وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Tuesday 26 November 2013

سسئي داستان ستون

داستان ستون
1
توڙي ماڙِ نه مُون، سُڻ منھنجا سُپرم؛
مون کي گُھرجين تون، لوڪُ رُٺو ئِي گھوريو.
2
عُمر اجائِي گذري، وھِي آيَم ھِيءَ؛
آءُ سَٻاجھا سُپرين، پَروَرَ ڪارڻ پِي؛
جِيئڻُ ڪونھي جِي، ڪا وَرَ ويچاريءَ وَرِ ڪيو.
3
عُمر اَجائِي گُذري، اَڇا ٿيا اِظھار؛
زاريون ڪَيو سُپرم، رُئان زارو زار؛
مَٿِم آھي مَيارَ، ھوتَنِ حَرَف نه ھيڪڙو.
4
عُمر اَجائِي گُذري، ڪارن مَٽيو رنگُ؛
مون نھارِڻُ نه ٿئي، سانوَلَ سارو سَنگُ؛
ھِن نِماڻِيءَ جو نَنگُ، آھِ اُوھان تي سُپرين.
5
عمراَجائي گذري، ڪَئِي جوڀَنَ جاڙَ؛
بالا ھِنِ بِلورَ جا، چَئنِي طرفين چاڙَ؛
ٻاروچَل جي ٻاڙَ، مون کي روھين روليو.
6
عمر اَجائِي گُذري، ھوتَ نه گَڏيَس آن؛
اَھڙي ئِي احوال جي، ووءِ ووءِ آھي مان؛
ٿئي نه ميلو جان، تان ساھُ نه وڃي سَرَتيون.
7
عمر اَجائي گذري، ھھڙو ٿِيَڙُم حالُ؛
ڪَنھن سُڻايان سرتيون، اندر جو اَحوالُ؛
آرياڻِي الحالُ، ڪندو غور غريبِ جو.
8
مَٿي راھَ رَنجُور، ويچاري واڪا ڪَري؛
سِگھِي ويندي نِڪري، ھوتِياڻين حضور؛
موٽي ھَڏِ نه مُور، پَسَڻ ريءَ پِرينءَ جي.
9
جان مون مِلان ھوتَ، تيسين تائين نه مَران؛
مادر تائين موتَ، اِھو اَٿمَ آسرو.
10
وندر جي وڻَن ۾، ڪَري واڪا ويچاري؛
جا مَحبوبن مارِي، تَنھِنجو موٽَڻ مَسَ ٿئي.
11
وندر جي ئِي وڻَن ۾، زور ڪَري زاري؛
ڇڏي ويا ڇَپَرين، ڌوٻِڻ ھيءَ ڌاري؛
ھِڪ واچوڙا واٽَ تي، ٻي وسي ٿِي واري؛
بِرھُ آھي باري، ھَي ھَي ھوتياڻِنِ جو.
12
وندر جي ئي وڻن ۾، زور ڪَري زاريُون؛
نِيلا نيرَ اکين مان، ھاڙھي ويس ھاريُون؛
اديون آريءَ ڄام جا، ويا روڏا رئاريون؛
ھِنَ مُئِيءَ کي ماريون، ھوت وڃن ٿا نِڪريا.
13
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، ٿئين ڪوھيارَل قَرارِ؛
يا کڻِي مُئيءَ کي مارِ، يا پِرين ني تون پاڻ سان.
14
وڃِي ڪيچ وڻَن ۾، ٿِئين سانوَل سُک؛
ھِيءَ ڏکوئي ڏک، وجھِي گوندر ۾ وَئين.
15
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، تون خاصا ٿِئين خوشحالُ؛
ھِتِ ھِيءُ نِماڻيءَ حالُ، مانَ وَري ڪو وَڙُ ڪَرين.
16
وڃِي ڪيچَ وڻن ۾، ڪامل ٿِئين قَرارِ؛
ويچارِي مَ وسار، جا اَجھي آھي اَنھِنجي.
17
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ٿِئين جانب جاءِ؛
ھُو جي اوري ڪيچَ کَـئُون، سي مون لَڪَ لنگھاءِ؛
پنھنجو پاڻ پساءِ، نا ته ٿي دوست دمُ ڏيان.
18
ڪاڪيون ڪيچ وڻن مَئُون، ھِيرَ اچي جا ھِي؛
پاڙيچون! سا پِي، ھِنَ مونکي اَڄ ملائيو.
19
ڪاڪيون ڪيچ وَڻن ڏنھُن، ھي جو واءُ وريو؛
سندو ساھَ سَريو، مطلب سارو مَنَ جو.
20
ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏنھُن، وري واءُ وريوم؛
سارو ڪاڄُ سَريوم، ڄڻ ھاڻي گڏيَس ھوت کي.
21
ھو جا ڪيچ وڻن کي، وڃي لڳي واءِ؛
سا وري شھر ڀنڀور ۾، اچي سرد ھواءِ؛
جانب تنھين جاءِ، سا جيءَ اُنھيءَ سان ھلي.
22
ھو جو ڪيچَ وڻن مَئُون، اَچِي واءُ ورِي؛
سو مونکي محبوبن جِي، ڏئي خبر کَرِي؛
وڃان تا مَ مَرِي، جان ٻاروچي مُنھُن ڏسان.
23
ھو جو ڪيچ وڻن مَئُون، وَريو اَچِي واءُ؛
ماريون تَنھن مٿاءُ، ھِيءُ سِرُ ڪيان صدقي.
24
ھو جو ڪيچ وَڻَن مَئُون، واءُ ته آڻي واسُ؛
ھِيءُ سِرُ سارو ساسُ، ڪوڙين قرباني ڪَريان.
25
ھُو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ھاريون اَچي ھيرَ؛
ٿئي صحت مَنجھ سَريرَ، ڏور وڃن مون ڏکَڙا.
26
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ھاريون ھِير اَچي؛
تَنھِن سان مَنُ مَچي، محبت ۾ محبوب جي.
27
ھو جا ڪيچ وَڻن مَئُون، اَچي ھِيرَ ھَلِي؛
سا ڀينر آھي ڀَلِي، جنھن سان ساھُ سُڌير ٿئي.
28
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ٿي ھِير اَچي ھاڻي؛
تَنھِن آرياڻي آڻي، ڄَڻُ مون سان اَڄ ملائيو.
29
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، اَچي ھِيرَ ھلِي؛
تَنھِن ساري ڳالھ سَلِي، پِريان سندي پارَ جي.
30
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، لڳي تيز تَنوارَ؛
سندي پِريان پارَ، تَنھن ڏنا دلاسا دل کي.

ڪافي 1
نِينھَن نِھوڙي آھيان، ھاڻي جيڏيون ڪاڏي وڃان!

پنڌ پري ٿيو پِرينءَ جو، عشق اُلارو اڃان.
ڪَتڻ وٽڻ نه ٿئي، چرخو ڦيرائي ڀڃان.
پِريَن نايُون پَٽ ۾، عشق سنديون سي ڄڃان.
موٽڻ واري ڪڏھين، "سچو" نه مَصلحت مَڃان.

ڪافي 2
ھئان ٻاروچي نال، وو نال، پَلڪُ نه پري پِرينءَ کَـئُون!

وَرھيه وِيَڙم گذري، ھَي ھَي ھھڙي حال، وو حال.
ساڄنَ تنھنجي سوز جي، ڪريان ڪنھن سان ڳالھ، وو ڳالھ.
ٿي گذاريان ڏينھڙا، تنھنجي خاص خيال، وو خيال.
پُٺيءَ لڳل پانھنجي، پنھون سائي پال، وو پال.
ساھ "سچوءَ" جو صدقي، آھي اُتون آل، وو آل.

ڪافي 3
گوليءَ جي گفتار، ٻُڌيَوَ ٻاروچَن ۾ ڪا!

کُتا ڪانَ قريب جا، ھِنيَڙي منجھ ھزار.
آءٌ پيادي نا پُڄان، سارو ساٿ سُوار.
اُنھن ڪارڻ آئيو، رئڻ زارو زار.
لڌم پير پنھونءَ جو، منجھئُون گرد غبار.
اچي شال ڀنڀور ۾، ٻاروچو ٻيھار.
پاڻؤن ٻانھي پانھنجي، دوست نه ڪجو ڌار.
ڪَن "سچوءَ" ڏي سچَ جي، مَنجَھئُون، نِينھَن نھار.

ڪافي 4
يار لڳي آءٌ ھَلندي توسان، وو،
رھنديس ڪِيئن ڀنڀور ۾.

پاءِ رڪاب پرينءَ جي، ھَي ھَي ھاريون ھوسان.
پائي مَنڊڙا پورَ مَئُون، راھن تي روسان.
اَوھان ٻاجھون سپرين، ڇاھي مُنھنجو لوءِ سان.
سورن سھرا سِرَ تي، پارئون تنھنجي پوسان.
"سچو" ساعَتَ نه رھي، دم ٻَاجھون دوسان.

ڪافي 5
گولَن جي آءٌ گولي، ٻاروچاڻي ذات جي!

سمجھي سگھان ڪينڪي، ٻاروچي جي ٻولِي.
عبث آءٌ ڀي ناھيان، ڳالھ ڪَيَس ڪنھن ڳولي.
ڪري ڪوھيارل ويو، ھِنيَڙي اندر ھولي.
روئي اُنھن واسطي، چِڪَ ڪيم ھيءَ چولي.
"سچو" صدقي تَن تَـئُون، جِندُ جَنھِين ھِت گھولي.

ڪافي 6
اڙي اَلو اَلو، منھنجي يار سَڄَڻ جو، ساٿ سلامت آئيو!

اَڄُ سي اڱڻ آئِيا، مون جن لءِ وِرھ وسايو.
اُھي گَڏ مسافر ھِنِ گڏيا، مون جن لءِ پَنڌِ پُڇايو.
ڏيئي دلاسا دل کي، تن ريھي روح رچايو.
حال ڀائي اَچي سي ٿيا، جن تان چيٽڪ لايو.
وريتيون وصالَ جو، ھاڻ واليءَ ورق ورايو.
"سچوءَ" کي ڙي سرتيون، اھو مولىٰ مُحِب مِلايو.

ڪافي 7
سنديوَ سار سنڀال، يار مون کي آھي، منھنجا ميان!

مون ھُون ڏورڻ نه ٿيا، الا، آھن ڪاف ڪَشال.
اَوھان ٻاجھون سُپرين، جيڻ منجھ جنجال.
ڪريو فنا فراق کي، وجھان واجھ وصال.
ٻاجھ ٻاروچا تو پوي، ھھڙا ٿيڙم حال.
راتو ڏينھان روح ۾، جَکان لاءِ جمال.
سِڪ "سچوءَ" کي سُپرين، آھي جِي ۾ تنھنجي جال.

ڪافي 8
تون آءُ ڙي قاصد آءُ، ميان،
ڪا خبر ڏيھؤن کِيئن جي!

پرين سندي پار جو، ڪو لھي اَڄ سماءُ، ميان.
منھنجو ٿئي ھِت ڪينڪي، ٻاجھؤن ھوت ھلاءُ، ميان.
ملڻ ٻاجھون دوست جي، ڪندو ورھ وڌاءُ، ميان.
"سچو" سمجھين ڪينڪي، اھو اَٿئي ڪو لقاءُ، ميان.

ڪافي 9
آءٌ تان صدقي اُن تئُون، جي آيا پُنھل جي پار!

مُڪم نياپا نينھن جا، ھوتن ڏنھن ھزارَ.
محبت محبوبن جِي ڪئي، هِنيَڙي ۾ ھُشڪار.
وڃي ڏسنديس اکڙين سان، وڻ سندا وڻڪار.
سِڪ "سچوءَ" کي سرتيون، ڪيا اندر ۾ الغار.

ڪافي 10
اوڏانھن آئين ڪانگل اَدا، لنؤ تون چَڱي اَڄ لات ڪا،
ڪِي ھُت ھئي محبوبن کي، مشتاق جي مصلحات ڪا؟

ھيڏي اَچڻ جي ڪا ھُين، ڏي تون مون کي تسلات ڪا،
مون ھن نماڻيءَ وٽ اُتي، رھندا اَچي ھِت رات ڪا؟

ٻي تان ھوندي ھيڻي ادا، ظاھر نه جھڙيم ذات ڪا،
پيغام مون ڏنھن پرت جا، ساٿي آندوَ سوغات ڪا!

شب روز عاشق رئڻ ۾، ڄاڻن نه ھَڏ ٻي بات ڪا،
جاني جدائيءَ جيھڙي، آھي نه ٻي آفات ڪا!

ھيڪند ھئڻ جي ھوت سان، سائين ڪندم ساعات ڪا،
دلبر ٻاجھون ھڪدم "سچو"، بيھي اُھا برسات ڪا؟

ڪافي 11
عشق اَول آزمائي، ڪاڪيون ڪيچن جو ميان!

سِر تي سھج، وو، سور سٽاڻا، ٻاروچو ٻولائي.
صحيح ملندم ھوت حقاني، رانولُ مون رولائي.
عاشق صادق سڻ "سچيڏنا"، ڀول نه ڪنھن ڀولائي.

ڪافي 12
سانول، سوين ڳُڻَ تنھنجا ٿي ساريان!

ھُيا منھنجي ھِنيَڙي اندر، سي تان ڪيئن وساريان.
واٽان اچڻ جون، وو، تانھنجون ويٺي سي نت نھاريان.
اوھان ٻاجھون سُپرين، گوندر ڏينھن گذاريان.
جھُري جھوريءَ ۾ پيو، ھِنيَڙو ني ھاڪاريان.
"سچو" سگ در تنھنجي جو، تنھنجي ڪڍَ قطاريان.

ڪافي 13
ڪنھن کي ھي حال چوان اَديون ڙي، واءِ ويلا جو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان، ھي حال چوان!
مھڻا محبوبن، ڏنا پاڻ اوھان، ھي حال چوان!
"سچو" سِرواڻن کي، وڃي پيرين پوان، ھي حال چوان!

ڪافي 14
عشق تنھنجي ماري آھيان، آءُ اَچي ڏي دوست دلاسو دل کي!

سگھ نه ساريان پنڌ ڪرڻ جي، ڀلو ميان، ڪيچ وڻن ڏي ڪيئن ڪاھيان!
آءٌ تان ٻانھي تون تان سائين، سَڱ نه ٻيو ڪو ساھيان!
ڪم اچي جي ھي سر تنھنجي، ميان، تان ڀي نابِر ناھيان!
آءٌ اَڻ سونھين سونھين ناھيان، ڪاڏي ڪرھَل ڪاھيان!
ھوت ڪرين ٿو ھھڙيون، ميان، اَسَر ھَڏ نه لاھيان!
اڱڻ آءُ تون يار پيارا، سڀ ڀلايون ٿي ڀانيان!
ورھ اوھان جي ڪيئي ولوٽيا، "سچو" چوي آءٌ ڇاھيان!

ڪافي 15
دل ناھي سا منھنجي وس، ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!

انھن اَکڙين کي، ناھي ڏسڻ کَـئُون بس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
اصل لاڪون آھيان، پاڙيچون پروس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ڪاڪيون آھي نه عام سان، روح ھنھنجڙو رس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ٻاجھون ويڙھي دوست جي، ٻي ڳالھ نه لڳي ڪس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان،
ساھ "سچوءَ" جو سرتيون، دوست وٺي ڪيو وس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔