڻُ پنهنجو سُپرين، ساڻ غَريبِ گَڏيندو.
پَکا پاڄاڻين کي، اوڏا يارُ اڏيندو.
هوتُ پنهنجا هَٿڙا، هن ڏکيءَ کي ڏيندو.
سَنگَت پنهنجيءَ سُپرين، �سچوءَ� کي به سڏيندو.

ڪافي 9
زار روئِي ڪيم زاري،
دوستَ ڙي توريءَ تا نه سَري.

محبت تنهنجي، وو، ڪِيَس مستانِي، بارُ بِرهُ جو باري،
دوستَ ڙي چَوي لوڪ چَري.
هِن بنديءَ کي، وو، بخش بلوچا سائين، هوت اَچِي هڪ واري،
دوست ڙي سَندءِ ذوقَ ذري.
مٖيلائي لَڳي، وو، محب اَوهان جي، واجھ وجھي ويچاري،
دوست ڙي وڃان تا مَ مَري.
آهي مِڙيوئِي، وو، توکي معلوم سائين، حال حقيقت ساري،
دوست ڙي وڃ مَ يار وري.
جيڪِي آهين، وو، سو تا تون هين سائين، حڪم سندءِ آهي جارِي،
دوست ڙي پِيڙَم خبَر کَري.
�سچو� آهي، وو، اَوهان جو سائين، ڏجو تنهن دلداري،
دوست ڙي وڃن ڳَچَ ڳَري.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔