وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Wednesday 18 December 2013

مارئي داستان پنجون

داستان پنجون
1
جوڙي پَکا جُوءِ، اَچي ويٺا عُمرَ آجڙِي؛
سَدا سَنگھارن جِي، ٿي مَٿي حوضَن ھوءِ؛
ٿيون گلزاريون گاھَن جيون، ٻِي خوب کُلِي خوشبوءِ؛
نَئِين رونق روءِ، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.
2
سدا ھئن سُکيا، ماروئَڙا ته مَلير ۾؛
شَل نه ڏينھن ڏکيا، اَچن آجَڙين تي!
3
سدا سَرھا ھونِ، ماروئَڙا ته ملير ۾؛
مٿي پنھوارن پون، مِھَر جا شَل مِينھڙا!
4
مِيان ماروئَڙن تي، مِھران وسَن مِينھَن؛
شَل نه ڏکِيا ڏينھن، اَچن آجَڙين تي!
5
سدا سي ساڻيھ ۾، سُکيا ھُئن سَنگھارَ؛
پکي مَنجھ پنھوارَ، شَل ھُئن ھميشہ سَرھا!
6
سائين سَنگھارن جو، رکج پَن پکي؛
ڪوئِي تا نه لَکي، ھُئَن سَدائين سَرھا!
7
سنگھاري ساڻيھ، شَل ھُئن سَدائين سَرھا؛
وڃَن نه پَرڏيھ، خوش گذارن اُتَھين!
8
ساڻيھ سنگھاري، سَرھا آھِن سومَرا؛
ويڙھيون ۽ واري، مَحلا ماروئَڙن جا.
9
جاتِي واريءَ ڊنو، تاتي اَڏنِ پکَڙا؛
ڀاڳين لَٿا ڀَوَ، سدا رھن او سَرھا.
10
نِوڙن ۽ نُونڌيَن، مارو چارنِ مالَڙا؛
گوڙين ۽ کِونديَن، سَرھا ٿِيَن ساہَ ۾.
11
جڏھن کِنونِ کِنوڻِيون، وَسَن مينھن مَلير ۾؛
نونديون ۽ نِوڙيون، تاتا سوئِن ٽاريُون.
12
ڀاڳيَن ڀَوَ لَٿَا، جي ويٺا پانورَ ڪَنڌئين؛
اُٺن مِينھن مَٿا، آجڙين عِيدان ڪيون.
13
وري وَسايو، مالِڪَ مُلڪ ملير جو؛
سو اڳي کَؤن اُجرو ٿِيو، سائو سَوايو؛
آگي اَگھايو، "سچوءَ" جو سوالُ ڪيو.
14
آھي سارَ سنڀالَ، ميان ماروئَڙن جي؛
ھِتِ ھِھڙا حالَ، ھُت عِتابَ اُنھن جا!
15
الله اوري آڻ، ماروئَڙا مَلير جا؛
يا مُون کي ڪڍي ڪوٽ مَون، نئين مُلڪ رَساڻ؛
ڀِڄَندي وڃي ڀاڻ، پِھان پنھوارن جي.
16
آڻ الله اوري، ماروئَڙا، مَلير جا؛
مون کي آندو اوچتو، ھِت ظُلمَ جي زوري؛
آءٌ تَنھن گھڙيءَ تَؤن گھوري، جنھن ھيڪاندِي ھِڪُ ٿِيان.
17
جي ريگستان رھن، تن کي سَخت نه وٺج سومرا؛
جو تنھنجو زور ظلمَ جو، سانگِي ڪِينَ سَھَن؛
مَتان پَرينءَ وَسِ وِھَن، ھو ويچارا واھڻِي.
18
جڏھن ويجھا ھُئامِ، ماروئڙا مَلير ۾؛
تڏھن ڳالھ اَحوال جي، ٿي تنھين ڪَن وِڌامِ؛
ھاڻي وَڃِي ٿَر ٿِيامِ، اُھي سُڌِ لَھَندڙ سُومرا.
19
ٿِيا پنھوارَ پري، آءٌ ڪنھن کي ڏوراپا ڏيان؛
وھَندو شالَ وِصالَ جو، وارو ڪو وري.
سونيئِي گڏُ ڪري، مُئيءَ کي ماروئَڙن سان.
20
ھُيمَ جَن سان حالَ، سي اَڄ سنگھاري سِجڪاڻ ٿيا؛
عُمَر اُنھِي پارَ جي، اَٿمَ سارَ سَنڀالَ؛
جو صبح اُٿي ساجھُرين، مارو ڇيڙن مالَ؛
پِيَسَ پَري پنوھارن کَؤن، ھَي جي ٿِيَم حالَ؛
آھي اُنھي ڪوٽَ ۾، جِيَڻُ مَنجھ جَنجالَ؛
سِگھَڙي وڃِي شالَ، پھان پکي پنھنوارن جي.

ڪافي 1
ھو جي ماروئَڙا ٻيھرَ مانَ مِلن،
شالَ الله اوراھون ڪَندن، سانگي سانگ سَندن.

ويٺي آھيان واٽ تي، مَنَ اَچو حال پُڇَن.
پَکا پَکَنِ سامھون، اوري آڻي اَڏنِ.
انھن ڪارڻ جيڏيون، منھنجيون اکيون رتُ رُئَن.
اَصل لاڪون آھي، "سَچو" سَگ سَندن.

ڪافي 2
مارو اُھي مِليامَ، عُمر ڄامَ، وو،
طَلَب جَنِين جِي آھي تَن کي.

ڪَرَم ڪَيائون ڪيترا، ڏوٿِي ھت ڏٺامَ.
ھِت جنَھين کي، ھُت ڀي تن کي پيو آرام.
پاڙِيائون سي پانھنجا، ميان، ڪَيئون جي انجام.
طالع وارا تن جي، گولن جا به غلام.
ڪاڏھن "سچو" سالڪان، ميان، ٿِئي طَلَب تمام.

ڪافي 3
ڏوراپا ڏيئِي، ڪنھن ھَٿ مُنجان، وو، ماروئين!

وساري ويھي رھيؤ، حال ٻُڌي ھيئِي.
مِڙي اَچو مون ڳَري، آھِيو جھانگِيڙا جيئِي.
لَھو سُڌِ سَنگھار جِي، جي آھيو اَتيئِي.
"سچو" ساريَؤ ڪِين سا، جا ويڙھيچؤن ويئي.

ڪافي 4
راتِ مُڪَم روئِي،
ساري سلامَ سنگھارن ڏي.

اکيون اباڻي پار ڏي، بيٺيون جھُڙَ جھوئِي.
اَباڻَن جي آسري، لِيڙون ٿِيَم لوئِي.
ونڊن وِرڇن پاڻ سين، ڏؤنرن جِي ڏوئِي.
لِکِي ڪاغذ مُون وڌو، پَکيءَ کي پوئِي.
ڪي ڏينھن ڍويَم کيت سان، آبَ ڀَري اوئِي.
اَوھان ٻاجھؤن ڪونَڪو، ڪَل لَھي ڪوئِي.
مارو ملندو مارئِي، "سَچَل" کي سوئِي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔