وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday 5 December 2013

مارئي داستان ٻيو

داستان ٻيو
1
عمر اَباڻن ۾، لَڌمَ لائون لالڙئين؛
کُھ موتِي مالَھڙئين، حال گھوريا ھِن حالَ تي.
2
جو ڏاڏاڻو ڏيہُ، مُونھؤن مور نه وسري؛
سو ڏاتَر لَئه ڏيکار مُون، سومرا ساڻيہُ؛
ريءَ پنھوارن پَرڏيہُ، ھِيءُ مِڙيوئِي ڀائيان.
3
ڏيھ ڏاڏاڻي، شل سِگھي وينديس سومرا؛
مون کي ماروئڙن ۾، ڇڏ عمر اُماڻي؛
ڏينھن گُذري ڏکَ ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄائي؛
سُکَ ڏُکَ سنديون ڳالھڙيون، وڃي اوريان اَباڻي؛
نه ته سُڌ لَھندڙَ سِگھڙا، اَلله اُھي آڻي؛
جو ھُن بِنا ھاڻي، گھَڙي ھِت نه گھاريان.
4
وَس نه وِساريامِ، سُرھا وَڻَ ساڻيہَ جا؛
اُھي ھيڪَند ڏينھڙا، ٿي گَڏجِي گذاريامِ؛
ياد ڪيون سي ڪيترو، سانگِي سنڀاريامِ؛
اوڏنھن اُڏاريامِ، ڪَلَ لَھَڻ لَئه ڪانگڙا.
5
جھڙِي ھُيس مَلير ۾، جي ھِت ٿيان تِھڙي؛
پَرَ ڳالھ ڪَريان ڪھڙِي، جو قابو رھيسِ ڪوٽَ ۾.
6
ھُيس ڪير ملير ۾، ھِت ٿِي آيَسِ ڪيرَ؟
جيڪُس پيڙمَ پيرَ، فقط لَڳ فِراقَ جي.
7
ڪاٿي آءٌ ھُياسِ، ڪاٿي آيَسِ سومرا؟
ھُتان ھلي ھِتِ اَچي، پورَن منجھ پياسِ؛
ھنجن ھابُ ڪِياسِ، وڇوڙي جي ڏينھڙي.
8
شال نه رھن ڏورِ، ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
ميان تَن ريءَ مور، مون ھِت جالَڻُ نه ٿئي.
9
ڏوٿِي ڏورئون ڏورِ، عمر اَڄ مون کي ٿيا؛
سُمھَڻ جاڳڻ سورِ، مون گذارَڻ آئيو.
10
جڏھن آءٌ ڄاياسِ، ڪنھن وٽِي، وِہَ جي نه ڏني!
جڏھن ساماياسِ، تڏھن آيَس اوراتَن ۾.
11
ھي سامائِجڻ گھوريو، جنھن بت ڪَيو بيرؤن؛
وڃي شَلَ ويڙھيون، ڏِسان ڏوٿيَڙن جون.
12
ڏٺي ڏوٿيَڙن کي، گھڻا ڏينھن ٿيا؛
جالڻُ جُدائِيءَ ۾، جيڪي پَلَڪ پئا؛
سي وڻواند ويا، سارا سنگھارن ري.
13
ھُت ٿا لوءِ لُڇَن، سُڻِي ڳالھيون سومرا؛
پيھي ڪِئن نه پُڇن، جي ھُئن اَباڻا اوڏڙا!
14
پاڙو پاڙي ساڻُ، شَلَ ھُئان اَباڻن جي؛
پکي تَن جي پاڻُ، آءٌ تا سُکيو ڀائِيان.
15
مون کي رَبُ رکي، شل پَردي ساڻ پناہَ ۾!
ته ھئان منجھ پکي، عُمَر اَباڻَن جي.
16
پَردي منجھ پناہَ، مون کي رَبَ رکيج!
اُڪنڊ ھِن اَرواحَ، آھي اَباڻَن جِي.
17
ڏِسي کيٽَ کَڻِي، ويا ماروئَڙا ملير مَون؛
پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، ويٺا جالَ ھڻِي؛
اڳي پنھوارن پاڻ ۾، ٿي اِھا ڳالِھ ڳڻي؛
ھِت رَتِي رھَڻ ناہِ ڪا، ڄاڻي ھِڪُ ڌڻِي؛
جا عادت زور ظلم جِي، ھيءَ حَمير وَڻِي؛
رَعيت جي رَنجڻ جي، ٿيس گھُر گھَڻِي؛
ھاڻ بَرسَر ھِيءَ بَڻِي، سنگھارن تي سومرا.
18
پَلَڪ نه ٿيان پاسي، شَل عمر اَباڻَن کَؤن!
گڏُ گَڏين ھا سي، سڀن سان سي سومرا.
19
ڪاڏي اَڄ رھي، آءٌ ڪاڏي اَباڻان؟
ھاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽي مِلنديس مارئين.
20
اَڃا نه آيا، سنگھارا ساڻيھ جا؛
ڏينھن جھَجھا لايا، پانوَرِ پنھوارن پاڻ ۾.
21
جيڪس نه آيا، سنگھارا ساڻيھ تي!
نه ته کيتن خابرو، تڏڙھئين ھَلايا؛
تن ڏينھن وڏا لايا، وڃي پانورَ ڪنڌئين.
22
وڃن تامَ پري، شل اَباڻَن اوڏي ھُئان!
جو سُڌِ لَھَن مون سِگھڙي، ذري منجھ ذري؛
اکيون آب ڀَري، ٿي ويجھائيءَ لئه وجھُلان.
23
بيوسِي آھيان، ھِن ماڙن ۾، مارو!
وِساري ويھي رھيؤ، ڄڻ منجھانئِوَ ناھِيان؛
لالچ نه لاھيان، پَسَڻ پَنھوارَن جِي.
24
موٽِي شال اَچن، ماروئڙا ته مَليرَ ۾!
اَچڻ سندي تا ان جي، ڪَر پوي مون ڪن؛
تا سڀيئي سُک ٿين، گوندرَ وڃن گُذري.
25
ڏوراپا ڏيئي، ڪنھن ھَٿ مُنجان مارُئين؟
ته وساري ويھي رھيَوَ، حال ٻڌي ھيئي؛
مِڙي اَچو مون گھرين، آھيو جھانگيڙا جيئي؛
جي آھيو اتي ئِي، تا لَھو سُڌِ سنگھار جي.
26
موٽي ماروئڙن، سُڌِ نه لڌي ساہَ جي؛
لاھي ڇڏيو دل کؤن، اَديون اَباڻن؛
ڪنھن ڳُڻؤن سنگھارن، جيڪُسِ ويڙسِ وِسري.
27
ڪي ڏينھن ھُيس قرار، مارُن گڏ ملير ۾؛
درد نه ھو ڪو دِل کي، ھُيسِ مِٽَن ۾ مختيار؛
ريءَ اَباڻن آرِ، ھاڻي ڪنديس ڪَن سان.
28
اَڄ ساريم سنگھاري، جَنَم لنگھايَم جَن سان؛
ھيءَ وڇوڙي تَن جي، ميان ھِت ماري؛
عمر سڀا مون سانگئين، ٿِي گڏجِي گذاري؛
منھنجي پار پنھوارَ جي، آھي تاڪون تياري؛
ھاڻ لکي منجھان مارئين، ھِيءَ حقيقت ساري؛
ڏينھن ھيترا ڏوٿيو، ڪِيئن اوھان وِساري؟
جيڪُس ڌُرئون ھُئِي ڌاري، تيلھان ويَڙَوَ وِسري.
29
منھنجي مَن ميان، ھِن ڳالھيون ماروئڙن جون؛
ڏُٿ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، وڃي خوشِئون ھُتِ کِيان؛
ڪائِي ساعت سومرا، جھانگِن ري نه جِيان؛
وڃِي ٿر ٿِيان، شَلَ سنگت سنگھارن جي.
30
ويجھا جڏھن ھُئام، ماروئَڙا ته ملير ۾؛
تڏھن ڳالھ احوال جي، تَن ڪَنين ڪين وڌام؛
ھاڻ وڃِي ٿرِ ٿيام، اُھي سڌ لھندڙ سومرا.
31
ٿيا پنھوار پَري، آءٌ ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟
وَھندو شالَ وصالَ جو، ڪو پڻ واءُ وري؛
نَئي گڏ ڪري، سو مون کي ماروئڙن سان.

ڪافي 1
مارن ڏي آءٌ وڃان وڃان! ھادِي اَلله، الو ڀلو!
لاوان لھنديس کيت پنھنجي سان.

سرتيون ٿينديون مون ڄَڃان ڄَڃان.
ڪَڍ بندياڻي بند مؤن، ڪُرف ڪڙا ٿِي ڀَڃان ڀَڃان.
واٽَ جنھين کؤن سانگِي ايندا، سائِي واٽ مان وڃان وڃان.
"سچو" سائِل آھي اوھان جو، سِرُ سائينءَ اڳيون سَڃان سڃان.

ڪافي 2
لَڄايان نه لوئِي، وو،
عمر آنديم جا اوڏاھون!

جي تا ملڪَ ملير ڏنھن، قاصِد اَچي ڪوئِي، وو.
سارو سنگھارَن ڏي، حال منجان روئِي، وو.
وجھان ٻَرنديءَ باہ ۾، شالون پَٽ سڀوئِي، وو.
کٿِي کَنيَم کِيئن جي، اَڌو ٻَنڌ جا ھوئِي، وو.
آنديم کڻِي کوہَ تؤن، آب ڀَري اوئِي، وو.
پِيَڻ ڪاڻ پنھوار جي، کَلي مُون تان ڍوئِي، وو.
اھڙي اڳي ڪنھن نه ڪئي، جھڙي ڪيڙي توئِي، وو.
مون سان مدد ني ڪندو، "سچو" صاحب سوئِي، وو.

ڪافي 3
ويٺا منھنجيون ڳالھيون ڪن،
ھُت ماروئَڙا به ملير ۾!

عمر آنديئي مارئِي، تاسف ڏيئي تَن.
سَدا آھنِ سومرا، مارو منھنجي مَن.
مون جيڏيون ملير ۾، چانگن پاسِ چَڙن.
ڇڏي پانور ڪنڌيون، مَنَھيون اوري اَڏن.
"سچوءَ" جي سَريرَ ۾، ويڙھيچا ٿا وسن.

ڪافي 4
غم ۾ ڪِيئن نَه گذاريان، اَديون، تن وچؤن مون کي ڏينھن پيا!

ميان مُلڪَ ملير ڏي، کنيو نيڻ نِھاريان.
پَکا پنھوارن جا، ساعِت ساعِت سنڀاريان.
راتيان ڏينھنان روح ۾، ساھيڙين کي ساريان.
وَسُ جي ھو ڪو منھنجو، گڏ ھُنِ پاڻ قطاريان.
پَت پنھنجِي پاڻھين، پنھوارن سان پاڙيان.
ياد ڪيو سي ڳالھيون، پنھنجو پاڻ ٿي ڳاريان.
موڪل ڏينم مٽين مِڙان، گھڙي ھِت نه گھاريان.
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، چَھرائيءَ سان چاريان.
جي مون روحَ رڳن ۾، ويڙھيچا نه وساريان.
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنھن، عمر شال اُجاريان.
حال پَسي ھِيءُ پانھنجو، ماروئڙن لڳ ماريان.
پَٽَ پٽِيھَرَ گھَوريا، طولَ ڀايان تلواريان.
ڪَرَ لَھَڻ لَئه ڪانگَڙا، اوڏنھن روز اڏاريان.
"سچو" سنگھارن کَؤن، ھِي سِر ھڏ نه واريان.

ڪافي 5
شالَ نه وِسارين، مارو مون کي، شالَ نه وِسارين،
- درد جنين جو آھي دل کي!

اَٺئِي پَھر اوڏھون، نيڻَ ٿا نھارين.
پَھون پنوھَرَ پانھنجا، ويجھا وھارين.
جوڙُ اسان جا جھوپڙا، ماڙيون ٿيون مارين.
ھَردم طلب جون تَن ۾، تارون تنوارين.
سنگھارن جون ساہ کي، ڳالھيون ٿيون ڳارين.
"سچو" سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔