وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Showing posts with label سنڌي ڪمپيوٽنگ. Show all posts

Monday, 3 February 2014

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تعارف


سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.

اڳتي پڙهو »