Sunday, 22 December 2013
سنڌي پورب
1
گَنگا کانءُ گُذرُ، آھي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو؛
ڪڏھن لوڪ نه لَڙيا، سدا تَن سَفرُ؛
آھي نامُ مَشَرُ، اُنھن اڌوتِين جو.
2
جوڳي آھن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو؛
آھِن ڪوڏيا ڪاتَ جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي؛
سِرُ سنباھِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان.
جوڳِي جال ڏٺامَ، پر ڪو ڪو لَڀي ڪاپڙي؛
ھي ويھي وستِن ۾ ويا، ھو نه لوڪِ لَڙيامَ؛
تنين ڪاڻ ٿِيام، ھَي ھَي ھِھڙا حالَڙا.
4
جوڳِي جالَ ٻُجھَن، پر ڪونه لھان ڪو ڪاپڙي؛
تن ڳُڻن ڀَريَن جِيون ڳالھڙيون، ٿيون �سچل� ساہَ سُجھَن؛
لوڪِ نه ٻئي لُجھنِ، بِگَر نالي ناٿَ جي.
5
جوڳن اوري جُوءِ، جي لوڪان لعل لِڪي ويا؛
لاھوتِي لنگھي وڃِي، حُر پيا ۾ ھُوءِ؛
راسِخَ روبروءِ، وڃِي ٿيڙا ناٿَ جي.
6
جوڳِي آھن جالَ، پر لاھوتِي لنگھي ويا؛
ھي مِڻ مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، ھو کڙا مٿي خيالَ؛
سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مون.
7
لوڪين لاھوتِي، ڪنھين پَر نه پِرڀِيا؛
سي پنھنجي رکِي پور ويا، سالِڪَ ثابوتِي؛
اُھي اڌيءَ آڌؤتِي، نانگا ويَڙم نِڪري.
8
ڪري لنگھيا لوڪَ مؤن، لاھوتِي لوڙا؛
گھوڙا ڙي گھوڙا، جو مون من مستانو ٿيو.
9
پُورب ڇَڏي پوءِ، آڌوتِي اَڳي ٿيا؛
ويا اُڪنڊيا اَڳنان، نه ڪنھن لَڙيا لوءِ؛
رِجائي رتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي.
10
جوڳي جالَؤن جالَ، پر لاھوتِي لنگھي ويا؛
ھو ھلي ويَڙا حالَ ۾، ھي قابو مٿي قالَ؛
ھَي ھَي مُنھنجي حالَ، جو حالُ نه پيو ھَٿِ مُون.
11
جوڳِن ھِت جايون، جي ھُنَ لوءِ لِڪي ويا؛
تپش تيش تَن کي، وڃَن لاھوتِي لايُون؛
ووءِ ووءِ واتِ وِجھي ويا، وَيراڳي وايُون؛
آڌُوتِن آيُون، خَبران ڪاتِي ڪُسَڻ جِيون.
12
جوڳِن آھ نه جنگِ، ھِن سُلوڪِي سڀَ سان؛
جيجان ھن جھانَ ۾، ھِن طُريلا تَنگِ؛
ڪنھن جي رتا رنگِ، ماڻِڪ مُنھن مَشعلان.
13
لاھوتِي ھِنَ لوءِ، آيلِ آھن اَڄُ ڀِي؛
ووءِ ووءِ اڃان پَوندِي، پوربيَن جِي پوءِ؛
اِنِ ڪاپَڙيَن کي ڪوءِ، سَڳَر مَنجھ صَحِي ڪري.
14
لاھوتِي مَون لوڪَ، ٿورا ڪري لنگھيا؛
سدا سامِيَڙن تي، محبتَ وسي موڪ؛
سي زائِر منجھوُن ذوقَ، ڪَنڌُ ڏيَن ٿا ڪاتَ تي.
15
ڪاپَڙِي مون ڪالَھ، اڃان ڏٺا ڏيہَ ۾؛
ھَي ھَي منھنجي حالَ، جو ساڻن ٿِيَسِ نه سنگتِي.
16
ھُو جي ڏٺا ڏيہِ، ڪالھ اَڃا مون ڪاپَڙي؛
سي اَڄُ لنگھيا لوءِ مَون، دانھَ ڇَڏي ديھِ؛
ھاريُون ھُوءِ ھَڏيھِ، موٽَن ڪِين مَڪانَ تي.
17
پُورب پَنڌُ نه آھ، ڪڏھن ڪاپڙيَن کي؛
جِت ماڻھو ميڙاڪو ٿئي، سا جُوٺي جوڳين جاءِ؛
سامِي سِرَ سواءِ، سودو ڪن نه ڪو ٻيو.
18
پُورب آھ نه پَنڌُ، ڪڏنھن ڪاپَڙيَن کي؛
سي ڏيندا ويراڳي وڃِي، ڪاتَنِ مٿي ڪَنڌَ؛
ھوءِ سَندنِ ھَنڌُ، جو لُڙ گڏجِي لَعل ٿِيا.
19
پُورب رکِي پيرُ، ڪَن پُڇَ پَراھين پنڌَ جِي؛
ٻيو ڪو وڃي اتھِين، ڪاپَڙين ريءَ ڪيرُ؛
جنھن کي ڦِڪَلُ نه ڦيرُ، ڪنڌُ ڏيندو سو ڪاتَ تي.
20
پُورب پنڌ نه ڪن، ڪنھين ويلي ڪاپَڙي؛
ڪوڏِ ڪَپائڻ ڪنڌَ جو، توڙؤن آھي تَن؛
�سچل� سدا سامھون، آڏي آڌوتَن؛
سي وڃِي ڪاتِ ڏينِ، گَردنون کنيو غار ۾.
21
جاڏي پُورب پنڌُ، تاڏي آءٌ نه وڃڻو؛
ھي ھِنن جو ھنڌُ، منھنجو ھنڌُ ھِنگلاج ۾.
22
پُورب پُڇيائون، پَر پيرُ رکيائون پَرنان؛
اوريان پَريان پنڌڙا، سي لَس لنگھيائون؛
اِئين اُتيائون، ته گُرَ اَسين نه گَڏيا.
23
پُورب کانءُ پري، نانگَنِ نظر آھ تا؛
نِگھ وجھن ناٿَ تي، پِرڀَون پير ڀَري؛
مَنجھؤن ذوق ذري، گُرَ گَڏيا وڃِي گودڙيا.
24
پُورب پَير ڌرن، ڪن وِڇَٽَ پارھين پنڌ؛
تي؛ قدم رکي ڪاتَ تي، ڪنڌُ قربان ڪَرن؛
ڪوڏؤن ڪاپَڙن، �سچل� سِر صدقي ڪيو.
25
مٿي ڪاتَ قَدمُ، ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو؛
سنسو ميٽي سروپ ۾، �سچل� ٿيا سي سَمُ؛
سدا ساميڙن جو، دَمامين سان دَمُ؛
آديسِي عَدمُ، ٿيا نالي اَندر ناٿَ جي.
26
ويا ھَتَؤن ويھِي، اَڃا ڪالھ ڪالھوڻي ڪاپڙي؛
آيل آڌوتِن جِي، ڳالھ ڪريان ڪيھِي؛
�سچل� ساري سڪ مان، گاروڙي گيھي؛
پُوربَ ۾ پيھِي، وڃِي واصِل ٿيا وصالَ کي.
27
ھَي ھَي ڪالَھ ھِتاءُ، اَڃان لاھوتِي لنگھيا؛
ڪونَ وڃَڻ جو مون ڏنو، سامِيڙَنِ سَماءُ؛
تا ڪو پَوي پِرڀاءُ، مَن لاھوتِن جو لوءِ مَؤن.
28
ويا لاھوتِي لالَ، لورا ڪري لوءِ مَؤن؛
ڳالھ نه ڳَرھَڻ جَھڙي، مگر مُنھن مَشعال؛
ھَي ھَي ھِھڙي حالَ، ساريون سي سَڌَ مَران.
29
جو پَنڌُ جوڳِيڙن جو، سو آڌوتِن آجاءِ؛
گنگا ۽ گرنار ڏي، جوڳن پَنڌُ جُڳاءِ؛
پنڌُ اُنھِين کَؤن پَرنان، آڌوتِن کي آءِ؛
تان تان ٿِين نه جاءِ، جان جان ريجھَنِ نه رامَ سان.
30
ڪوڙين قربانِي، آءٌ تا ڪاپَڙيَن تَؤن؛
ڏيئي ويا جي ڏيل کي، ھَي ھَي حيرانِي؛
ماريون مِھمانِي، آءٌ تا سِرُ ڪَرينديس صَدقو.
31
ڪري لورا لنگھيا، ھَي آڌوتِي اَڄُ؛
مون ھَئون اَمان ڀَڄ، جو آءٌ به وينديَس اَن سين.
ڪافي 1
آءٌ ڪوڙين ٿيان قُربان، جوڳِيڙن جي جات تَؤن!
ڪاڪيون ڪاپَڙيَن جو، ڏاڍو آھي مون اَرمان.
آيل آڌوتِن جو، آھي گنگا ۾ گذران.
نانگن سَندي ڳالھڙي، ھِت پورب ۾ پَروان.
�سچو� ناٿ نِھارينٖ ڇو ٿو، ٻئي ھنڌِ ٿي تُون مِھمان.
ڪافي 2
ساڳِي مون تا سڃاتو،
اُھو جيڏيون يار منھنجو!
اَصل لاڪَؤن آھي انھيءَ سان، ھن نماڻِيءَ جو ناتو.
ته ڪو ٿي ڪري جوڳِي اِيندم، ڄاڻُ نه ھِيئن مُون ڄاتو.
ڏسِي صورتَ ساري سُھڻِي، عشق اُنھيءَ سان مون لاتو.
ھِيءَ نماڻِي عيبَنِ ھاڻِي، پيچ پاڻھي تَن پاتو.
سَھَو �سچو� ري ڏسي اَسان جي، چِتُ نه دلبر چاتو.
ڪافي 3
جِيجان زلفن واري،
اُنھيءَ ساميءَ مَن موھيو!
باہ بِرہ جِي اَندر اَسان جي، ويو سو ٻَھڳَڻ ٻاري.
ھِجر فراق ڀِي وو يار اسان کي، ڪُوڪان ٿو ھِت ڪاري.
جوڳِي ڪِيَڙوُ جيءُ اسان جو، مونجھ اُھو ٿو ماري.
اَچڻ سنديون يار اوھان جون، �سچو� واٽان نِت نِھاري.
ڪافي 4
ماري ويو ڪالھ رات،
سونھن ڀريو سو تا ساميَڙو!
راتو ڏينھان روح کي، طَلبَ تَنھن جي تات.
ڪينَ سُڃاتم سرتيون، تا ڪھڙي آھي ذات.
سور نه جھلڻ جِھڙو، ھاريون ڙي ھيھات.
اَٺئي پھر تنھن جِي وائِي، �سَچوءَ� کي آھي وات.
ڪافي 5
جو ھوم ورونھن وارو،
جيجان گڏيم سو تا جوڳِيَڙو!
اَڳينءَ پوئِينءَ ڳالھ جو، خيالُ سَليائين سارو.
سُورن جي سوغات سان، آيو اوڏانھُن وڻجارو.
پَسڻ سان پيدا ٿيو، سيني مَنجھ ستارو.
صورتَ تنھن جِي سڦرِي، مَشعل مُنھن موچارو.
جُڙِي ويٺو جان ۾، بِرھ اُنھيءَ جو بارو.
آھي �سچوءَ� جو سرتيون، اِھو اکين جو اُجارو.
ڪافي 6
ڪھڙي ڳالِھيؤن يارَ، ڪِيتُئِي بيراگِي اسان کي!
درد منديءَ جي دل تي، باري چاڙھيئي بار.
اَصل کَون آرام وڃايا، جانِي تنھنجي جار.
مون کي يار جدائِيءَ ماريو، آءٌ روئان زارو زار.
ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪِيَڙا، تنھنجي حُسن ھزار.
غمزي ساڻُ غلام ڪياسي، �سچو� ري سردار.
ڪافي 7
ھَي ھَي ھِن حالَ وي،
سَڳَر ٿيس نه سامِيڙن جيٖ!
منھنجو آھي ڪم ڪاپڙين ۾، نا ته جوڳِي آھن جال.
ويمَ ويساھي نڪري، اُھي رات لانگوٽيا لالَ.
ڳوليان ڦوليان واٽڙين تي، جي ڪُھِي ويَڙم ڪالھ.
ڪاتَ اُتي ڪَنڌ آڻ ڪَپاوڻ، لاھي جيءَ جنجالَ.
منجھ گوداوريءَ من گڏجن، جن جا خواب خيالَ.
راتو ڏينھان آھي ھوتن جِي، �سچوءَ� ساہَ سنڀالَ.
ڪافي 8
اُڏر پَکيڙا پار پرينءَ جي، خبر مون آڻي ڏئين، لا!
ڪِين ڏٺئِي سي سُپرين، واٽ تا ڪنھن ٻيءَ وئين.
پاڙي ويھي پِرين جي، وڃِي تون واقف ٿِئين.
سُڌ سڀائِي مون ڏئين، جڏھن پاڻِي اَکين جو پئين.
سوز �سچوءَ� جو پاڻَ سان، ادا ڙي نازڪ نِئين.
ڪافي 9
عاشِقُ ڪِيتُئِي اُداسِي، وھواہ ڳالھ خاصِي!
روز ازل کؤن لؤن لؤن منھنجي، واءَ ورہَ جي واسِي.
دِلڙي اسان جي سُھڻا سائين، پھريون ڪِيَئي پياسِي.
ھيڏي ھوڏي ڪين وياسي، باسَ اِھا اَسان باسِي.
بيخوديءَ مون باغ بھاران، خوديءَ کانءُ خلاصِي.
بِرہ آنجيٖ ڪيو بيراڳِي، �سچو� رنگ سنياسِي.

ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سچ جا رسالا
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔