وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Thursday, 19 December 2013

مارئي داستان ڇهون

داستان ڇهون
1
ڄَڱَرَ ڄارڙيون، ٻيا ڪِرڙيُون ڦوڳَ ڦُلاريا،
سي سنگھاريون ساڻيھ ۾، وِھَن وارڙيون،
ٽامان ٽارڙيون، لاڙيون ڇنِن لاکڙان.
2
وَروٽا ويرھيچن جا، اِھي موتئين مالھڙيون؛
رَس نه اَچن روح کي، ٿالھ ۽ ٿالَھڙيون؛
سَنگھارنِ جون سومرا، چَڱيون چالَڙيون؛
جو فَجُر ڦوڪي سَنديون، ڪن دانھَ دالَڙيون؛
وَرُ سي لويون لاکَ جون، ٻَن شالان شالڙيون؛
اَٺئي پَھر آھن اکيون، منھنجيون عُمر آلَڙيون؛
ڪامل تنھنجي ڪوٽ ۾، وجھان فَلَڪين فالَڙيون؛
شال سڻندو سو ڌڻي، مون نِڌر نالڙيون؛
وڃي ڳجھيون ڳالھڙيون، ڪنديَس سَرتن سان ساڻيھ ۾!
3
ھِت ڏسان ڏوٿِيڙن جيُون، ويٺي واٽَڙيون؛
ھُت پَون پنوھارن تي، مِٺِيون ماٺَڙيون؛
ياد اتي جون مون پيون، ڇوھُون ڇاٽَڙيون؛
توڙي چار ڪُنڊان لوئِيءَ جون، ھِت ڦاڪين ڦاٽَڙيون؛
تان ڀِي وڃان اوڏھين، جتي کِنوڻِيون کاٽَڙيون؛
مون کي لَوھِن لاٽَڙيون، تَن لالن سَنديون سومرا.
4
ٻُور پُڄاڻُون ٻَير ڪَن، ٻَھون ٻيرڙيون؛
ڇاڻِن چونڊن سي چڙھيو، ڏئِي ڦيرڙيون؛
پانَوَ پيرڙيون، ڪن تماشا تِکُن جا.
5
ھُت گھُمَن ڏوٿِي ڏٿَ لئه، ڪَيون ٽولا ٽولڙئين؛
ڇاڻِن لنب اَئون مَکڻِي، جھَلي جھولَڙئين؛
پِيھَن پَچائن مانيؤن، ڦوڪي ڦولَڙئين؛
تون عمر اولَڙئين، ڪَري ھُت ڇَڏيج مون.
6
ھُت ريت ته اَڌو ٻَنڌِ، ڪَن لويون لاکَڙيون؛
مَشَر مارُئَڙن جيون، سَچيون ساکَڙيون؛
وَٽين تورنِ ڪينڪِي، مَکَڻ ماکَڙيون؛
اَڃان ڦُٽنَ باکَڙيون، ته کڙا آھن کوہَ تي.
7
اَڃان کِنونِ کِنوِڻيُون، ته سانگيُن ساھ پوي؛
وَسي تَر تارِ ڪَن، نَيون ۽ نُوڻِيون؛
جاتي ھُئن جوڻِيون، تاتِي آجَڙي آرامِ ٿيا.
8
اَڄ جوڙي ويٺا جھَنگَ ۾، جھانگِي جھوپڙيون؛
ڏي نه ڏوٿيڙن کي، لائِقَ لوپَڙيون؛
راجا روپڙيون، گھَرين رکن ڪينڪِي.
9
ھُت ڏِينِ مارو ڏاجَ ۾، ڄاڻِي ڄارَڙيُون؛
پَيون آھِن سڀ کي، اُھي ويڙھيون وارَڙيون؛
سي چُونڊن پيون پرِھ جو، نائي ڏارڙيون؛
وِجھَن گوندنِ سَنديون، ڳچيءَ ڳارڙيون؛
پوءِ کنيو کارڙيُون، وَڃَن لوئَڙِياريون لوءِ ڏي.
10
مون کَؤن وِسَرن ڪِينَڪِي، اُھي عُمرَ ويلڙيُون؛
چاريَم وڏي چاھ مَون، ٿي ڇيلا ۽ ڇيلڙيُون؛
ٿي کيڏيَمِ کيلَڙيون، سَرتِن سان ساڻيھ ۾.
11
اَوس اَڏنِ سومرا، چوڌاري چَؤنرا؛
تَن ۾ سانڀي رکَن سامھان، ڏُٿ ٻَھون ڏونرا؛
ڌڳَ رکي ڌؤنرا، صبح کائِن خوش ٿِي.
12
ڪَرين ڇو کِلان، سانگِيڙن تي سومرا!
سارِھَ سو تِن تي، لاھ ٽوڪان آئون ٽَھلان؛
ھي جي مَوتَن جون مَھلان، ٿِي مَحلن مَنجھ گُذاريان.

ڪافي 1
ڪاڏي ويَڙا، وو، پِرين پاڙيچا!

جاڏي ھَليا، تَھدِل تاڏي، ھَلُ تون ھِنيڙا، وو.
محبن مون سين عَجَب جيھا، ڪيئي ڳُڻِ ڪيڙا، وو.
گوندر گاڏائون ڏينھڙا، ھِت جالڻ جيئڙا، وو.
ھِن اَجايا اُنھن ٻاجھون، جي پلڪ پيڙا، وو.
"سچوءَ" سَندا سانوَل ٻاجھون، ھي حال ھَي ٿيڙا، وو.

ڪافي 2
آئين ھَلِي ھِن جاءِ، وي،
ھِڪ ساعت ڪارڻ تون سانگِيڙا!

ڪا گھَڙي نيباہُ نه ڄاڻج، پيچ نه تَنھن سان پاءِ، وي.
"الدّنۡيَا سَاعَةُٗ" اِھو نُڪتو دل سان تون لاءِ، وي.
جاڏنھن آئين تون وڻجارا، وري وڃَڻ اوڏنھن آءِ، وي.
دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي، "سچو" سڄڻ جي ساءِ، وي.

ڪافي 3
اوڏاھُون آيا، مون ڏي عتابَ اَباڻن جا.

ھي ڏيھُ وِيَڙُءِ وِسري، اِتي ڏينھن وڃي تو لايا.
ياد اسان کي ڪِين ڪيڙئي، منجھائينءَ مايا.
ڏينھن اسان ريءَ گذري، ويَڙئي سڀ اَجايا.
گھڻا مِينھن مَليرَ ڏي، والِيءَ وري وَسايا.
تُنھنجي ڏسڻ لئه، ھِت سانگِي سِڪايا.
سائينءَ "سَچو" سِگھڙا، مون مارو مِلايا.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔