Wednesday, 25 December 2013
مالڪوس داستان ٻيو
داستان ٻيو
1
ڀينَر ڪِيئن ڀِنو، هِي جو نامو نيهَن جو؟
جيڪس خُمار ڏنو، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
2
پڙهندي پرزو پرينءَ جو، ڀَلو ڪِيئن ڀِنوس؟
جيڪس خُمار ڏنوس، هُو جو آيس عَجيبَن ڏنهُن.
روئِي زارو زارُ، پنو لکِيُس پريَنءَ ڏي.
ڏِنس خَطَ خمارُ، اَوليءَ عبارَت ۾.
4
آڻي عبارتَ، اَڃا لِکڻ لڳي پِرينءَ ڏي؛
روئندي ڀَريون رتَ، اوتڻ ٻَئِي اَکِيون.
5
عبارت آڻي، اڃا لِکڻ لڳِي پِرينءَ ڏي؛
دِيدن درداڻي، اَچِي اوتيا اُتهِين.
6
نِيهُن منَجھؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي،
ته به پانڌي، پيغامي، وِرهُ وڌائڻ آئيو.
7
آيو اوڏاهُون، اَڄ ساٿِي سلامن سان؛
ماريون ڙي مان هون، اها ويل نه وسري.
8
نامو راتِ نيو، قاصد پار قَريب جي؛
پورن مَنجھ پيو، هُت واچِيندڙ ورق جو.
9
جارؤن لکيم جو، ڪاغذ قريبن ڏي؛
حقيقت جا حال جِي، واچِڻ ويٺو ڪو؛
پڙهندي پَنو سو، تنهن کي آنڌيون آئيون.
10
عريضو آڻٖي، ڏنو قاصد قَريبَن جو؛
هن ويلٖي هاڻٖي، هِيءَ سِر ڪَريان صدقو.
11
نامو نيندي ئي، قاصد واٽَ ڪِري پيو،
تنهَن ويلي ويندي ئي، ورهَ وڪوڙيو نڪڻيان.
12
پڙهندي پرزو ئِي، واچِيندڙ وهلور ويو؛
لِڱين لَرزو ئِي، اَچِي پيس اوچتو.
13
قاصِدُ ايندي ئي، پيو شوڪارن ۾؛
نياپا ڏيندي ئي، ساٿِيءَ ساهُ مَٿي ويو.
14
نامو سارو نِيهَن، جو پُڻ لِکيو سَڄُڻين؛
رات برابر ڏِينهَن، مون کي گوندر گذري.
15
ڪا جا ڪتابَتَ، لِکِجِي آئِي پِرينءَ ڏَنهُن؛
�سچو� سا ثابت، مون هون واچَڻ نه ٿِئي.
16
پَني ۾ پيغامَ، ڪٖي لِکي مُڪا سَڄڻين؛
سي نه سمجھن عامَ، جٖي آهن مَنجھ اشارتان.
17
ڪِي جو لِکيائون، پني مَنجھ پِريت جو؛
اُهو پَسِي آئون، بيخود ٿِيَڙس سَرتيون.
18
ساٿِي ٿِي سونهون، واچِيندو وَرَق کي؛
سو مَنجھ مطالع مون هون، خونِي خط پِرينءَ جو.
19
لِکُيون لَسَ لَڙهان، ساجَن سَلامَن جون،
اهو پُرزو پاڻ پَڙهان، ٻُڌايان نه ٻين کي.
20
مُنجان ڪِيئن لِکِي، ڪِتابت قريبَ ڏي؛
متان ساٿِي واٽَ سِکِي، ٻڌائِي ٻِين کي.
21
مون ڏنهُن اَڄ لِکِي، جانيءَ جدائِيءَ مَؤن،
کَنئون ترار تِکي، هُئِي ڪتابَت قريب جِي.
22
لَڙهان لَسَ لِکيون، پِرينءَ پيغامن جون؛
سٖي رقيب سِکيُون، ٿو ٻڌائٖي ٻَيِنِ کي!
23
رَت اکين رويو، ٿِي ساٿِيءَ سَنيهڙا ڏئٖي؛
نَهريون نچويو، جارؤن جَرُ هاري گھڻو.
24
نِچوئِيندي نُنهَن، ٿِي پاڻي ڪَڍي پڌرو؛
وجھي ساٿِيءَ سُنهَن، ته �تون ڏيج سِجدو سَڄُڻين.�
ڪافي 1
ڪوڙِي ڪَيئِي ڳالهه پنهنجِي،
ڪالهه ڪانگا جا چَيئي مون کي!
جيڪُس ڪِين ڪِي ڌُر وئيٖن تون،
واٽَ ڏسِي مُوٽيين اَهنجِي.
عجيبن جي آڏو وري تو،
ڪَچِي ڪَئِي سا ڪنهن جي!
وري برار وئُون اوڏانهين،
سائِين ڪندو شال سَهِنجِي.
تنهن کي سوئِي توڙ رساڻِي،
وٺٖي جو دامَن ڪنهن جِي.
اَصل لاڪُون �سچوءَ� سَڀائِي،
طاعت مَڃِي آهي تُنهنجِي.
ڪافي 2
پِرينءَ هِي پيغامَ، ساري ساٿيا ڏيجو!
ٻانهون ٻڌِي يارَ سَڄَڻ کي، ڏيجو سٖي سَوَ سَلام!
�ڪڏهن ڪندؤ پارِ اَسان جي، اچڻ جا اَنجام!�
�درِ اوهان جي يارَ رَسڻ رِيءَ، ٿِئي نه طلب تمام.
�شوقَ اَوهان جي شورُ مَچايو، ڪياسين هُل هَنگام.
جيهو تيهو آهي اَصل کؤن، �سچو� سو گولو غلام.�
ڪافي 3
آءٌ اصلَ کؤن جو آهيان، گولو غلام تنهنجو!
مون سان وعدو ڪَيَڙئٖي، ويهي، ڪالهه پَکي هنَ پيهِي،
ناهيان ڏور اوهان کَؤن ڏيهِي، ڪن لايان ڪلام تُنهنجو.
تنهن ڏينهن لاڪون اَڄُ تائين، منهنجو ساهُ سِڪي ٿو سائِين،
پيو اوچتو هَنڌَائِين، هن دل کي دام تنهنجو.
ڇڏ سڀ لاڳاپا لاهي، اِهو وڃڻ ته واجب ناهي،
اِهو فرض اسان تي آهي، سجدو سلامُ تنهنجو.
ڏاڍا خوني نِيڻ خماريئي، سي ڌاڙي ڪارڻ ڌاريئي،
نيڻَن سان مُلڪَ ماريئِي، هر جا حُڪام تنهنجو.
آئِي سائينءَ ڏهون وراڻِي، ٻيا خيال ويا اُڪاڻِي،
تون ته سرور نبي سُڃاڻِي، �سچو�، آهي امامُ تُنهنجو.
ڪافي 4
اَڄ تا خبران آيون آيون، دوست اَوهان جي ديسئون!
وري وسائيندو سِگھڙو،
جاني سو پنهنجيون جايون جايون.
ته ڪَرَ ويندين نِڪري،
هيئن ڀُلٖي ڪينَ ڀانيون ڀانيون.
ڏکُ وڏوئِي ڏيلَ منهنجي کي،
وئين تون لالن لايُون لايُون.
راتو ڏينهان روحَ پنهنجي سان،
ڳالهيون سنديوَ ٿا ڳايُون ڳايُون.
اَچڻ اوهان جي جوُن، طَرف �سچوءَ�،
جٖي، شالَ وري ٿِين وايون وايون.
ڪافي 5
منهنجي اڳهين لڳِي، نه ته هاڻِي لڳِي،
دل، اَلو، اَلو، تنهن يار سان!
روز اَزل کؤن اکيون لايون سٖي، دوستَ مٺي دلدار سان.
ڪيئِي داناءَ ديوانا ڪيائِين، چشمن جي چَمڪارَ سان.
دوستَن جي در اَچي پيَس، اَصل سَچي اِعتبار سان.
جيڪِي ٿئي ٿو جوش وارن سان، سو نه ٿئي هُشيارَ سان.
ناز نياز جي نيهَن وارن کي، تَڪ ڪيو تَلوار سان.
سِرُ �سچوءَ� ڪيو صدقي سائِين، عقل ڇَڏي اقرار سان.
ڪافي 6
آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنهنجو!
ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنهنجو!
هن کي اوهان جي ٻاجھون آهي نه ماڙ ڪائِي،
هِي تا غريب آهي، اُميدوار تنهنجو.
�ٿِيءُ پاڻَ کان پَري تون� فرمائيو اوهان جو،
آهي ڄميل اَصل کؤن هي اعتبار تنهنجو.
هِنَ تي ڪَرم وڏو ڪيُوَ، جو درد دل بڇايُوَ،
ساريان لطف سنڀاريان، نِي بيشمار تنهنجو.
چاهَون ٿِيو اَوهان جو، دامن لڳي جو آهي،
�سچو� غلام ڄاڻي، جو داغدار تنهنجو.
ڪافي 7
لنگھٖي ويون ڪالهه قطارون،
ڪونجڙين جون ڪيچ وڻن ڏنهُن، ميان!
ڪنديون ويون ڪيچَ ڏي،
ميان الا! طرحين طرحين تَنوارون.
ويچاريون، ميان الا، ولَرَ ڪيو وڙڪَن،
ڦُٽِي ٿيون سي ڦارون.
ولَرين ڪونجَڙيون، ميان الا،
ڪنهن اَندوههَ اُڏاريون.
اُنهن جي افسوسَ جون، ميان الا،
پونديون ويون پچارون.
اُٺَنِ ڳانا پٽَ جا، ميان الا،
موتين مَڙهيون مَهارون.
�سچو� هليو سوز ۾، ميان الا،
لاهِي لوڪَ مَيارون.
ڪافي 8
ڳلِي ڳلِي مون ٿي ڳولِي ڳولِي،
يارَ سڄَڻَ تنهنجٖي ڪارڻ!
ڇڏي لاڳاپا لوڪَ جا، اسان تا ٻانهپَ ٻولِي.
ٿيَس ديوانِي دوستَ اوهان لئه، ڪري چيهاڙيون چولِي.
اچِي اَچانڪ اندر اسان جِي، حُبَ مچائِي هولِي.
اصل لاڪُون آهي اوهان جِي، هيءَ غريبِ سا گولِي.
ڪافي 9
مون وٽ يارَ پيارا، آءُ تُون پاڻُ سُڃاڻِي!
حال مِڙيوئي معلوم توکي،
دنيا سا ڪوڙ ڪهاڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
ٿينديَس گولِي، در در ڳولِي،
جانب ڪاڻِ جوڳياڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
سِڪندي تو لئه سُهڻَل سائين،
روئندي سا رات وهاڻِي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.
�سَچلُ� آکي سَهي ڪِيتو سي،
پِرتِ جي ناهه پڄاڻي- آءُ تون پاڻ سُڃاڻِي.

ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سچ جا رسالا
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔