وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday, 2 January 2014

حالتن جي ڌارا دکم سروم، سروم دکم

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت ناساز هئي. عبدالماجد کيس لاهور جي هڪ مشهور ليڊي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر طُوري، کي ڏيکاريو ۽ ان سان مشوري بعد کيس سندس اسپتال ۾ به داخل ڪرايائين. علاج هليو پر افاقي جي بجاءِ طبيعت ويتر بگڙندي وئي. پوءِ ڪنهن دوست صلاح ڏنس ته گلبرگ لاهور ۾ واقع يونائيٽيڊ ڪرسچن هاسپيٽل UCH ۾ مُلڪ جي مشهور گائنيڪالاجسٽ ڊاڪٽر قمرالزمان سان مشورو ڪري. قمرالزمان هڪ قابل معالج ۽ بهترين انسان هو. جڏهن هي وٽس ويا ۽ عبدالماجد کيس تفصيلي ۽ پورو احوال ڏنو ته ڊاڪٽر ڏانهنس ڏسي پڇيس ته، "ڇا توهان ڊاڪٽر آهيو؟" تنهن تي عبدالماجد ٻڌايس ته هو هتي والٽن ۾ انڪم ٽيڪس جو زير تربيت آفيسر آهي.
ڊاڪٽر چيس ته "مون اها ڳالهه ان ڪري چئي ته جيئن تو ڪيس هسٽري مون کي ٻڌائي ايئن عام طور تي ڊاڪٽر ئي ڪري سگھندا آهن. اها ڪيس هسٽري ٻڌي مان، بغير تپاس جي ئي، تشخيص ڪري چڪو آهيان ته مسئلو ڇا آهي ۽ مان ان لاءِ تنهنجو ٿورائتو آهيان. هاڻي تپاس رڳو پنهنجي تشخيص جي تصديق ڪرڻ لاءِ ڪندس." ڊاڪٽر ٻڌايس ته سندس گھرواري کي Ectopic Pregnancy ٿي وئي آهي جنهن کي Tubal Pregnancy پڻ سڏبو آهي. ان حالت ۾ ڳرڀ بجاءِ رحم مادر جي، فيلوپين ٽيوب ۾ ٿي پوندو آهي جيڪا بيحد تشويشناڪ صورتحال آهي ڇو ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٽيوب ڦاٽي پوي ته پوءِ مريض جي زندگي کي خطرو هوندو آهي. هن چيو ته هڪدم سرجري جي ضرورت آهي ته جيئن آپريشن ذريعي متعلقه ٽيوب ڪٽي ۽ بند ڪري ڇڏبي جنهن بعد آئنده اميدواري جا امڪان اڌ رهجي ويندا آهن. ٻئي ڏينهن صبوح تي آپريش ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. آپريشن ٿي، هفتو کن سيمي پرائيوٽ وارڊ ۾ رهي ۽ ايئن سندس زندگي کي درپيش خطرو ٽريو. عبدالماجد ڊاڪٽر توڙي اسپتال ۽ ان جي عملي جي مستعدي، همدردي ۽ هوشياري جي بيحد تعريف ڪندو هو. ڊاڪٽر پاڻ کيس مشورو ڏنو ته پرائيويٽ وارڊ نه وٺو جو ان ۾ اجايو گھڻا پيسا ڀرڻا پوندو ۽ خود سندس في به گھڻي وڌيڪ هوندي. هن عبدالماجد ۽ نرگس جو حال ڏسندي کيس خاص اجازت اسپتال طرفان ڏياري ته هو پنهنجي زال وٽ رهي سگھي ٿو. ماني وغيره به اسپتال وارا ڏيندا هئا جنهن جو معيار تمام سٺو هو. هفتي جي رهائش، ڊاڪٽر جون فيون، دوائن ۽ ماني جو خرچ ڪل ملائي ٻڌائيندو اٿم ته تقريبًا 300 يا 350 روپيه بل ٺهيو جيڪو ان سهانگپ واري دؤر ۾ به تمام گھٽ خرچ هو.
عبدالماجد جي فنانس سروسز اڪيڊمي ۾ تقريبًا ڏه يارنهن مهينا ٽريننگ هلي ۽ ٽريننگ جي اختتام تي پبلڪ سروس ڪميشن جو تڪميلي امتحان ٿيو جنهن ۾ هو سٺن نمبرن سان ڪامياب ٿيو. چوندو هو ته، "مون بوڪ ڪيپنگ جو نالو پهريون ڀيرو اتي ٻڌو ۽ اهو سمجھيم ته اهو ڪو لائبرري ۾ ڪتابن جي رکڻ متعلق علم آهي. حيران ٿيس ته ان جو ماليات يعني Finance سان ڪهڙو واسطو؟ پوءِ خبر پيم ته اهو اڪائونٽنگ جو ٻيو نالو آهي." ان کانپوءِ لاهور ۾ ڇهه مهينا کن وڌيڪ انڪم ٽيڪس کاتي جي ڊپارٽمينٽل ٽريننگ لاءِ رهڻو پيس. ان ۾ کين انڪم ٽيڪس قانون، رولز، ڪاروباري کاتن جي پڙتال يا آڊٽ ۽ انتظامي امور وغيره سان لاڳاپيل تربيت ملي ۽ ان جي اختتام تي وري ڊپارٽمينٽل امتحان ٿين جنهن لاءِ مشهور هو ته ورلي ئي ڪو آفيسر ان جا سڀ مضمون پهرين ڪوشش ۾ پاس ڪري سگھندو آهي. عبدالماجد انهن ٻن ٽن آفيسرن مان هڪ هو جن اهو امتحان پهرين ئي ڪوشش ۾ پاس ڪيو.
ان بعد سندس پوسٽنگ اپريل 1974 ۾ ڪراچي ۾ ٿي جتي ڪا باقاعده چارج ڪانه ڏنائونس بلڪِ مختلف آفيسرن وٽ تربيت لاءِ موڪليندا رهيس. چوندو هو تربيت مڙيوئي ڪا هئي، بس وڃبو هو، حاضري لڳائبي هئي، چانهن بسڪوٽ نوش ڪري، ڪلاڪ اڌ ڪچهري ڪري فارغ ٿي وڃبو هو. هو اهي ٻه ٽي مهينا دوستن سان گڏ گارڊن واري علائقي ۾ گورمينٽ هاسٽل ۾ رهيو ۽ ٻار لاڙڪاڻي ۾ رهندا هيس، جن سان ملڻ ايندو رهندو هو.
جولاءِ 1974 ۾ سندس پوسٽنگ لاڙڪاڻي ڪيائون جيڪا هڪ اهم چارج هئي جو ملڪ جي سربراه يعني ڀُٽي صاحب جي شهر هجڻ کان علاوه اها انڪم ٽيڪس سرڪل ٻن ضلعن يعني لاڙڪاڻي ۽ دادو تي محيط هئي ۽ درياه جي ساڄي ڪپ تي ان جون حدون شهدادڪوٽ کان ويندي ٿاڻي بولا خان تائين، جن جو باهم فاصلو چئن سون ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ هو، پکڙيل هيون. ان کان علاوه لاڙڪاڻي ۾ نگران بالا آفيسر به نه هوندو هو ۽ انهي سڀني سببن ڪري اها هڪ خودمختار ۽ اهم چارج سمجھي ويندي هئي. عبدالماجد کي بالا آفيسرن چيو ته توکي لاڙڪاڻي جي اهم ذميداري ان ڪري ٿا سونپيون جو تو ڊپارٽمينٽل امتحان پهرين ڪوشش ۾ پاس ڪيو آهي انڪري اسان کي تنهنجي اهليت تي ڀروسو آهي ۽ ٻيو ته تون اتان جو آهين تنهنڪري توکي اتان جي حالتن جي ٻين کان بهتر ڄاڻ هوندي. عبدالماجد بهرحال پريشان هو ته گھر ۾ پوسٽنگ جي ڪري نه رڳو زوربار ۽ سفارشن جو امڪان وڌيل هو، پر ان کان به وڌيڪ کيس اهو اونو هو ته منهنجي ڀُٽي صاحب سان سياسي مخالفت جي ڪري کيس هتي ڪي ڏکيايون نه درپيش اچن. ان سببان هن چاهيو پئي ته کيس لاڙڪاڻي جي بجاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ پوسٽ ڪن.
ان مقصد لاءِ هي وڃي منهنجي هڪ دوست سيد مظفراحمد اشرف سان مليو جيڪو هڪ سينئر سِول سرونٽ هو ۽ جنهنجي پوسٽنگ تڏهن ڪراچي ۾ هئي. کيس گذارش ڪيائين ته هو ڪوشش وٺي سندس لاڙڪاڻي واري پوسٽنگ رد ڪرائي. اشرف صاحب جي قاضي احمد حُسين سان دعا سلام هئي جيڪو انڪم ٽيڪس جو بيحد سينئر آفيسر هو ۽ تڏهن ڪراچي ۾ PIDC جو سربراہ ہو. هي ٻئي گڏجي وٽس ويا جنهن کين سٺي موٽ ڏني، ڪافي وغيره سان تواضح ڪيائين ۽ پوءِ عبدالماجد کي سمجھايائين ته هو پاڻ به لاڙڪاڻي ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر رهي چڪو هو ۽ اهڙي اهم جاءِ تي اٿندي ئي پوسٽنگ ملڻ هڪ اعزاز هو ۽ ڪم سکڻ جو به هڪ بهترين موقعو. چيائينس ته، "منهنجي سفارش تي تنهنجي پوسٽنگ رد ته ڪري ڇڏيندا پر پوءِ ٿي سگھي ٿو ته توکي ڪا غير اهم جاءِ ڏين. بهتر آهي ته وڃي چارج وٺ، ٻه ٽي مهينا اتي ڪم ڪري ڏس ۽ جيڪڏهن توکي اهي مشڪلات درپيش اچن جن جو توکي خدشو آهي ته پوءِ تون مون کي ٻڌائجائين ۽ مان تنهنجي اتان بدلي لاءِ سفارش ڪندس." عبدالماجد کي قاضي صاحب جي اها تجويز پسند آئي ۽ هي ڪافي پي، ڪچهري ڪري، شڪريو ادا ڪري هليو آيو.
دراصل عبدالماجد جنهن آفيسر جي جاءِ تي آيو اهو ڪراچي جو هڪ نوجوان ۽ فهميدو آفيسر هو پر کيس هتان جي حالتن جي پوري ڄاڻ ڪانه هئي. ڪيئي واپاري اچي ڌونس ڄمائيندا هئس يا دهمان ٻڌندا هئس ته اسان جو واسطو پيپلز پارٽي سان آهي ۽ جي تو اسان جو ڪم نه ڪيو ته اسان ڀُٽي صاحب يا ان سان واسطو رکندڙ ڪنهن بااثر ماڻهو وٽ تنهنجي شڪايت ڪنداسي وغيره. انهن ڌمڪين ۽ دهمانن به ان مسڪين کي ڪافي پريشان ڪيو هو. پر جيئن ته عبدالماجد مقامي ماڻهن ۽ انهن جي واسطيدارين مان واقف هو تنهنڪري کيس اهڙن اجاين انديشن سان واسطو ڪونه پيو.
هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪجھ واپارين ڀُٽي صاحب جي کليل ڪچهري ۾ عبدالماجد جي شڪايت ڪئي ته هو پارٽي جي مخالف عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي ۽ اسان کي ان ڪري تنگ ٿو ڪري. لاڙڪاڻي جو پارٽي جو صدر تڏهن ايس ڪي خان هو. هو هڪ مهاجر انڪم ٽيڪس پريڪٽشنر هو جنهن جي جاءِ جو هيٺيون حصو انڪم ٽيڪس کاتي کي مسواڙ تي آفيس لاءِ ڏنل هو. اهڙي ريت سندس واسطو ڏينهن رات انڪم ٽيڪس وارن سان هوندو هو ۽ کانئس ڪا ڳالھ لڪل ڪانه هئي. ڀُٽي صاحب جو به مٿس ان لحاظ کان اعتماد هو جو مرحوم هڪ مخلص انسان ۽ پارٽي ورڪر هو، تنهنڪري کانئس پڇا ڪيائين جنهن ٻڌايس ته عبدالماجد پيسو وغيره ڪونه ٿو گھري ۽ نه ئي پارٽي سان ڪا مخاصمت اٿس، البته ٽيڪس مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ جي معاملي ۾ برجستو آفيسر آهي. ان کانپوءِ ڀُٽي صاحب شڪايت آڻيندڙن کان پڇيو ته ڇا آفيسر توهان کان پيسا يا رشوت گھري هئي. انهن شايد چيو نه، پر اهو ته کين سياسي مخالفت جي ڪري تنگ ٿو ڪري. پر پوءِ ڀُٽي صاحب عبدالماجد کي ته ڪجھ نه چيو يا چورايو پر خود شڪايت ڪندڙن کي دٻ پٽيائين. مان پيپلز پارٽي ۾ ته ڀُٽي صاحب جي ڪوٺ تي 1976 جي آخر ڌاران شامل ٿيس، پر عبدالماجد کي هتي لاڙڪاڻي ۾ اهو اڍائين سالن جو عرصو ڀُٽي صاحب جي هڪ سياسي حليف جي پٽ جي حيثيت ۾ گذارڻو پيو. پر هن پنهنجي اخلاق، خلوص ۽ پيشه ورانه مهارت سبب پنهنجا سرڪاري فرائض به برجستي طريقي سان سرانجام ڏنا ۽ مقامي ماڻهن سان واسطيداريون به بيحد خوش اسلوبي سان نڀايائين.
عبدالماجد جي لاڙڪاڻي ۾ پورا ٽي سال پوسٽنگ رهي. 1975 ۾ سندس ٻيو نمبر فرزند عبدالباسط پيدا ٿيو. عبدالماجد چوندو آهي ته اهي ٽي سال سندس زندگي جا ڪڏهن نه وِسرڻ جهڙا خوشين جا ڀرپور سال هئا جو بيڪ وقت اولاد، والدين، پنهنجي دل گھريي زال ۽ پنهنجن ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ رهڻ جو موقعو ۽ قرب حاصل هيس. جڏهن سندس شادي ٿي هئي گھر ۾ سواءِ سندس هڪ ڀيڻ جي ٻيا سڀ ڀيڻ ڀائر (پنج ڀينر ۽ چار ڀائر) گھر ۾ هئا جن کي هن جي گھرواري، يعني سندن ڀاڄائي، بيحد قرب ۽ پيار ڏنو. انهيءَ عرصي ۾ منهنجي ٻن ڌيئرن جي شادي به ٿي. بيشڪ انهن ڏينهن ۾ اسان جي گھر ۾ بهترين، قرب، پيار ۽ خوشين سان ڀرپور ماحول هو جنهن جو گھڻي ڀاڱي ڪريڊٽ عبدالماجد جي گھرواري نرگس کي ٿو وڃي.
1977 واري طغياني دؤر ۾، جولاءِ يا آگسٽ ۾ عبدالماجد جي بدلي لاڙڪاڻي مان حيدرآباد ڪيائون ۽ اهڙي طرح اهو سنهري دؤر، جنهن ۾ منهنجي خاندان جي ٽن پيڙهين جي فردن خوشين سان ڀرپور ماحول ۾ گڏ وقت گھاريو، سو پورو ٿيو. الله جا لک احسان آهن جنهن بعد ۾ ٻچن کي گھڻيون ئي خوشيون ڏيکاريون، پر اهڙو وقت وري نه آيو.
عبدالماجد ان کانپوءِ جا ٽي ورهيه حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس کاتي جي مختلف عهدن تي گذاريا. اتي سندس رهائش پنهنجي چاچي غوث بخش جي جاءِ جي هڪ حصي ۾ رهي. جولاءِ 1978 ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس جو نئون زون ٺاهيو ويو ته اتي ايم اي مجيد کي ڪمشنر ڪري رکيائون جيڪو ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر جي اهم عهدي تي فائز رهي چڪو هو. مسٽر مجيد مرحوم بيحد محنتي ۽ قابل آفيسر هو. هن کي نئين زون کي اسٽيبلش ڪرڻ لاءِ مستعد، محنتي ۽ ڄاڻو آفيسرن جي گُھرج هئي. هن حيدرآباد جي چارج وٺڻ کان اڳ ئي زونل آفيس لاءِ موزون آفيسرن جي ڳولا شروع ڪئي. کيس عبدالماجد جي باري ۾ ٻڌايو ويو. عبدالماجد تن ڏينهن ۾ پنهنجي بالا آفيسرن جي نامناسب روش سبب موڪل تي ويل هو. نئين ڪمشنر خاص گھرائي چيس ته کيس سندس ضرورت آهي ۽ هو ساڻس گڏ هن جي اسپيشل اسسٽنٽ طور ڪم ڪري ته جيئن نئين زون جي تعمير ڪجي. هڪ سال تائين عبدالماجد سندس اسپيشل اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو جنهن مان مرحوم مِرزا عبدالمجيد صاحب، عبدالماجد جي ڪارڪردگي ۽ اخلاق مان ايترو متاثر ٿيو جو سروس ۾ باوجود کانئس گھڻو سينئر هجڻ جي، آخر تائين عبدالماجد سان سندس تعلقات بيحد دوستانه ۽ محبت وارا رهيا. حيدرآباد ۾ پوسٽنگ دؤران هن تاريخ ۾ ايم اي به مڪمل ڪئي.
1980 آگسٽ ڌاران عبدالماجد جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي جتي هو تقريبًا پوڻا ٽي ورهيه رهيو. ڊسمبر 1980 ۾ سندس ٽيون ۽ سڀني مان ننڍو پُٽ عبدالباري ڄائو. 1981 جي آخر ۾ عبدالماجد ۽ سندس گھرواري انگلينڊ ۽ آمريڪا مختصر عرصي لاءِ گھمڻ ويا ۽ واپسي تي عُمري جي سعادت حاصل ڪيائون.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔