Thursday, 6 February 2014
سُندري اُتمچَنداڻي جون ڪھاڻين
سُندري اُتمچَنداڻي جي ڪھاڻين ۾ ھڪ معياري ڪھاڻيءَ جو سڀيئي خصوصيتون توھان کي نظر اينديون. زندگيءَ جي مسئلن کي مد نظر رکي لکيل سندس ڪھاڻين جا مرڪزي خيال، نھايت ئي سھڻي ۽ پراثر محاوريدار ٻوليءَ سان نڀايل ملندا. سندس ڪھاڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
برقي ڪتاب
Wednesday, 5 February 2014
سنڌي فانٽ ڊائون لوڊ ڪيو
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سنڌي فونٽ
سنڌي انسٽال
ايم بي سنڌي ونڊوز ۸ لاءِ
ونڊوز ۸ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ سپورٽ ته آهي، پر ڪي بورڊ مهيا ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪجھ عرصو اڳ عزيزم شبير ڪنڀار منهنجي چوڻ تي ان لاءِ ڪيبورڊ ٺاهيو هو جيڪو حاضر خدمت آهي. انسٽال ڪيو ۽ ونڊوز ۸ ۾ سنڌي استعمال ڪيو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سنڌي انسٽال
Monday, 3 February 2014
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تعارف
سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سنڌي ڪمپيوٽنگ
Sunday, 2 February 2014
راجيش رائو موهن جي دڙي واري لکت کي کولي ٿو
راجيش رائو ”سڀني لفظن جي ڳجھن جي ماءُ“ کان تمام گھڻو متاثر آهي. هن پنهنجي ليڪچر ۾ اهو ٻڌايو آهي ته اڄ کان 4000 هزار سال اڳ سنڌي رسم الخط کي ڪيئن سمجھجي. ”ٽيڊ 2011“ ۾ هو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪيئن جديد ڪمپيوٽر جي تڪنيڪن جي مدد سان هو سنڌي اصلوڪي زبان کي پڙهڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي جيڪا ڪوشش هن عظيم تهذيب کي سمجھڻ ۾ اهم مرحلي طور ڪم ڪندي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سنڌو سڀيتا
Subscribe to:
Posts (Atom)