Wednesday, 15 January 2014
سنڌي اڊوب فوٽو شاپ تي
هن وقت تائين اڊوبي فوٽوشاپ، السٽريٽر وغيره ۾ سنڌي جو استعمال صرف مڊل ايسٽرن ايڊيشن ۾ ممڪن هو. هاڻي فوٽوشاپ ۽ ٻيا اڊوبي جا پروگرام، ونڊوز توڻي ميڪ ۾، توهان بيحد سولائي سان سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا۽ سوين اسٽينڊرڊ يونيڪوڊ آرائشي سنڌي فونٽ استعمال ڪري سگھو ٿا. ان لاءِ ٽُولز حاضر آهن. سنڌي ريڊي فائل ڊائونلوڊ ڪيو. اها رار فارميٽ ۾ آهي، ان کي ايڪسٽريڪٽ ڪيو ۽ کوليو. ان مان ڪي به لفظ ڪاپي ڪري پنهنجي فائل ۾ پيسٽ ڪيو ته جيئن سنڌي لاءِ ڪيل سيٽنگز لاڳو ٿي وڃن. ان کانپوءِ ڪاپي ڪيل لفظ ڊاهي ۽ سنڌي لکو ۽ ان کي اڊوبي پروگرامن وسيلي سينگاريو. ان لاءِ ڪنهن واڌاري سيٽ اپ جي ضرورت ڪانهي! ان جي استعمال سمجھائڻ لاءِ به ويڊيو ٽيوٽوريل جي سوکڙي شبير ڪنڀار ۽ سندس ٻانهن ٻيلين وٽان ملي آهي جنهن لاءِ هو جس لهڻن.

ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سنڌي ايڊوب
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔