وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Wednesday, 1 January 2014

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني: عبدالماجد ڀرڳڙي ننڍپڻي کان ڪميشن تائين

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي ۾ نئين نئين وڪالت شروع ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ادا وڏي، غلام صديق، جي شادي کي ڪافي عرصو ٿيو هو پر هو اولاد جي نعمت کان محروم هئا. عبدالماجد اهڙي طرح بابي سائين جي پٽن جو پهريون اولاد هو، تنهنڪري سندس ولادت والد صاحب لاءِ ته خصوصًا بيحد خوشي جو باعث هئي. ڇٺيءَ جي موقعي تي ڳوٺن ۾ معمول هوندو هو ته پٽڙو ڀت ٺهرائي مهمانن کي کارائيندا هئا پر مون ان موقعي تي پنهنجي خوشي جي اظهار لاءِ گوشت جو پلاءُ رڌائي مهمانن جي تواضع ڪئي.
جڏهن عبدالماجد جي عُمر تقريبًا ٽي ورهيه ٿي ۽ منهنجي گھر منهنجو ٻيو نمبر اولاد منهنجي نياڻي رضيه سلطانه پيدا ٿي، ته ادي وڏي ۽ سندس گھروارِي زور ڀريو ته عبدالماجد اسان کي ڏيو جو اسان جو اولاد ڪونهي. مان ته پيءُ هوس، پر شاباش هجي منهنجي گھروارِيءَ کي جنهن شادي جي ڇهن ورهين بعد پيدا ٿيل پنهنجي سِڪيلڌي پُٽ کي ادا وڏي وارن کي ڏيڻ جي هامي ڀري. هي اهو وقت هو جو پاڻ کان وڏن جو چيو موٽائڻ بيحد ڏکيو هوندو هو. ايئن اسان پنهنجو دل گھريو فرزند ادا وارن جي حوالي ڪيو. عبدالماجد ننڍو هو تنهنڪري هو ادا وارن کي ئي پنهنجا والدين سمجھڻ لڳو پر ٻاراڻي اوسٿا ۾ جيڪو وقت اسان سان گھاريو هئائين سو به وساري ڪونه سگھيو هو تنهنڪري اسان کي به بابا ۽ امان ڪوٺيندو هو.
ادا وڏي جي تعليم کاتي ۾ ملازمت هئي ۽ بدلين سانگي کين مختلف هنڌن تي رهڻو پوندو هو. ساڻن گڏ عبدالماجد به پنهنجو ننڍپڻ ٽنڊي جان محمد، حيدرآباد، ميرپور ماٿيلي، سکر، نوشهري فيروز ۽ شهدادپور ۾ گذاريو. جڏهن عبدالماجد ستن ورهين جو ٿيو تڏهن ادا وڏي جي گھر به اميدواري ٿي ۽ الله پاڪ کيس هڪ فرزند (عبدالجليل عرف زاهد بلوچ) عطا ڪيو. پوءِ ادا وارن چيو ته هاڻي بيشڪ عبدالماجد اوهان وٽ رهي. پوءِ هن تي به اها ڳالهه حتمي طرح واضح ٿي ته سندس والدين اسان هئاسي، پر ادا وارن سان سندس محبت هميشہ قائم رهي. ان بعد هو اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيو جتي هن پنهنجي پرائمري تعليم پي وي اسڪول ۽ بعد ۾ شاه محمد اسڪول ۾ مڪمل ڪئي.
سيڪنڊري تعليم لاءِ مون کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو جنهن جو هيڊماستر سنڌ جو برک تعليمدان مرحوم فتح محمد قريشي هو. سال کانپوءِ، سن 1959 ۾ قريشي صاحب جي جاءِ تي مرحوم اميرالدين جوڻيجو هيڊماستر مقرر ٿيو ته هوڏانهن وري ادا غلام صديق جي پوسٽنگ گورمينٽ هاءِاسڪول لاڙڪاڻي ۾ هيڊماستر طور ٿي. عبدالماجد کي ادا ميونسپل هاءِ اسڪول مان ڪڍرائي گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته جيئن هن جي تعليم تربيت سندن زير نگراني ٿئي. ڪجھ عرصي بعد ادا کي بدلي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال ڪري رکيائون ۽ سندس جاءِ تي جناب واحد بخش شيخ هيڊماستر ٿيو. عبدالماجد سيڪنڊري تعليم جا باقي پنج سال گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ئي گذاريا جتان 1963 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
جيتوڻيڪ ميٽرڪ ۾ سائنس کنئِي هُئائين پر پوءِ مونکي چيائين ته هو ڪاليج ۾ آرٽس ۾ داخلا ٿو وٺڻ چاهي جنهن تي مون چيومانس ته تعليم جي معاملي ۾ بيشڪ پنهنجي شوق ۽ مرضي تي هلي. کيس ميٿميٽڪس سان ڪافي شغف هو تنهنڪري آرٽس ۾ ميٿيميٽڪس جو مضمون کنيائِين. عين ممڪن آهي ته لاڙڪاڻي گورمينٽ ڪاليج جي تاريخ ۾ هو پهريون ۽ آخري آرٽس جو شاگرد هجي جنهن ميٿيميٽڪس کنئي. 1965 ۾ انٽر آرٽس ڪرڻ کانپوءِ مون کيس بي اي آنرز ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي موڪليو.
عبدالماجد جي مرضي هئي ته هو ميٿيميٽڪس ۾ بي اي آنرز ۽ پوءِ ايم اي ڪري پر سنڌ يونيورسٽي ۾، جتي هن داخلا پئي ورتي، اهو ممڪن ڪونه هو. ان جو سبب اهو هيو ته يونيورسٽي تڏهن عمارتي ٽرانزشن واري دؤر مان گذري رهي هئي جو ان جو اڌ حصو، يعني آرٽس ۽ ايڊمنسٽريشن جا بلاڪ حيدرآباد ۾ هئا ۽ باقي اڌ، يعني سائنس بلاڪ ۽ هاسٽلون، ڄامشوري منتقل ٿي چڪا هئا. اهڙين حالتن ۾ اهو ناممڪن هو ته هڪ شاگرد ساڳـئي ڏينهن آرٽس ڪلاس حيدرآباد ۾ اٽينڊ ڪري ۽ وري ميٿيميٽڪس جي ڪلاس لاءِ ڄامشوري وڃي. ان صورتحال پيش نظر عبدالماجد ميٿيميٽڪس جي بجاءِ عمومي تاريخ يعني General History ۾ بي اي آنرز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجھ مهينا ته هو هاسٽل ۾ رهيو پر پوءِ سندس چاچي مرحوم عنايت الله جي بدلي ڄامشوري ۾ اريگيشن کاتي جي اگزيڪٽو انجنيئر طور ٿي ته سندس چوڻ تي عبدالماجد هاسٽل ڇڏي وٽس رهڻ شروع ڪيو.
هن 1968 ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ بي اي آنرز پاس ڪئي. پوءِ ايم اي ۾ داخلا وٺڻ بجاءِ فيصلو ڪيائين ته سال کن پڙهائي ۾ وقفي بعد CSS جي لاءِ تياري ڪندو ۽ LL.B. ۾ به داخلا وٺندو. باقي رهي ايم اي، تنهن باري ۾ چيائين ته بعد ۾ فيصلو ڪندو. 1969 ۾ منهنجي ننڍي گھرواري جي علاج جي سلسلي ۾ کيس ڪوئيٽه وڃي رهڻو پيو جتي سندس ملاقات ڪشميري خاندان جي هڪ ڇوڪري نرگس سان ٿي جنهن سان کيس پيار ٿي ويو. اسان جو اصل تعلق ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان هو جتي اسان ڀرڳڙين جا ئي گھر هئا. اسان جون مِٽيون مائٽيون به پاڻ ۾ ٿينديون هيون ۽ عبدالماجد جي شادي متعلق به اسان جي اهڙي ئي سوچ هئي. پر هن يار جو نينهن جو ناتو اهڙو اڙيو جو چيائين ته شادي ڪندس ته صرف پنهنجي دل گھريي پسند سان.
عشق پر زور نهين هئي يه وه آتش غالب
ڪه لگائي نه لگي اور بجھائي نه بجھي
آخر اسان والدين هنن جي پِيار آڏو آڻ مڃي؛ 14 نومبر 1970 تي خير سان سندن شادي ٿي ۽ نرگس، اسان جي نُنهن بڻجي، اسان سان گڏ اچي رهڻ شروع ڪيو. ايئن سڪ ۽ پريت جو اهو سلسلو شروع ٿيو جيڪو وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو. عبدالماجد جي نرگس سان شادي نه صرف سندس لاءِ بلڪِ اسان جي پوري خاندان لاءِ بيحد مبارڪ ثابت ٿي. نرگس پنهنجي مڙس سان ته بي انت محبت ڪئي پر ان محبت جي ڪري پوري خاندان جي هر فرد سان بي لوث پيار ۽ ايثار جو بيمثال نمونو پيش ڪيو. اها ڇوڪري جنهن کي خاندان ۾ ڪو آجيان ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ۽ اهو محض ان ڪري جو هو ڌارئي هئي، تنهن پنهنجي خلوص سان پنهنجي لاءِ سڀني جي دلين ۾ اها جاءِ پيدا ڪئي جو هو پوري خاندان جي محبوب ترين شخصيت بڻجي وئي. هن خصوصًا مون کي ۽ منهنجي گھرواري کي پنهنجي والدين وانگر سمجھيو ۽ اسان کي اهو پيار ڏنائين جيڪو هڪ مثالي اولاد کان ئي ملي سگھي ٿو. عبدالماجد تمام پيار ڪرڻ وارو ۽ خيال رکڻ وارو پٽ آهي، پر اسان ته سندس والدين هئاسي، پر نرگس رشتي ۾ هڪ نُنهن هوندي به عبدالماجد کان وڌيڪ اسان کي پيار ڪيو ۽ اسان جو خيال رکيائين.
عبدالماجد پوءِ لاڙڪاڻي ۾ رهندي CSS جي امتحان جي "تياري" به شروع ڪئي ۽ ساڳـئي وقت هتان جي لا ڪاليج ۾ به داخلا ورتائين. ٻڌائيندو هو ته ڪاليج ۾ ڪلاسن ۽ ليڪچرن جو حال مڙيوئي ڪو هوندو هو، تنهنڪري ايل ايل بي جي امتحان جي تياري به گھر تي ئي ڪيائين. بهرحال سال 1971 ۾ سندس توجه بظاهر پڙهائي تي پر دراصل گھڻي ڀاڱي پنهنجي نئين ازدواجي زندگي مان مزا ماڻڻ تي صرف ٿيندو رهيس. جيڪا ٿوري ڪا گھڻي توجه امتحانن جي تياري تي ڏنائين سا به پنهنجي سمجھدار گھرواري جي زوربار تي.
29 آڪٽوبر تي CSS جا امتحان شروع ٿيڻا هئس جنهن لاءِ سينٽر ڪراچي هو پر مون ڏٺو پئي ته سندس وڃڻ جا اهڃاڻ نظر ڪين پئي آيا. سندس گھرواري اميد سان هئي ۽ ويم جا ڏينهن ويجھا هئس. مون پڇيو مانس ته جواب ڏنائين ته، "امتحان جي مڪمل تياري ڪري ڪونه سگھيو آهيان، تنهنڪري امتحان ۾ ويهڻ جو ارادو ڪونه اٿم." اهو به چيائين ته سندس مرضي هئي ته ايل ايل بي ڪري مون سان گڏجي وڪالت شروع ڪري. مونکي سندس تجويز ان ڪري به نه آئڙي جو احساس هئم ته هن وڪالت ۾ دلچسپي جو اظهار محض اعلىٰ ملازمتن جي مقابلي واري امتحان لاءِ جوڳي محنت ڪرڻ کان لنوائڻ ڪري پئي ڪيو. مون ان تي پنهنجي ناراضگي جو به اظهار ڪيو پر هن امتحان ۾ ويهڻ کان نابري واري. انهيءَ جو ٻيو ناگزير سبب اهو هو ته سندس گھرواري جي ويم جا ڏينهن مٿان هئا ۽ اهڙي وقت ۾ هو کانئس پري رهڻ نه پيو چاهي.
تن ڏينهن ۾ ويم به اسپتال جي بجاءِ گھر ۾ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر اشرف عباسي صاحبه اسان جي گھر جي زائفن جي فزيشن هئي ۽ هو اسان جي گھر ويم ڪرائڻ آئي هئي. 28 آڪٽوبر 1971 تي ٽن پهرن ڌاري عبدالماجد جو پهريون اولاد، سندس پٽ عبدالمصور تولد ٿيو. عبدالماجد جو امتحان ٻئي ڏينهن تي شروع ٿيڻو هو. هاڻي سندس گھرواري، سندس والده ۽ ٻين عبدالماجد کي چيو ته هاڻي ويم ته خيريت سان ٿي ويو آهي، هو مون کي ناراض نه ڪري ۽ امتحان لاءِ ڪراچي وڃي. سندن بيحد اصرار تي هن هامي ڀري. ٽرين جو وقت نڪري چڪو هو، بسون تن ڏينهن گھٽ هلنديون هيون ۽ جيڪي هلنديون به هيون سي گھڻو وقت وٺنديون هيون. سِج لٿي ڌاران، عبدالماجد مون کان موڪلائڻ بنان ئي، ڪار ۽ ڊرائيور ساڻ ڪري سکر روانو ٿي ويو. اتي پنهنجي چاچي غوث بخش مرحوم جي گھر رات جي ماني کائي روانو ٿيو. فجر جون ٻانگون پئي آيون جو ڪراچي وڃي پهتو. اهڙين حالتن ۾ هن CSS جو امتحان ڏنو. وري جو وچ ۾ هڪ ٻن ڏينهن جو وقفو مليس ته ترت ٽرين ذريعي لاڙڪاڻي اچي رسيو ته جيئن پنهنجي گھرواري ۽ پنهنجي نوزائيده پٽ کي ڏسي وڃي.
1972 ۾ وڪالت جي امتحان جي پهرئين سال جو امتحان ڏنائين، جنهن جو احوال، بعد ۾، هيئن ڪندو هو:
پاڪستان ٻه اڌ ٿي چڪو هو ۽ مشرقي پاڪستان وارو حِصو دنيا جي نقشي تي بنگلاديش ٿي اڀريو. تن ڏينهين مان ۽ نرگس گڏجي دنيا جا شاهڪار ناول پڙهندا هُئاسي جيڪي ڏاڍو لُطف ڏيندا هُئا. ڪائونٽ ٽالسٽائي جو "اينا ڪيرينينا"، وڪٽر هيوگو جو "لا مِزراَبل"، اليگـزينڊر ڊُوما جا "ڪائونٽ آف مانٽي ڪرسٽو"، "ٿِري مَسڪيٽِيئرز" ۽ ان سلسلي جا ٻيا ناول، مارگريٽ مِچل جو، آمريڪي خانه جنگي جي پس منظر تي لکيل، "گان ود دي ونڊ"، جيمز مشنر جو "هوائي" ۽ ٻيا ڪيترا ئي ناول گڏجي پڙهياسي.
جڏهن ايل ايل بي جي امتحان جا ڏينهن ويجھا آيا، ته اهي "غير نصابي" مطالعا ۽ ٻيا وِندر وِروند وارا ڪم ڪنهن حد تائين ڇڏي، امتحان جي تياري لاءِ ڪجھ وقت ڪڍڻو پيو. پوءِ جڏهن امتحان شروع ٿيا ته هڪڙي ڏينهن امتحان لاءِ تياري ڪندو هوس ۽ ٻئي ڏينهن پرچو ڏيئي موٽي ايندو هوس ته باقي وقت نرگس سان ناول ۽ افسانا پڙهندي، رانديون رهندي، چاهيون پينئدي، وِندر وروند ۾ گذرندو هو. ان ڏينهن تي نصابي ڪتابن جو مُنهن ڏِسڻ به گناه ڪبيرو ڪري ليکيندو هوس. ٻئي ڏينهن صبوح جو وري پوءِ وڪالت جا ڪتاب ۽ ڪاپيون نڪرنديون هيون ۽ اهو ڏينهن، ايندڙ ڏينهن واري پرچي جي تياري ۾ گذرندو هو.
عبدالماجد جي ان امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ فرسٽ پوزيشن آئي. انهيءَ سال ئي CSS جي امتحان جو نتيجو نڪتو ۽ عبدالماجد پاس ٿيو ۽ کيس انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو. چٽاڀيٽي واري ان امتحان جي فائينل پوزيشن پيپر ۽ انٽرويو جي گڏيل مارڪن تي متعين ٿيندي هئي. ضروري نه هو ته هر پاس ٿيل اميدوار کي نوڪري به ملي. نوڪريون اميدوارن جي امتحان ۾ بيهڪ يعني پوزيشن، سندن ترجيحات، ڪوٽا ۽ ڪجھ خاص حالتن ۾ سروس ڪميشن جي خصوصي سفارش جي آڌار تي ڪامياب اميدوارن منجھ ورهائبيون هيون. ان انٽرويو جو احوال عبدالماجد جي پنهنجي زباني ٻڌو:
مان ته ان آسري ۾ هوس ته امتحان جي پيپرن جي مشرقي پاڪستان ۾ گم ٿيڻ وارن افواهن ۾ صداقت هوندي ۽ بقول شخصي "عزت سادات" بچي ويندي يعني منهنجي امتحان ۾ هيڻي ڪارڪردگي تي پردو پئجي ويندو. پر منهنجي اميد برآور ڪانه ٿي ۽ جڏهن سڌ پيم ته نتيجو شايع ٿيو آهي ته ڏڪندڙ هٿن سان اخبار کوليم. پنهنجو نمبر پاس ٿيل اميدوارن جي لسٽ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت ٿيم. جلد ئي سروس ڪميشن طرفان خط مليو ته فلاڻي تاريخ تي ڪراچي انٽرويو لاءِ پهچ.
گرمين جا ڏهاڙا هئا، مشرقي پاڪستان واري سانحي کانپوءِ ڀُٽو صاحب باقي رهيل کهيل پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي ڪوششن ۾ جنبيل هيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ئي سڪي جي ڊيويلوئيشن ڪئي هئائون. اميدوار انٽرويو جي تياري لاءِ اخبارن، خصوصًا ڊان، ۽ بين الاقوامي مخزنن جهڙوڪ ٽائم، نيوزويڪ، ايڪانامسٽ ۽ ريڊرز ڊائجسٽ وغيره جو باقاعدگي سان مطالعو ڪرڻ، ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن متعلق اپ ٽو ڊيٽ معلومات رکڻ، لازمي سمجھندا هئا. منهنجو حال ديگر هو. هڪ ته مون کي پيپرن جي مشرقي پاڪستان ۾ غدر بود يعني گم ٿيڻ جي نه رڳو قوي اميد هئي بلڪِ ان لاءِ دعائون به گھريون هئم. ٻيو اهو به ذهن ۾ هو ته نتيجو نڪتو به ته منهنجي پاس ٿيڻ جا امڪان مڙيوئي ڪي آهن سو تياري ڇا جي لاءِ؟ دراصل مان ذهني طور تي وڪالت لاءِ تيار هوس ۽ جيستائين ايل ايل بي جي ٻئي يعني آخري سال جو امتحان ڏيئي ان ميدان ۾ قدم رکان ۽ غمِ روزگار جي جھميلن ۾ اڙجي وڃان، مون چاهيو پئي ته اهو وقت پنهنجي زال سان وِندر وروند ۾ ئي گھاريان. CSS جي انٽرويو جي تياري لاءِ نه خواهش هئي ۽ نه وقت سو ڪٿان پئي ٿي؟
بهرحال، مقرره تاريخ تي ڪراچي پهچي ويس. پهرين ته عقلي ۽ نفسياتي Intelligence ۽ Psychological ٽيسٽون ٿيون. مان سمجھان ٿو ته جيئن ان ۾ پڙهائي يا تياري جو ڪو عمل دخل ڪونه هو، نتيجو سٺو ئي رهيو هوندو. اميدوارن جي IQ جي جاچ لهڻ لاءِ 100 ملٽيپل چوائس (Multiple Choice) سوالن وارو پرچو ڏنائون (جنهن ۾ هر سوال جا هڪ کان وڌيڪ جواب ڏنل هوندا آهن، جن مان صحيح جواب چونڊڻو هوندو آهي) ۽ اهو اهڙي طرح ترتيب ڏنل هو جو مقرره وقت ۾ سڀيئي سوال حل ڪرڻ ممڪن ئي نه هو ته جيئن هر اميدوار جي ٻئي جي ڀيٽ ۾ پوزيشن جو تعين ڪري سگھجي. جڏهن مان پيپر مان فارغ ٿيس ته ٻيا جيڪي اميدوار آيل هئا تن کان پڇيم ته گھڻا سوال ڪيو؟ هر ڪنهن اهو جواب ڏنو ته سوالن جي ڳڻپ ڪرڻ جي فرصت ڪٿي هئي؟ اها ڳالهه صحيح هئي، پر مون کين چيو ته مون صرف اهي سوال ڳڻيا جيڪي مون کان رهجي ويا ۽ تن جو انگ، جي صحيح ٿو ياد پويم ته، ڇهن يا ستن کان وڌيڪ نه هو. اتي اندازو ٿيم ته جنهن حد تائين IQ يعني Intelligence Quotient جو تعلق آهي مان جي ٻين کان اڳڀرو نه ته هرو ڀرو پوئتي به نه آهيان.
پبلڪ سروس ڪميشن هڪڙي ڏينهن ۾ اٺن (8) اميدوارن کي انٽرويو ڪندي هئي. انٽرويو واري ڏينهن مان به پهتس ته انتظار واري ڪمري ۾ مون کان علاوه ٻيا ست ڄڻا به موجود هئا جن سان سرسري عليڪ سليڪ ٿي. شايد هڪ يا ٻه ڇوڪريون به هيون پر مون کان علاوه ٻه ڄڻا سنڌي هئا جڏهن ته باقي سڀ غالبًا ڪراچي سان واسطو رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ هئا. منهنجي ڪنهن سان به اڳ جي واقفيت ڪانه هئي. سڀ نوجوان انگريزي طرز جي فل سوٽن ۾ ملبوس هئا (جيتوڻيڪ گرميءَ جي مُند هئي) ۽ مون کي عام قميص ۽ پتلون پاتل هئي. هڪدم احساس ٿيم ته مون موقعي جي مناسبت سان لباس نه پهريو آهي ۽ خيال ايندي هڪ قسم جي احساس ڪمتري ذهن جي ڪنهن گوشي ۾ ڪر موڙيو. مٿان جو وري انهن سڀني جا ڪرنسي ڊيويليوئيشن ۽ ٻين گرما گرم ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن تي بحث مباحثا ٻڌم ته پنهنجي علمي اڻهوند جو ويتر وڌيڪ احساس ٿيم جنهن رهيل سهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي.
خير منهنجو وارو آيو ۽ سڏ ٿيم ۽ وڃي سروس ڪميشن جي ميمبرن جي رعبدار جٿي آڏو حاضر ٿيس. هاڻي اچي هر پاسي کان، واري وٽي سان، سوالن جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو 80 سيڪڙو سوالن جي ته مونکي ٻِيٽ ئي ڪانه پئي. ڀلا تياري ڪئي هجيم ته منهن ڏيان! پر جن سوالن جو جواب نه پئي آيم، تن جو آڏو ابتو جواب ڏيڻ بجاءِ، پنهنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي، اهو ئي چوندو رهيس ته، "سائين، مون کي ڄاڻ ڪانهي." سروس ڪميشن جو چيئرمين رٽائرڊ جسٽس فيض الله ڪُنڊِي هو، جنهن مزو وٺندي منهنجا اهي "I do not know, sir." جا بار بار ورجايل جواب به پئي ٻڌا ته پنهنجي سامهون پيل ڪاغذ، جيڪي شايد ذهني ۽ نفسياتي ٽيسٽون ورتيون هئائون تن ۾ منهنجي نتيجي بابت هئا، تن کي به پئي جاچيائين. نيٺ مون کي چيائين، "نوجوان تون اخبارن جو مطالعو ڪندو آهين؟ ٽي وي ۽ ريڊيي تي ملڪي ۽ غيرملڪي حالات تي تبصرا ٻڌندو آهين؟" مون جواب ڏنو، "نه سائين." بجاءِ خفي ٿيڻ جي، جيڪو اهڙي اميدوار سان شايد ٿيڻ گھرجي، مُشڪندي چيائين، "ته پوءِ تون هن چٽاڀيٽي واري امتحان (Competitive Exam.) جي انٽرويو ۾ بنا مناسب تياري جي ڪيئن آيو آهين؟" سندس ان ڳالهه جو مون وٽ ڪو جواب ڪونه هو ۽ مان چپ رهيس. انٽريو اڌ ڪلاڪ پنجٽيهه منٽ کن هليو هوندو جنهن کان پوءِ مون کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.
ڪجھ مهينن کان پوءِ رزلٽ نڪتو ۽ مان پاس ٿيس ۽ انڪم ٽيڪس سروس، جنهن کي تڏهن پاڪستان ٽيڪسيشن سروس سڏيو ويندو هو، تنهن لاءِ مون کي چونڊيو ويو. گروپ ۾ جيڪي ٻيا 7 ڄڻا هئا تن مان 5 ڄڻا، جيڪي سڀيئي اردو ڳالهائيندڙ هئا، جيستائين مون کي ڄاڻ آهي، ڪنهن به سروس لاءِ ڪونه چونڊيا ويا. مون کان علاوه جيڪي ٻه سنڌي ڳالهائيندڙ، جن سان بعد ۾ به منهنجي دعا سلام ۽ نيازمندي رهي، سي هئا مرحوم روشن علي شاه ۽ آفتاب قريشي. روشن علي شاه خيرپور ميرس جو هو ۽ کيس سيڪريٽيريٽ سروس ۾ رکيائون، ۽ محترم آفتاب قريشي کي انهيءَ سال ڪلاس ٽو يعني هاڻوڪي 16 گريڊ جي سروس ڏنائون. آفتاب قريشي بعد ۾ PCS جو امتحان ڏنو ۽ پراونشل سِول سروس جوائن ڪيائين.
جڏهن عبدالماجد کي فيڊرل گورمينٽ طرفان نوڪري تي چڙهي ٽريننگ لاءِ فنانس سروسز اڪيڊمي والٽن، لاهور ۾ رپورٽ ڪرڻ جو خط مليو ته مون کيس چيو ته هو نوڪري جوائن ڪرڻ بجاءِ مون سان گڏجي وڪالت ڪري. چيائين ته، "توهان ئي ته چوندا هيو ته اعلىٰ سرڪاري نوڪري جو امتحان ڏي." مون چيومانس، "هاڻي به ته مان ٿو چوانءِ ته وڪالت ڪر." پر پوءِ چيائين، "جيڪڏهن هاڻي نوڪري تي نه چڙهيس ته هي موقعو هٿان هليو ويندو. ۽ اڃا سيڪنڊ ايل ايل بي جو امتحان به رهيل آهي. اجازت ڏيو ته نوڪري جوائن ڪيان ۽ جي ان ۾ دل ڪانه لڳم ته پوءِ وڪالت ته ڪاڏي ڪانه ٿي وڃي، نوڪري ڇڏي توهان سان اچي وڪالت ڪندس." پوءِ مون به زور نه ڀريو مانس ۽ هن 13 نومبر 1972 تي پاڪستان ٽيڪسيشن سروس جوائن ڪئي.
انهن ڏينهن ۾ اعلىٰ سرڪاري ملازمتن ۾ CSS جي امتحان ذريعي ڀرتي لاءِ جيڪو ڪوٽا سسٽم هو اهو سنڌين لاءِ بيحد هاڃيڪار هو. ان وقت پنجاب صوبي جي ڪوٽا الڳ هوندي هئي، ڪراچي شهر جي الڳ ۽ باقي سنڌ، بلوچستان، فرنٽيئر، آزاد ڄمون ڪشمير وغيره لاءِ گڏيل ڪوٽا الڳ هئي. ان سسٽم هيٺ سنڌ جي اميدوارن کي سروس ۾ مناسب نمائندگي بِلڪُل ڪانه ملندي هئي ۽ تمام ٿورا سنڌي آفيسر سول، پوليس يا فارن سروس ۾ اچي سگھندا هئا جيڪي پرائم سروسز ليکبيون هيون. مثلًا 1972 ۾ جڏهن عبدالماجد جوائن ڪيو، جيڪي سنڌي آفيسر ٽاپ جي پنجن پوزيشنن ۾ آيا سي هئا شجاع شاه (ڪسٽمز)، ممتاز احمد شيخ، اقبال احمد جماڻي، ظهير علي شاه ۽ عبدالماجد. پوين چئن آفيسرن کي انڪم ٽيڪس گروپ مليو. ان سال سِول سروس، فارن سروس، پوليس سروس ۽ اڪائونٽس گروپ ۾ هڪڙو به سنڌي آفيسر اچي نه سگھيو. سنڌين جي سروس ۾ شديد اقليت واري گنڀير صورتحال جو تدارڪ ڀُٽي صاحب اچي ڪيو جنهن سنڌ جي ڪوٽا (بشمول ڪراچي) فرنٽيئر، بلوچستان ۽ ڄمون آزاد ڪشمير کان جدا ڪئي ۽ وري سنڌ اندر اربن يعني شهري ۽ رورل يعني اندرون سنڌ لاءِ علحده ڪوٽا مقرر ڪيائين. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو 1973 ۾ سنڌين کي وفاقي نوڪرين ۾ خاطر خواه نمائندگي ملي ۽ ڪافي سنڌي آفيسر (جن ۾ اهي به هُئا جيڪي مقابلي جي امتحان ۾ پاس نه ٿي سگھيا هئا) اعلىٰ فيڊرل سروسز لاءِ چونڊيا ويا ته جيئن سنڌ سان ماضي ۾ ٿيل ناانصافي جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي سگھي. ايئن پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌين کي سول، پوليس، فارن، اڪائونٽس، ڪسٽمز ۽ انڪم ٽيڪس سروسز ۾ نوڪريون تناسب جي حساب سان مليون جنهن لاءِ سنڌي قوم ڀُٽي صاحب جو جيترو به ٿورو مڃي سو گھٽ آهي.
ڊسمبر 1972 ۾ ئي شايد ايل ايل بي جي ٻئي سال جو امتحان به ڏنائين. پي سي ايس جي امتحان لاءِ به فارم ڀريو هئائين پر هاڻي ان جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين. لاهور ۾ پنهنجي ٻارن کان سواءِ دل ڪونه پئي لڳس. اڪيڊمي جي هاسٽل ۾ صرف آفيسرن جي رهڻ جو انتظام هو ۽ فيملي جي رهائش لاءِ ڪو بندوبست ڪونه هو. اڪيڊمي سان لڳو لڳ ڪسٽمز سروس جو ٽريننگ اسڪول هو. عبدالماجد اتان جي آفيسر عملي کي ذاتي حيثيت ۾ وڃي گذارش ڪئي ته اسڪول ۾ کيس ڪا جاءِ رهائش لاءِ ڏني وڃي. انهن عبدالماجد کي غيرسرڪاري طرح هڪ ڊي ٽائپ جاءِ رهڻ لاءِ ڏيڻ جي هامي ڀري جنهن کان پوءِ جنوري 1973 هي پنهنجا ٻار وٺي ويو ۽ والٽن لاهور ۾ رهڻ لڳو.
اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر مسٽر رشيد نالي هڪ سينئر گورمينٽ آفيسر هو، تنهن هڪ ڏينهن ڪلاس وٺندي آفيسرن کي چيو ته فردهوف شوان (Frithjof Schuon) جو ڪتاب Understanding Islam اسلام جي باري ۾ لکيل ڪتابن منجھان هڪ بهترين ڪتاب آهي. هن آفيسرن کي مشورو ڏنو ته اهو ڪتاب، جيڪو اڪيڊمي جي لائبرري ۾ موجود هو، سو هو ضرور پڙهن. پتو نه آهي ته آفيسرن مان گھڻن اهو ڪتاب ڏٺو يا پڙهيو، پر عبدالماجد جي مستقبل تي ان "اتفاقيه" ذڪر جو گهرو اثر پوڻو هو جنهن جو کيس ان وقت ڪو اندازو ڪونه هو. مسٽر رشيد ته سگھو ئي بدلي ٿي ويو ۽ هن جي جاءِ تي مسٽر مظفرحسن کي ڊائريڪٽر ڪري رکيائون. عبدالماجد ان ڪتاب جو جزوي مطالعو ڪيو ۽ حيرت زده رهجي ويو ته هڪ يورپين "عيسائي" ليکڪ کي اسلام متعلق ڪيئن ايتري گهري ڄاڻ هئي. اها خبر عبدالماجد کي تقريبًا تيرهن ورهيه پوءِ پوڻي هئي ته فردهوف شوان جو اسلامي نالو عيسىٰ نورالدين احمد هو ۽ هو هڪ صوفي سلسلي جو بزرگ هو

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔