وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Saturday 7 December 2013

مارئي داستان ٽيون

داستان ٽيون
1
جھانگيئڙن لَئه جِيءُ، ھِت عمر آھ اُٻاڻڪو؛
نَئِي گَڏائج اُن سان، حال منھنجو تا ھيءُ؛
سانگيئڙن ۾ سيءُ، آھ اَڃا توڻِي تانھنجو.
2
ڪونه وري آيو، ماڻھو مُلڪَ مَلير جو؛
جو کِيئن جون ڏئي خبران، ساٿِي سَوايو؛
ڏورائيءَ ڏوٿِن جي، ھيءَ مون کي مُنجھايو؛
ميان ماروئڙن جي، ھِت طعنن تپايو؛
ڪر سومرا سايو، ته وڃان ويڙھيچن ڏي.
3
قاصد آيو ڪونڪو، ۽ ڪو نه لکيائون خط؛
جيڪُس ھُيس ڪينڪي، ريگستانِن رَتُ؛
پنھوارن پاھَتُ، تيلھان مون سان نه رکيو.
4
قاصِد آيو ڪونه، ريگستاني راڄَ ڏَھُون؛
جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سونَ-
ليھه پتو روحَ کي، ھُت ھَي ھَي جيڪس ھو نه!
ڇيھون ھِتي ڇونه، ٿيان اَھڙن عتابن سان.
5
پنھوارن پيغامَ، اَڄ ڏئِي مُڪا مُون مَڻين؛
"ڪڏھن آيا ڪينڪِي، تو ڏنھن ھِت سلام؛
"کائِي اتي محفوظُ ٿئين، طرحين طرحين طعامَ؛
"پيرُون چونڊئي پَٽَ جا، ٿي ڪڏھِن لاڙيو لامَ؛
"ڏسي عيش اِنعامَ، اَڄ اُھي ويلان وِيَڙئي وسري!"
6
پَري ٿين نه شالَ، ھُئن اوڏائِي اَجڙي!
اُٿي ويٺي اُن جا، اَٿم خوابَ خيال؛
سدا سانگيڙن جِي، مون کي ساہ سنڀال؛
ھِتِ مون ھھڙا حال، ھُتِ عِتاب اُنھن جا.
7
عمر مون ڏي آئيا، اَباڻئون عتاب؛
"ٿيئن اتي تون مارُئي، کائِي خوش ڪبابَ"؛
ھِت مون اکيون پنھنجيون، جھليون روئِي آبَ؛
جھوريَس ھِن جواب، ويڙھيچن وساريو.
8
مُنجن ھِيئن چَيون، مون ڏي مارو، سومرا؛
"وڃي عمر ساڻ تو، ڳالھيون ڪالھ ڪيون؛
"سي پُڻ پنھوارن ۾، پَڌر ھَتِ پيون؛
"اِھي پَچارون تانھنجون، ويڙھيچؤن نه ويون؛
"کيتن ھاڻ کنيون، پکيُون ملڪ ملير مَون."
9
ڪو نئين نِياپو، منھنجو ماروئڙن ڏي؛
"مون ڏي اَوھان موڪليو، ڏيئي ڏوراپو؛
"ته لوئِي لاھي سِر ڪَيُئي، سونَ رُپي ڇاپو؛
"مون کؤن وسري ڪين ويو، آھي جھڻ اُھو جھاپو؛
"اِينديَس سِگھي ايڏھين، لاھي لاڳاپو؛
موليٰ ميلاپو، ڪندو سِگھڙو سنگھارن سان."
10
آءٌ پُڻ ڇا ته چوان، موٽِي ماروئڙن کي!
"ھَئي ھَئي ھِن جي حال جِي، ناھي ڪَل اَوھان"؛
ھِت اُنھن ري سومرا، نِتُ نِتُ سورَ نوان؛
پَکي شالَ پھان، مان وڃي پنھوارن جي.
11
کڻي ساڻ کٿِي، جا آنديم مُلڪَ ملير ڏنھن؛
سا اَڄ توڻِي تا سِر ت‍ؤن، لَحظو ڪين لٿِي؛
لوئِيءَ سنديءَ لَڄَ کؤن، مون ڍڪيا پٽَ نه ٿي؛
ھِت سُورن آھ سَٿي، اَئين ٿيون ڏوراپو ڏيو!
12
ايڏانھن اِيندياس، ڪنھن مھل موچاريءَ ماروئا!
جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنھن، سا ڇن نه ڇڏيندياس؛
توڙي تَھباران ٿِيئي، تَه بِه مور نه مٽيندياس؛
اَچي ڏوٿيڙن کي، اَڃا ڏوراپا ڏيندياسِ؛
ته ڪيئن وِساري ويھي رھيو، ٿوراھِين ٿيندياسِ؛
مَنَھيون، مَنَھَن سان اِتي، آڻي اَڏيندياسِ؛
ڳالھيون ڳرھيندياس، سرتن سان ساڻيھ ۾.
13
الله اَباڻن سان، مون کي گڏُ ڪرئين!
جي ويا ٿَر پَرئين، سي موٽي آڻ ملير ۾.
14
عمر اَباڻن ري، آءٌ تان ڪوجھِي آھيان؛
ھيءَ لوئِي نه لاھيان، جا آھ نِشانِي اُن جِي.
15
جا اَباڻن ڏني، سا لوئِي ھَڏ نه لاھيان؛
ڪنديِس ڪين ڪِني، وٺي وينديس ويڙھ ڏي.
16
عمر ڏيھ اَباڻي، مون چڱا ڏينھن گُذاريا؛
ھِت اَچي ھاڻي، پيو ھِنيڙو ھَلاڪت ۾.
17
عمر اَباڻؤن وڇڙي، ڪنھن اعراضي آندياس؛
وڃي خوشيؤن کائيندياس، پَڪا پيرون پانھنجا.
18
ڪائِي پلڪَ پَري، شال عمر اَباڻؤن نه ٿيان!
ذري منجھ ذري، ھُئن پڇندڙ حال جا.
19
جڏھن ھُيس اَباڻين، مَحل نه ماڙيون مون ڏٺا؛
لَئي ۽ لاڻين، ھيون پيھيون پنھوارن جون.
20
ڦَٽِي ڦوڙائِي، آءٌ مِيان ماروئڙن جي؛
ڏنيون مون کي تو ھتي، آھن ماڙيون جوڙائي؛
ويھان وچ نه انھين، ٻُڙو ٻوڙائي؛
ھِن ھنڌن ۾ سومرا، ٿو لکيو لوڙائي؛
جنھن آندم ٽوڙائي، پکن مؤن ته پنھوار جي.
21
ريگستاني راڄَ جِي، آءٌ ڳالھ ڪريان ڪيھِي!
ڪَنِ پچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويھي؛
ته "ايندي ماروئين مارئِي، شل پَکن ۾ پيھي"؛
اُڪنڊ مون ميلاپ جِي، آھ جھانگن کي جيھي؛
منھنجي تن تيھِي، آھي سِڪ سنگھارن جِي.
22
مان اُنھن کي ساريان، ھو بِي سارن مون؛
جي راضي ٿئين تُون، ڏي موڪل ماروئڙن ڏي!
23
مان اَباڻن ساريان، ھُت اَباڻا سارين؛
واٽان نِھارين، منھنجي اَچڻ سنديون.

ڪافي 1

پَلپَل پونم پُور، عمر تن ماروئڙن جا.

دمدم منھنجي دل ۾، مارُن جا مذڪُور:
سرتيون سورن جا.
سانگيڙن کي سدا مان ساريان، ھنيڙي ھونم ھُور،
پل پل پنھوارن جا.
منِ مَچائي "سچو" ويا سانگِي، دونھن جا دستور،
خاصَن کورن جا.

ڪافي 2
پاڙيچون نِي پِرين جو، مون کي پُور اڄ نِي پيو.

انتر جنتر مَون ٿي، ھَي نيھڙي نيو.
جيڪي چيو نجوميءَ، سو تا صحيح ٿيو.
چرخو ڀَڃي چيھاڙيون، مون ٿي ڪاڪيون ڪَيو.
ھِن جان ٿئي جميعت، لالَن جي پائي ليو.
ڪو ڏس اچي پريئن جو، ھِن ڏاھ کي ڏيو.
جي در اچي سو دلبر، تا جيءُ، "سچوءَ" جو جيو.

ڪافي 3
مارو مون کي نه وسارين، آھيان اُنھن جي! ميان.

درد جنين جو دل کي، ڪَرم سين اُڪارين.
اٺ ئي پَھر اوڏھين، ٿا نيڻ نھارين.
ھردم طَلب جون تَن اندر، تارون تنوارين.
"سچو" سارين جن کي، سي ڀي تو سارين.

ڪافي 4
ھلي ھھڙي حال، ميان،
وڃي ڏوٿن کي ڏسان!

پيڪَن مون پھچائين، ڀلا پنھنجي ڀالِ.
منھنجو ماروئڙن ريءَ، جِيڻ آھي جنجال.
ھھڙي وڇوڙي جي، ڪنھن سان ڳرھيان ڳالھ.
ھُئڻ سدا خوش سومرا، مارو پنھنجي مالِ.
"سچوءَ" جي ته سَرير ۾، مارن جِي آھ قالِ.

ڪافي 5
ڏوٿن کؤن نه ڏور، آھيان جيڏيون.
آءٌ اوڏي ان کي! سائين الا.

ناھيان ٻاھر تن کؤن، ميان، ھڪڙوئِي دم دور.
"اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِرہُ"، دوسن جو دستور.
ھِي مڙيوئِي آھي تان، ميان، مارن جو مذڪور.
"سچو" سا پُڇ ڳالھڙي، ميان، مارن جِي مَستور.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔