وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday 28 November 2013

سسئي داستان اٺون

داستان اٺون
1
مارڳُ مٿاھون ٿيو، مارڳ چڙھي ڪيرَ؟
سا پُڇي ساٿ سويرَ، جائِي مارڳَ تي مري.
2
جي تون مارڳَ تي مرين، وڏا طالع تو؛
سانولُ ساڳي سو، مٿان تو ھٿ ڏئي.
3
مَلھِي مارڳ مرُ، تان تون تنين جي ٿئين؛
جبل ھار نه جرُ، ارتو اَکَڙين مون.
4
مارڳ جي مُئينءَ، تان ھُئينءَ ھوتياڻين ھنجَ ۾؛
وڃي ڪيچ سُئينءَ، تان ويچاريءَ وسُ ڪيو.
5
مارڳ مرن جي، ور تنين کي ويجھڙو؛
ھَي ھَي ھوتن کي، ٿئي ارمان انھن جو.
6
مارڳ مرڻ آھ، گھوريو جيڻ جيڏيون؛
پير نه پوئيون پاءِ، عاشقَ مرُ اڳي ٿئين.
7
مارڳ آھ مرڻ، جيڏيون ھن جيڻ کَـئُون؛
وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرڻ؛
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوھيار جو.
8
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون؛
ھوت ھھڙي حال، مانَ مٿان مون ھٿ ڏئي.
9
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪا مون لهن ڪل؛
ماڙيون سڀ محل، ويٺي ورھ وسائيان.
10
مٿي راھ رئان گھڻو، آءٌ اوٺارن ڪاڻ؛
ھاريون ايندم ھاڻ، ڏک ڪڍندم ڏيل مون.
11
مٿي راھ رئان گھڻو، آءٌ تنھن لَعلَن لَڳِ؛
جَتَ ٻيا ڀِي جَڳِ، منھنجو پيچ پنھونءَ سان.
12
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪارڻ ڪيچيڙن؛
سِگھا شال اچن، ڪَرن غور غريب جو.
13
مٿي راھ رئان گھڻو، ڪارڻ ڪوھياري؛
مُئيءَ کي ماري، وڃ مَ منھنجا سُپرين.
14
سچو ٻَڌي سندرو، لَڪين ڪندي لوچَ؛
ٻَڙيون لڳ ٻروچ، مٿي راھ رئان گھڻو.
15
اديون آريچن جي، ڪافؤن پونديم ڪل؛
ڪارڻ ڪوھيارل، مٿي راھ رئان گھڻو.
16
ھُو سياڻا سُپرين، عاجز ھِيءَ اَڄاڻ؛
آءٌ ڪوھياري ڪاڻ، مٿي راھ رئان گھڻو.
17
ھوندي ھوتياڻن جي، ھيءَ ويچاري وڳِ؛
آءٌ تنھن لالَن لڳِ، مٿي راھ رئان گھڻو.
18
اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچو ٻاري؛
ڪارڻ ڪوھياري، مٿي راھ رئان گھڻو.
19
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ٿَڪيءَ مون نه ٿِيَن؛
جيڏيون ڪاڻ جَتَن، مٿي راھ رئان گھڻو.
20
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن مون نه ڪيا؛
وٽؤن ھوت ويا، کڻي ساٿ سويل جو.
21
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پڄن مون نه ھَٿاءُ؛
اَچ آرياڻي آءُ، ٿي وسيلو وڻڪار ۾.
22
ڪاف ڪشالا ڪيترا، پري آھن پَنڌ؛
رويون چُمان رَند، آيل اوٺارن جا.
23
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ آھ منزل؛
آھ ڪوھيارل ڪل، نامِيا نماڻِن جي.
24
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ھزارين فرسنگ؛
نھاري ڏي ننگ، ڪر ور ويچاريءَ جي.
25
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪوڙين آھن ڪوھ؛
مون کَـئُون جھاڳڻ نه ٿِيَن، رُڪؤن ڏاڍا روھ؛
تنھنجي پُڄان توھ، نا ته ناھم حال ھلڻ جو.
26
ڪاف ڪشالا ڪيترا، آھن جال جبل؛
لھ ڪميڻِيءَ ڪل، ٻاروچا ٻاجھ ڪري.
27
ڪاف ڪشالا ڪيترا، دقت اَئُون تصديع؛
اَچي پَھچج پِي، مون ھن نماڻيءَ تي.
28
ڪاف ڪشالا ڪيترا، ڪڏھن ڪين ڪيام؛
سلھاڙي ساٿ سان، کڻي ھوت ويام؛
ووڙڻ وڻ پيام، قسمت سانگي ڪيچ جا.
29
ڪاف ڪشالا ڪيترا، مارڳ مٿاھون؛
ڇوريءَ کي ڇپرين، ڇڏي وئين ڇاھون؟
توکي ڪري سپرين، دردمند دانھون؛
تون اچج آڳاھون، نا ته ٿي دوست دم ڏيان!
30
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جِتِ جانارن جايون؛
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بلايون؛
مانديءَ کي مارڻ لءِ، نڪتيون نِنايون؛
مون سِر تي سھايون، سڀ آريءَ سندي عشق ۾.
31
ڪاف ڪشالا ڪيترا، بَر وڏا بئبان؛
لانگھا ھِڪُ لَڪَن جا، ٻيا ڪوھن ۾ ڪُھدان؛
اڳيان ڏينَم ڪينڪي، ھلڻ ھي حيوان؛
آءُ آرياڻي اَڳوان، ٿرُ مون نه ٿيلھيو ٿئي.
32
ڪشالي مؤن ڪمُ، ٿوري ڏينھن مؤن ٿئي؛
سوز گداز ۽ غم، رھبر ٿيندو راھ ۾.
33
قدر منجھ ڪشال، مون تان لڌو جيڏيون؛
وڌي وِٿ وصال، يڪسان يڪايڪ کَـئُون.
34
موٽي آيس ماٺ ۾، تان ڪيو شوق شڪار؛
ھَي ھن نماڻيءَ کي، ووڙڻ ٿيو وڻڪار؛
طلب سين تڪرار، ڪشالي مؤن ڪم ٿيو.

ڪافي 1
پارؤن تان پِريَنِ، جيڏيون، اچن اُھي اولانڀا.

تيلھان ترسين تار ۾، جيلھان محبت ناھي من.
ڪيئن چانگار چِڙن جي، ڪوڙي پيڙءِ ڪن؟
سڪ سچي جن ساھ کي، سي تارؤن نا ترسن.
ڪين اسان کَـئُون اَنھنجون، ڳالھيون ٿيون وسرن.
آءُ اسانجي پار ڏي، ٻيون تان ڏيئي ٻَن.
عشق "سچو" جن آھيئي، سي تان روءِ رَسَن.

ڪافي 2
ڪاڪيون مون ڏي ڪالھ، دلبر لکيا دلاسا!

اِيندا اَڱڻ سي تانھنجي، جَن لءِ سِڪينءَ ٿي سال.
ھاريون! ھجر فراق جو، واريو ورق وصال.
سَرھو ٿيڙو ساھُ مون، لاٿؤن ڪُل ڪَشال.
ڪَرم ڪيائون پانھنجو، مُنھنجي ني ڇاھي مجال.
تِرُ نه ماندو تون ٿِئين، لَھندءِ "سَچو" سنڀال.

ڪافي 3
ديواني ھِن دل ڪَيَوَ، ڪو دوست دلاسو ڏيو!

تو ٻاجھَون سانول سائين، چئو ڪير ڪو پُڇندو ٻيو؟
توھون الاجي ڪيئن سائين، سو واعدو وسري ويو؟
گُھرجي سعيو تَنھن جو گھڻو، جو پيش اوھان جي پيو.
ڪنھن کي ڏيان ھِيءَ دانھڙي، ھَي بِرھ بيراڳي ڪيو.
ھَي ھَي نِي ھھڙو حالڙو، اَي يار تان تو ريءَ ٿيو.
ھِيءُ ساھ منھنجي سَرير مؤن، ھَي تان تنھنجي نازن نِيو.
نِجھري نِماڻيءَ جي اَچي، ھڪ ڏينھن پاءِ لالن لِيو.
ڪيو ڪالھ ھادي قول تو، مِڙني اڳيان مون سان اِھو.
ھوندس "سچو" توساڻ آءٌ، تو پِيرُ 'عبدالحق' چيو.

ڪافي 4
عشق اَکين نيئي لايو، مَستانن سان!

سِر مٿي مون سَرتيون، وِرھي مينھن وسايو.
البت وينديس اوڏنھن، پَلُ پاڙيچون نه پايو.
آءٌ ڪيئن ويھان ماٺ ڪري، سورن ھت سِجھايو.
جا سيبايَوَ سَرتيون، ڳالھ اُھائي ڳايو.
حاصل آہ حبيب جو، "سچوءَ" تي سڀ سايو.

ڪافي 5
مون کي مِھڻا ڏئي، مَرُ ڪا پارؤن پِرينءَ جي!

ھيءَ تا حبيبن ري، پيالا زھر ٿِي پئي.
ڏوڙو ڏک مون پرائيو، ھَي دوست جي وئي.
روز پرينءَ جي پار ڏي، مون کي نينھن ٿو نئي.
سارو ئي ڪم "سچو" ٿيو، پُٺيءَ دوست جي پئي.

ڪافي 6
پائي ڏوھ پنھنجي اندر ۾، آءٌ دوست تو در آئيان!

راتو ڏينھان پنھنجي روح ۾، تنھنجا سوين ڳڻ ڳائيان.
ڏٺ ڏوراپو ٻُڌي، آءٌ پلؤ توکي پائيان.
زاريون ضعيفيءَ مؤن ڪري، پرين توکي پرچايان.
جا تو پڻي پيزار جي، سا کھ لِڱن کي لائيان.
سڀ ڳالھ پنھنجي سِرَ جي، توکي "سچو" سمجھائيان.

ڪافي 7
وڃي شال ڏسان، پنھون، تنھنجو ڪيچ واليءَ وسايو!

اَديون اوٺارن کي، آيل، رتيءَ منجھ رسان.
ڪاڪيون ڪوھيارل کي، آيل، پُڄِي شال پسان.
وندر جي واٽن تي، آيل، گوڏن ڀر گسان.
ھاريون ھوتياڻن جي، آيل، ويڙھي منجھ وسان.
وڃي ڪيچ وڻن ۾، آيل، ھوتن ساڻ ھسان.
"سچو" سپرين سان، آيل، ڪنديس چاھ چَسان.

ڪافي 8
ٿيون ورڻ جون وايون، يار سانگيڙي جون!

ھٿ پانڌيءَ جي، پارؤن پرينءَ جي، اھي سي خبران آيون.
ڪُونجان ھزارين ڪيچ وڻن ڏھون، اسان ڏي يار اُڏايون.
اڱڻ اُھوئي اسان پرين جو، شل جدا نه ھونديون جايون.
ڪيئي ڪتابتان پنھنجي اَچڻ جون، مون ڏي سي ھوت ھلايون.
ناھن ڳالھيون ھي ڳَرھَڻ جھڙيون، "سچو" ري سوز سَلايون.

ڪافي 9
ھاڻي ڪنھن سان ڳَرھيان ڳالھ، ھاريون پنھنجي حال جي!

پرين نيندا پاڻ سان، ڀينر، پنھنجي ڀال.
ڪرڻ عرض عجيب کي، منھنجي ڇاھي مجال.
ڪندي پورھيو ڪيچ ۾، جي نين نماڻي نال.

ڪافي 10
منھنجي ساھ سڄڻ کي ساريو،
مون کي ڳالھ تنھين جي ڳاريو،
ھوءِ ھوءِ ھوءِ!

اَديون آرياڻن جي، وڃي توڏن تونگِ تنواريو.
مون من گڏي گوندرين، ڪيچي ڪيچ قراريو.
ھِھڙن ھوتاڻن کي، وريتيون نه وساريو.
جيءُ سَچوءَ جو سرتيون، سندن عشق اُجاريو.

ڪافي 11
ڇَپَر تان نه ڇڏيندين، ڀلوڙي، پنھل يار!

پاڻ سڃاڻي پانھنجو، گولي ساڻ گڏيندين.
اڱڻ آسروند جي، آرياڻي تو ايندين.
اھو اٿم آسرو، نال نماڻي نِيندين.
پکا پکن سامھون، اوري شال اَڏيندين.
سڪ ۽ سور "سچوءَ" کي، بلوچا، بخشيندين.

ڪافي 12
گھوريو ھي ته ڀنڀور، مون سڱ ٻاروچن سان!

مَرَڪُ تان معذورِ کي، سندو ھوتن ھور.
راتيان رئان وڏ ڦڙا، ڏينھن سارو ئي ڏور.
آھي آرياڻيءَ جو، ديوانيءَ کي دور.
سچو ڳالھ اُنھيءَ جي، شوق مچايو شور.

ڪافي 13
ديس اسان جڙي آيو،
ٻڙيون، ٻاروچو؛
مولىٰ سو آڻ ملايو!

اَچڻ ٻاروچي جي ڪل نه آن کي، تيلھان ٿيون ورھ وسايو.
ويڙھي اوھانجي وسي ٻاروچو، پري ڇو پنڌ پڇايو؟
اڱڻ اوھان جي آھي سدائين، گھوري تان پاڻ گھمايو.
آءٌ نماڻي عيبَن ھاڻِي، پاڻ پرينءَ پرچايو.
پنڌُ ويٺي يار "سچوءَ" جو، ڪيو سو ھوتَ سَجايو.

ڪافي 14
اَچن ٿا پرين اَچن ٿا،
سل ڪي ساٿي، اَچن ٿا؟

طرف اسان جي ھين تياري، پَھَ اڃا ڪي پَچن ٿا؟
اديون آتش عشق جا، من ۾ مچ مچن ٿا.
پَسڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، نينھن وارا ھِت نَچَن ٿا.
"سچو" سُورھيه ڪيترا، رنگ انھيءَ ۾ رچن ٿا.

ڪافي 15
اھا ڳالھ سڄڻ تنھنجي، ڪنھن سان آءٌ تان ڪريان؟

اوھان ٻاجھون سپرين، ويٺي ھِت ڏکڙا ڏريان.
ھي سِرُ سارو ساھ سان، آڏو تنھنجي دوست ڌريان.
وِرھَ اوھان جي ھت وساريا، پاڄاڻن کي پنڌڙا پَريان.
دوست اوھان ريءَ ديس اُنھيءَ ۾، سورن جا ٿي سڏڪا ڀريان.
"سچو" چوي سپرين، تنھنجي صورت ريءَ ويٺي سور تريان.

ڪافي 16
منھنجو ھوت پنھونءَ سان، نينھڙو لڳو!

پَرو پِيڙم پاڻ مون، ڀينر ڙي منھنجو ڀول ڀڳو.
ٻيائيءَ جو بند پيو، ڪاڪِيون ٽوڙيو عشقَ ٽڳو.
مون کي اوڏنھن آئيو، سرتيون سندو وِرھ وڳو.
پرين "سچو" آھي پاڻ سان، جيئن سُئيءَ منجھ سَڳو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔