وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Monday 2 December 2013

جھولڻو

جھولڻو
( سسئي ۽ پنھونءَ بابَت )
1- سَرتيون سڀ ٿِيَس صلاحِي،
ھوتان راھَ وٺي پيا راھِي،
ڇو ٿينءَ ڪَڍَ تَنِين جي ڪاھِي،
ڏونگر ڪِيم ڏَسائج ڏاھِي،
حَبَ ۾ ڪونه ڪَندُئِي ھمراھِي،
تڏھن ڇَپ ڪرڻ تو ڇاھِي،
پَر ھو اِھڙو امر اِلاھِي :
ٻيا سڀ ويھُ تون وھَم وساري.

2 - چي ڙي، مون سان مُور مَه ٿيو مَصلحاتِي،
ثابت سِڪَ رھي ڪا ساتِي،
ھاريون ھي جا آھي حياتِي،
تن کي روھ رسان ٿِي راتِي،
پائِينديس جھَر تَتي جھَنگ جھاتِي،
ڇاجي ڇڄي پوي مون ڇاتِي،
ڪنديس وؤڙ سَنديَن ويلا تِي،
اِينديس ساڻ وٺي ڀَڙُ ڀاتِي:
ڏسنديُون ھوت مِڙئِي ھِڪواري.

3 - چي ڙي، ويھُ وسار وڃڻَ جي وائِي،
توسان لَعلَن جنھن لَؤن لائِي،
تُنھنجي دل کيڻَن تَنھُن تائِي،
سو اَڄ جاڙَ ڪري ويوءِ جائِي،
ڏيئي ڪَن ٻُڌج تون ٻائِي،
ڊوھن پاس نه ڊوڙج ڊاھِي،
سُرت صلاحَ تون سَمجھج سائِي،
اِھا ڳالھ اَمرَ ۾ آئِي :
ڏونگـرُ ڏورؤن ئِي ڏھڪاري.

4 - آيل اَڻَ مُلھِي جا آھي،
سا ڪيئن سڱ سڄڻ سان ساھي،
ٻيو تان ٺاھ نه ھرگز ٺاھي،
ڏاڍن ساڻُ شَريڪتَ ناھي،
جا پَئي سڀ لاڳاپا لاھي،
ڇَپَر ڇوھ اَڳيانئُس ڇاھي،
ڪيچن ڪَڍَ اُھا مَرُ ڪَاھي،
کڻندي گام ته پُڄندي ڪاھي :
محض اُنھيءَ کي مِيرُ نه ماري.

5 - چي ڙي، رَھَ روين ٿِي روڙي،
آڏو ڀِينگ ٻُجھي ٿي ڀَوري،
ھيبتَ ھول ھراست ھَوڙي،
ڪامِڻ ناھِين اسان کي ڪؤڙي،
تُون تَنھن ديس مَ وَڃج ڊَوڙي،
پَرڏيھيءَ جي پُٺِ مَ پؤڙي،
ٿَر ۾ ترسُ اَٿئي ٿَڪَ ٿَوري :
ھِتِ تا ڪانَه گَھڙي ھِڪ گھاري.

6 - آ دل آرياڻِيءَ سان اَٽڪِي،
مان جا ريجھَ اَديون تَنھن وٽڪِي،
ھَي ھَي گھوري تا ھِنَ گَھٽڪِي،
رھنديَس ڪِين ھِجَر ۾ ھَٽِڪِي،
جانبَ ڪاڻ نه جاڳيس جھٽ ڪِي،
ڀِنيءَ ويلَ وڃان مَرُ لَٽڪِي،
ڪنھن جي مھم نه ھَٽڪا ڦَٽڪِي،
ھاڻي سر توڙين مون سَٽڪِي :
ھِنَ کي ڪامَ ھَلڻَ کؤن کاري.

7 - چي ڙي، سڀ پَر سُڃَ ڄُلي ٿِي ڄاڻِي،
پُرجِھج پَٻَ نه اَٿيئي پاڻِي،
وسھج تو دل جَنھن سان واڻِي،
سَسئي سو تان ٿِيُئي نه ساڻي،
ناحق تانگھ تنھين ڏي تاڻِي،
ڇو ڪَيَءِ خواب کڻِي تو کاڻِي،
ڪِيئن ٿِي آبُ اَکين ۾ آڻِي،
حِيلا ڪَرمَ ھلڻَ جا ھاڻي :
پُڄندينءَ بام پَسِي بَرُ باري.

8 ­- جيڏيون جبلَ چَؤ ٿيون جيئِي،
ساجھُر سَنگَ لتاڙيان سيئِي،
گھوريان گھوٽ بِنا گھرُ ھيئِي،
سائِي وَسَ وَٽانئُم ويئِي،
رھندَمُ روحُ نه ھِت تَن ريئِي،
وِيڙم دوست دلاسا ڏيئِي،
ھِيءَ تان پَلَؤ پُنھونءَ جي پيئِي،
ھُن تان ڪامِڻَ ڪيڙس ڪيئِي :
نِيائُونس وَرُ وٺي ويساري.

9 - چي ڙي، گھورين ڪاڻ، جنين جي گَھرڙا،
اَٿئي تَن اَڙانگا اَرڙا،
آڏو ٿاڪُ نه ڏيندءِ ٿَرڙا،
ٿِيندءِ زور مَٿي تو ذرڙا،
بيدل بَس ڪَرائيندءِ بَرڙا،
اوجھڙ ڪوھَ اَٿئي سي ڪَرڙا،
گھائي پيرَ کائيندءِ کَرڙا :
سَگھندينءَ نارِ نه وَرُ نِھاري.

10 - ثابت ڳالھ سڻو ھِيءَ ساري،
جبل واٽ نه جيڏيون جاري،
پَرَ ڀِي بِرھ جنھين سان باري،
سا ھَڏِ ماڏي مور نه مَاري،
ڇا جي وَر وِنگا وَڍَ واري،
تاڀِي درد منديءَ دَھڌاري،
توڙي ڪوھ ڪري ٿو ڪاري،
ڪندو پاڻ پنھون پوءِ واري :
تا پڻ سَرسُ سِڪائِي ساري.

11 - جيڏيُن ڪَيَس وراڻِين جوڙي،
ھُت ٿو روھُ رڙندا روڙي،
تَنھن جو تابُ نه سگھندي توڙي،
آڏو مِير مَيائِي موڙي،
رائو ريگَ ٿَرَن کؤن ٿوڙي،
سگھندينءَ پيرُ نه ڪَر ڳَل کوڙي،
تون تان لعلُ لَھين ڪِيئن ووڙي،
ڪَنھن جي ڪَامَ ڪَمر ڇَڏ ڇوڙي :
ٻيا ٿِي ماڳ مِرُون چوڌاري.

12- جيڏيون جَتُ منھنجو آھي جائِين،
آءٌ تان وينديَس اَڄ تَنھن تائِين،
آھيان ٻانھي اُن جي آن ئِين،
پاڻؤن گھٽ ڀينَر ٿِي ڀانئِين،
آن کي پَلؤ ڳچيءَ ۾ پائين،
دَمُ دَمُ دُرس ڪريج دعائِين،
مون کي سَڄڻن ميڙيين سائِين،
ڪيچيڙن کي پَھچان ڪائِين :
بِرھ جِي باھ ٻَھون ويا ٻاري.

13 - چي ڙي، آڏو لَسَ بَگھيڙَ ڪن لوڙا،
تَن کؤن ڪَنَ ٻَئي ٿين ٻوڙا،
ڇوھئون ڇَپُر ڇِني ٿو ڇوڙا،
تاتي ٽاڪَ ٽَڪَر جا ٽوڙا،
سَھمناڪَ سُنڊا سي سوڙھا،
ڏيوَن مارَ مَٿي ڏين موڙا،
سي ئِي ڏُرت ڏورَڻ جا ڏوڙا،
ڏينڀو ڏنگَ ھَڻن ٿا ڏوڙا :
آھِن ھاڙي مَنجھ ھَزاري.

14 - چي ڙي، ڇا جي مَستُ مِرون ھنئن مارا،
چُرڙين نانگَ چُرن چوڌارا،
سي ئي ورھ اڳيون ويچارا،
ھڻندا شينھَن ڏسي شوڪارا،
ھو جي ھاڙي مَنجھ ھاڪارا،
سَرتيون سَنگ نھاريان سارا،
ڪيا جُک جانب جي جيءَ جارا :
وَرَ سان ڪانه ايندي ڪا واري.

15 - چي ڙي، ھُيَڙئِي جي جَتَنِ جِي جا ڪا،
توکي سَمجھ پيئِي چَؤ سا ڪا،
ويَڙَئِي نازِ نھوڙي ناقا،
ڏونگَر ڪين اَٿئي ڪي ڏاڪا،
لُوھي لَس وجھندئِي لاڪا،
ڇِپِؤن ڇُوھ لنگھندينءَ جھاڪا،
آڏو فَلَڪ فِڪِر آھِن فاقا،
ونگُن وِچ واسِينگَن واڪا :
ھُت تو پَٻُ وِجھي پاتاري.

16 - ڪاڪيون ڪامَ ٽِڪي ھُت ڪانِي،
جاڏي جَتَ وٺي ويس جانِي،
سورج آھي نه تن جو ثانِي،
تاڏي تُرتُ وڃان آءٌ تانِي،
ڇا جي پَٻِ نه ھوندس پاني،
ڇَپَر ڇوھ اَڳيانئُس ڇاني،
توڙي بِرھ وِڃايس بانِي،
لوچون ڪِين ڪنديَس سالانِي :
اِھو عَرض اَٿوَ اِظھاري.

17 - جَلَدؤن جَت وٺِي ويئي جوري،
ڀوري ڇو نه ڀِرينءَ تَنھن ڀوري،
گاذر ھاڻ مَحَل گَھر گھوري،
ڏُونگَر ڏرڙَ سَگھِين ڪِيئن ڏوري،
عاجِز عام ٿيندئِي، ھِت اوري،
ٿَرَ جي پنڌ نه ٿَڪِيئن ٿوري،
تن کي توڙَ سَري ٿِي توري،
وجھ مَ جِيُ ڀَلا ڪَنھن جھوري :
مَرنديءَ گامَ کنيو ڪوڪاري.

18 - چي ڙي، بيحد ڪِيم ڪِھو ٻيون باتِيون،
ڇو ٿيون لَسَ لوايو لاتِيون،
ڪَنھن کي ڪَنڌ نه اِينديون ڪاتِيون،
رھنديَس روز نه اِتي راتِيون،
وينديَس سِڪ سَڄڻ جِي ساتيون،
ڏاتَرُ ڏِس جو ڏيندُم ڏاتِيون،
پائِيندس جالَ جَبَل ۾ جھاتِيون،
مُحبن ھَس اِھي مَصلحاتون :
ھَلِي آ مَردِ ساڻ اُماري.

19 - ڪامِڻ مِنَٿ ڪَريون ڪَنھن ڪيھِي،
سي جَتَ جاڙَ ڪري ويئِي جيھِي،
ڪِيَڙي پُرجھ نه تو پٻ پيھِي،
ڪا ڪَر ڪاھ تِنين پُٺ تيھِي،
تون تان نِينھَن نسوري نيھِي،
ووڙج وَرُ مَ وِرچج ويـھِي،
ڪيائين دُرس ديوانِي ديـھِي،
اَول عِشق نِشانِي اِيـھِي :
تَڙ ڦڙ راتِ ڏينھان تڪراري.

20 - ڪيچين ڪَڍَ لڳِي ھوءَ ڪَھڪي،
پھريون پُور ٽَڪر سان ٽَھڪي،
ڪامِڻ ڪوھ ڏسِي نا ڏھڪي،
اُتي روحَ نه تنھن جي رَھڪي،
توڙي پير ڦِٿَس پَٻ ڦَھڪي،
تان ڀِي نارِ نه بلڪل نَھڪي،
توڙؤن ڪِين تنھين ھَڏ تَھڪي،
اَوجان عاشق اھڙي اَھڪي :
ڏونگر سڀ وڌائين ڏاري.

21 - توڙي جھَڪَ جھَڪي ڪئي جھولي،
ٻِي تان ٻولي ھَڏ نه ٻولي،
ڦيريون ڏئي، پِرين کي ڦولي،
ڇوھؤن پاڻ ڇَپَر کي ڇولي،
گورَن رَند ڏسِي سِرُ گھولِي،
ڳڙَ ڳڙَ ڳوڙھا ڳاريو ڳولي،
ڏونگر ڏرڙ ڏکوئِي ڏولي،
قادر شال قريبَن ڪولي :
ڪندو گام ٽَڪَر کَؤن ٽاري.

22 - پھريون کانءُ پھاڙَ پُڇيائين،
ھِت ڪي ويٺا ھوت ھَنڌائين؟
ھَر ھَر توکي سُرت سڻائين،
ڪي ھئا رات توئِي وٽ سائين؟
ڪَر ڳَل الله لَڳ اَلائين،
ٻيو ھَڏ سور نه سَنگ سليائين،
مون کي مُحبن ساڻ مِلائين :
عاشَقِ ھَي ھَي ويا آزاري.

23 - پوءِ تان ٿيڙس جبل جوابِي،
ڀِنيءَ ليلَ لنگھيا بشتابِي،
ساڳيين سارو ساٿ ثوابِي،
سي سڀ ھُئڙا گُل گُلابِي،
وڄندا وِيڙا رات ربابِي،
اصلوءِ اَڙٻنگ ھئا اَعرابِي،
توسان ڪِيائون خام خرابِي،
اوٺي عين ھئا عاذابِي :
ھتؤن ڪاھ اَڙاھ اَنڌاري.

24 - ڏونگر ڏَسُ چُڪيءَ ڇَڏ ڏيئي،
تو وٽ رات تنين ڪا پيئي؟
آھ ھي وَسَ تنين کؤن ويئي،
ڪِي تان لنگھيو ساٿ سنجھيئي؟
ھاڻي حال سُڻج مون ھيئي،
ويَڙس ڏک وڏو ھي ڏيئي،
ھُو ھُئا ڏاڍا سُپرين سيئي،
جانب آھن منھنجا جيئي :
ماري آھ ويا آ تاري.

25 - حَجر چَيَس آھي ھِنيڙي ھاري،
جي تون محبوبن جي ماري،
آھي عشق سَندُءِ آزاري،
وجھج ڳَلِ ڳچيءَ ڪا ڳاري،
مون کي تِر نه ڪج تَڪراري،
پُٺِنِ ڪاھ، نه ٿيءُ قراري،
اَٿئي بِرھ بلوچي باري،
يَڪدِل کانئن مَنگجِ ياري :
ويندئِي عشق نه ھڏ اوتاري.

26 - ڏونگر ڏيرن ڏي ڏَس ڪوئِي،
اَوڙي روحَ نه ٻيو رسُ ڪوئِي،
ناھي ويچاريءَ جو وَسُ ڪوئِي،
لاھي ڪونه ٻيو ڪَسُ ڪوئِي،
ناھي جانبَ جو جَسُ ڪوئِي،
ڪُٺي غَم ڏِسِي ڪَس ڪوئِي،
خاطِر منجھ نه پيس خس ڪوئِي،
وٺي درد ڦِري ڏس ڪوئِي :
بيٺِي عِشق مَنجھؤن اوساري.

27 - چُڪيءَ چوٽ وڻِي ورچاٽي،
وِيڙا وِرھ توئي سان واٽي،
آندي عِشق تڏھن اورھاٽي،
ڪُٺل ڪيچ وڃج ڪنڌ ڪاٽي،
پِيتُئي زُھر منجھؤن گُھٽ گھاٽي،
توکي آندو عشق آڳاٽي،
ڳولج ڄامُ پنھونءَ گھِر گھاٽي،
ھَي ھَي لَعلَن ويو لوھاٽي :
ھُئڙي جن جي ھِيءَ اَجھاري.

28 - ھَي ھَي ماري عشق اَميران،
وٺِي وِرھ وَڪيل وَزيران،
توڙؤن ھِيئن لِکيون تقديران،
ٻانِھن ھٿ ٿيون تقصيران،
ڏاڍيون عشق سنديون تڙ ڀيڙان،
پُٺِيءَ منھنجي بِرھ بَھيران،
ھَلَن ھُت نَڪي تدبيران،
مون سان سندين سوز سفيران :
ورتُئي ورھُ ڪنھين وَڻجاري.

29 - اَول بابين برھ پَڙھيائين،
تنھن پوءِ سورن منڍ سَڙيائين،
سَسئي ساڻُ فِراق ڦَڙيائين،
اَصلؤن ڪيچن ساڻ ڪَڙيائين،
جَڙان جيءَ ۾ جال جَڙيائين،
تيلھان مٿي روھَ رَڙيائين،
مَحبت منجھ مريض مَڙھيائين،
توڙؤن غير خيالَ تَڙيائين :
پيئي ھَٿ بِرھ ھاڪاري.

30 - ھِيءَ دل لالَنُ وِيَڙسُ لُٽي،
وِڌسُ ٻاڻَ ٻروچَ جِي ٻُٽي،
وَرَکؤن شالَ فقير نه ڦُٽي،
ڏُنگر ڏُک چَريءَ کي چُٽي،
ڪيائين ڪيچن منزل کُٽي،
آنديُس عِشق گھڻيري گُھٽي،
مٿو پيرَ ڪرايون ڪُٽي :
ھَي ھَي ڪيو ٿِي سَا ھُونگاري.

31 - وَرَ جا وِرھ پياريَس وَٽِي،
توڙي سسئي سورنَ سَٽِي،
تَنِھن دل ڏانھن نه مُحبن مَٽِي،
چوکو عشق نه آھي چَٽِي،
سُورن سوز کِلڻ کَؤن کَـٽِي،
مُحبت کانءُ نه گھايل گُھٽِي،
سسئي سوزَ فِراق جي ڦَٽِي،
ڀائين پَٻُ پَٽولا پَٽِي :
روئي ڦوڙائِي جان ڦوھاري.

32 - لوٺِي بَڪ مٿي ٿي لَتِي،
ڊوڙي تيزَ منجھارؤن تَتِي،
محبت مَنِ تنھين جي مَتِي،
وڃي ڪيچ وِرھ مون وَتِي،
گھوري گامَ گھڻيري گَھتِي،
ڏکَ جي چِتِ ھنيائون چَتِي،
روئي ريتِ تنھين سڀ رَتِي،
ڄاڻي پَٻ سَڀو ھڪَ پَتِي :
عاشِق عِشقَ منجھؤن اُڇنگاري.

33 – ھَرڻـيُون کِيرُ پيارڻ آيس،
ڪِر ھَڙ دانھن ڪري سَڀ کانيَس،
ڪوڪن ساڻ ڇَپَر سڀ ڇانيَس،
ڏُونگر ڏکَ منجھارؤن گھايَس،
ڇُلنگيون عشقَ ڏکن ٻُٽ لايَس،
ڳالھيون ڪيچ ڪيچيڙن ڳايَس،
بَر کي بِرھون بازر ڀايَس :
حِجَر ڳاريَس ساڻ ھُوڪاري.

34 - ھَي ھَي ھوتُ ڪري وِيس ھولِي،
تنھن محبت ٻاروچي جِي ٻولِي،
ڏونگر حُبؤُن ڀاين ڏولِي،
ڪوھيارَل جِي ٻانِھي گولِي،
ساٿي پَٻِ پِرينءَ جي ڦولِي،
تنھن تا جانبَ تان جِند گھولِي،
روئِي ڪيائين ڇَپرَ ڇولِي،
سَنگ جِي راھ ڪيائونس سولي :
نيندس ڪيچي نالِ قطاري.

35 - منجھؤن نِينھن ھنيائين نعرو،
سُڻندي سير سڙي ويو سارو،
منَ ۾ محبت وِڌس مارو،
ڪيائين واري اتي وارو،
اَندرؤن عشق ڏنس اوٻارو،
ڏيئِي مَٿي سَنگ سَرارو،
ڪائين مانَ ڏسان ڪوھيارو،
محبت ريءَ آھي منھن ڪارو :
"سچيڏنا" ڪونه سنڀاري.

36 - مٿي روھ چيائين روئي،
ھيءَ ڪَلَ ڪوھيارلَ ڏئي ڪوئِي،
عاشقِ تنھنجي عشق اندوھِي،
محبت مَنجھ ھَلاڪِي ھوئِي،
لڳِي لالَن تا لَڙھ توئِي،
ٿوڙؤن سُورَ وِڌائين پوئِي،
ساٿِي ٿيُس "سچيڏنا" سوئِي،
جانبُ آھيس جِيءَ جو جوئِي:
قادِرُ گڏُ تَنھين سان ڪاري.

37 - ھيءَ جا ھِنيَڙي ٿي حيرانِي،
محبت مادُ ڪَئي مَستانِي،
دلبر ڪاڻ ھئي ديوانِي،
باقِي نِينھُن رھيُس نِيشانِي،
ڪيَڙي فوج فِراق جي فانِي،
ڪيائين ساھ سَريرُ قرباني،
گَڏبُس شالَ جَبَل ۾ جانِي،
ٿيندُس رَحم اُتس رحمانِي :
آئِي ھيٺؤن نِينھن نغاري.

38 - محبت محبوبن جي ماري،
ڪا جا باھ ٻاروچَلَ ٻاري،
ڳالھين ڪيچيڙن جي ڳاري،
ڪيائين جانِبَ تَؤن جِندُ واري،
منجھؤن ذوقَ چيائين زاري،
ھِيءَ دل آھي سڄڻ تَؤن واري،
ڪُوڪان ڪوھ ڪري ڪوھياري،
توڙي وِرِھ ڪئي ويچاري :
راتيان ڏينھان گھنگھر گھاري.

39 - مٿي روھ ڏسو سا رَمڪِي،
ڪا جا عِشقَ چَکايَس چَمڪِي،
ڏسِي سُڃَ نه دم ڀر ڌمڪي،
محبت مُور نه ڪامِڻ ڪَم ڪِي،
گوندر وِچ گُذاري غَم ڪِي،
ھاديءَ جانبَ سان نئين جَمڪِي،
تنھن تان تانگھ نه تِر ھڪُ تَمڪِي،
مٿس وڄُ وِرِھ جي چَمڪِي :
تنھن جي شور وِڌي شوڪاري.

40 - چڙھندي چُنج نه عاشق اَڙڪِي،
ڪا جا فوجَ مٿائنس ڪڙڪِي،
لڳِي لعلَ پُٺيءَ سان لڙڪِي،
لڳِيس باھ بِرھ جِي ڀڙڪِي،
جوھَر جوشَ سَڄَڻ جي جھَڙڪِي،
رنجيءَ روھ اُتؤن جا رَڙڪِي،
سارو سَنگُ پيو سَڀ سڙڪِي،
ٽَڪرُ سڀ پيو تان ٽَڙڪِي :
اھڙو سوز ھلِي سينگاري.

41 - جانِبَ ڪاڻِ ڇڏيائين جايُون،
فوجان عِشقَ اڳيانئُس آيُون،
ڪلان ڪوھَ سَنديَسِ ڪَھڪايُون،
سڀئي وِرھ وِساريُس وايُون،
وڃي خاڪَ لِڱن کي لايُون،
تنھن جي سوزَ ڇَپَر سڀ ڇايُون،
روئِي روھِ ڏنائين رايُون،
پيان پٻ چڙھي ڄَڻ پايون :
اھڙو عشق ھَلي اختياري.

42 - ڇَپَرُ ڪا نه ڇڏي سا ڇوري،
جنھن تان گھوٽَ اُتَؤن جِندُ گھوري،
جا ڪِي پورَ پرين جي پوري،
ھيڪَل ھوتُ نِھاري ھوري،
ڳولي تَنين جنين ٿَر ٿوري،
لُؤن لُؤن قابو لڳيس لوري،
ھُئڙس جھورَ برابر جھوري،
تنھِن جي ھٿ سڄڻ جي ڏوري :
اِنھيءَ ڳالھ وِڌي سا ڳاري.

43 - آھي ريءَ عجيبَ اُٻائون،
اَچي شالَ ڪوھيارل ڪائُون،
جنھن سان لوھِ لڌيون ھُم لائوُن،
ھَي ھَي جَت وٺي ويا جائُون،
تنھن تان ڏَس پُڇي ٿِي تائُون،
ننڌر ھيءَ جا نال نه نِيائُون،
تنھن جِيون زِيلان ھُت سُيائُون،
ھِھڙُس ڏونگَر حال ڏٺائون :
ويچاري ٿِي تونگِ تنواري.

44 - موٽي چاھ پرينءَ جي چائِي،
تَنھن ڪا ڳالھ محبت ڳائِي،
ڇَپَر سَڀ ڪيائين ڇائِي،
ڏاڍيءَ تِکَ تَنھين جي تائِي،
"ويجھي آيس" ھُئڙس وائِي،
روئِي روھ ڏنائين رائِي،
گھِٽِن منجھ قلم گُھمائِي،
تان تان اوڏي وَسئون آئِي :
آيُس مُحبُ اڳيون منھن پاري.

45 - ڪُونجن ھَٿ مُڪائين روئِي،
دانھن ڏوگھ منجھارؤن ڏيئِي،
سا تان ڪَنِ سَڄَڻ جي پيئِي،
اُٿي ھليا ھوت ھَنڌيئِي،
جانبَ جِيءَ گُھريا ھَسِ جيئي،
آيس سَڄَڻ پاڻَ سنجھيئِي،
جن جي ڪاڻ ويچاري ويئِي،
وڃي ڪيچ اُھا ڳل پيئي :
پنھون پِريَن گڏيو غم ٽاري.

46 - سسئي ڄامُ پنھون ھڪُ ھو تان،
ڪامِڻ جانب ڳوليو جو تان،
ساڳي پاڻ پنھون ھئِي سو تان،
ڀڃي ھيءَ ڳجھارت ڪو تان،
ڇاجي ڪاڻ ڪَرين ٿِي ووءِ تان،
ڇَپَر ڳولي ٿِي سا ڇو تان،
"سچو" دَست دُوئِيءَ کان ڌو تان،
ساڄَنُ ڪيئن صَحِي ڪَيو تو تان :
پَر جي عشق اَچِي اوجاري.

47- آھي "ڪُلِّ شَيۡءٍِ" سو ھادي،
"خَلَقَ الۡاَشۡيَاءَ" کَؤن آبادي،
"وَھُوَ عَينُھا" ٿِي آزادي،
واندِي غير ڪَنوُن ھيءَ وادي،
لَٿا شَڪ شُبھا ٿِي شادي،
"سِري سِرہٗ" ٿِي اِمدادِي،
جنھن کي سَمجھ تنھين کي تَعدي،
سوئِي مَرد نه آھي مادي :
سَڀ وِچ صورتَ يارَ دي پياري.

48 - پَنھنجي پاڻَ ڪري ٿو وائِي،
تنھن تان ڳالھ اھا ڳالھائِي،
ڪافر مؤمن صورَتَ سائِي،
انھيءَ رَمزَ ڏنائين رائِي،
جانبَ ڏسُ ڏنو ھي جائِي،
"فاَيۡنَمَا تُوَلُّوۡا" آيتَ آئِي،
ٿيڙو اَڄُ بَھاني ڀائِي،
اَحمد وحي ھِڪو ھِڪ ھُئائِي :
"احمد" "اَحد" ھُئا اِسراري.

49 - "عَرفتُ رَبِي بِرَبِي" آيت آئِي،
نوبت "اَنَاالۡحَق" وڄائِي،
"اَعظمُ شَانِي" رَمز رلائِي،
ڪِيَڙي "لَو ڪَشفَ" اُجرائِي،
"يَسمَعُ يُبصِرُ" آھي ھِڪڙائِي،
"بِلا مِيم اَحمدُ" اِھا وائِي،
"اِني اَنَا الله" آگاھِي،
ھُئڙي صُورت ھِڪ سڀائِي،
سوئِي بندو سو مولائِي،
سوئِي ھيٺ سو بالائِي :
عالَم اَلله مون اِظھاري.

50 - ظاھِر سِجُ ته سڀ ڪنھن جائِين،
ھيءَ ڀي رَمز تون دل سان لائِين،
تون تان آئينو ٿي آئِين،
پنھنجو پاڻ ئِي ۾ مُنھن پائِين،
"مَين" کي ڇوڙ ته ٿِيون "سائِين"،
ڀولو مور نه ھن ۾ ڀائِين،
توکي صَحِي سَچ سُڻائِين،
ڪا شَي ناھي بِنا حق ڪائِين،
"ڪُلُ شَيءِ ناطِقءُ باالحق" ڳالھ اِھائي ڳائِين :
ھَر جا پاڻَ غَنِي گُفتاري.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔