Monday, 23 December 2013
هير رانجھو
داستان پهريون
1
ڇڏي ملڪيت مال، رانجھو رِڻُ چڙهي هليو؛
قسمت ڪَيُس ڪنگال، نه ته حاڪم هو هزار جو.
2
حاڪم تخت هزار جو، قسمت ڪيو ڪنگال؛
مسڪينيءَ جو مردَ کي، خطرو نڪو خيال؛
محبت مستانو ڪري، ههڙو ڪِيَڙس حال؛
پُڇي جھنگ سيال، حُب نه تخت هزار جِي.
مالڪ اُنهيءَ مُلڪ جو، رانجھن مان راجو؛
الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو؛
عشق ڪَيم آجو، دنيا جي ڪُلَ دردَ کان.
4
مالڪ تخت هزار جو، رانجھو آءٌ راجا؛
ڪانِي مون کي قلب ۾، قربَ هئين ڪا جا؛
ڏکن جا ڏاجا، لکيا هُيَم لوح ۾.
5
شاهِي هُيم شان، دلبر پنهنجي ديسَ ۾؛
اُتان آيس اوچتو، کڻِي سورن جو سامان؛
ڇا منجھارؤن ڇا ٿِي آيس، اهو اٿم اَرمان؛
حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هِتي ڪيو.
6
رانجھو هُيس راءُ، مالڪ پنهنجي ملڪ جو؛
اديون عشق انڌو ڪيو، پَيَڙم ڪِين سَماءُ؛
گُھورن ڪيم گھاءُ، هِتي اَچِي هِيرَ جي.
7
اَچڻ اوکو مون هُيو، هاريون آندم هِير؛
پنهنجي لِکِئي پاڻَ کي، پاڙڻ پَئي تقديرَ؛
ڪانه هلٖي تدبير، قسمت قيد الماءَ سان.
8
جوڳيا ويسَ ڍڪِي، لاٿم سڀ لباسُ؛
پَٽ پٽيهرَ بافتا، نپٽ ڪيم ناسُ؛
ڪيو نينهن نِراسُ، دنيا جي درد کان.
9
مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو؛
عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئيٖن.
10
چوچڪ ڌيءَ چَريو، مون کي ڪيو ماءُ؛
پَيَڙم ڪونه سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.
11
شاه هزارِي هوت کي، محبت ڪيو ميهارُ؛
عاشقن کي عارُ، ڪهڙو آهه قريبَ کان.
12
مور نه محبت کان مُڙان، هتي اَچِي هاڻ؛
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.
13
ڳئون چاريندس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ؛
اها روح رهاڻ، مَنَ ڀِي ميلي محب سان.
14
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳَليين ٿِيس ڳنوارُ؛
من مون ملي يارُ، لَهنَ ڏولا ڏيل جا.
15
نورنگ ندورو، کيڙو وجھان کوهَ؛
رانجھو منهنجي روحَ، سدا وسي ٿو سرتيون.
16
کيڙي نا ميڙي، موليٰ مون کي جيڏيون؛
جھَنگ سڄو جھيڙي، ته به رانجھن منهنجي روحَ ۾.
17
کيٖڙو وجھان کوهِ، نورنگ ندورو؛
دل اَٿم ديرو، هزاريءَ جي هوت جو.
18
واحدَ شالَ وجھين، چڱي چوچڪ چت؛
پَرور رکين پَتِ، سدا سِڪَ وارئين!
19
ريجھي روح رانجھي سان، کيڙو کَپَڙتالُ؛
وِڌؤن وجھٖي وچ ۾، چوچڪ ڏسُ چنڊالُ؛
مادر مِهڻا ڏئي جھجھا، جھيڙي جھنگ سيالُ؛
مٺو مون مِهوالُ، مون کان مور نه وسري.
20
هَر هَر ويٺو هِير جي، رانجھو ڏسٖي راهَ؛
ويٺو وڄائي وَنجھُلِي، چاهون تي چناهَ؛
سانڍيو وتي ساهَ، �سچل� سور سڄڻ جا.
ڪافي 1
جو جوڳي زلفن وارو،
سو سامِي مون تان ڪين سُڃاتو!
ڳَل ڪئي ڪفنِي دست پَهوڙا، مشعَل مُنهن مُوچارو.
انگ ڀڀوت بنائي آيو، بيک پئِي وڻجارو.
ٻئي لباسَ ڪو رانجھو اِيندو، ڇڏي تخت هزارو.
سببَ اِنهيءَ کَون ڪين سُڃاتم، ماريو مُئيءَ لئه وارو.
�سچو� سُڃاتو رانجھو آهي، جڏهن جمال سَليائين سارو.
ڪافي 2
جو اڱڻ پيهِي اَڄ آيو،
سو سامِي مون تا صحيح سُڃاتو!
بيراڳيءَ جو بيٖک ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو!
سَر جھَٽائون جوڳِن واريون، تنهن لِڱين بسمو لايو.
مُرليءَ مست آواز اُنهيءَ جي، منهنجو روح ريجھايو.
رانجھو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي مِلايو.
عطر عبير اِنهيءَ جي ڪارڻ، مون تا مُشڪ مَلايو.
پياري هِي سِر پاڻون ڄاڻي، �سچوءَ� کي سمجھايو.
داستان ٻيو
1
لوڌي ڪَڍيائون لوءِ مان، رانجھَنُ رمزدار؛
جاٽي هليو جان تي، جوڳن جو جنسار؛
مُرلِي مَڻيادار، چوريون وتي چاهَ مان.
2
اَلستِي آواز ڪو، منهنجي ڪَن پيو؛
هِردي اندر هِيرَ جي، آهي ڪونه ٻيو؛
مُرليءَ مست ڪيو، جوڳيڙن جي جيڏيون.
3
ڪاريهَر قتِيلَ، گودين وڌا گودڙئي؛
مَنڊيو وتي مَنڊن سان، نانگ نسورا نِيلَ؛
رانجھَن جي رسِيلَ، مُرلِيءَ مستانا ڪيا.
4
مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريهرن ڪَرَ؛
ٻِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَرَ؛
زهري منجھ زهَر، جوڳِيڙي جھَٽي وتا.
5
جن کي اَديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريهَر؛
تَن جي خاص خَبَرَ، جاچيو جوڳيڙن کان.
6
جاچيو جوڳِيڙَن کان، تن جي خبر خاصُ؛
نانگن ڪيا ناسُ، سِنگھَڻ سان سَوَن مٿي.
7
ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛
ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جهِين ڏَرُ نه ڏيههَ ۾.
8
سَپ سُڃاتئون ڪِين ڪِي، جوڳن ماري جکَ؛
جَنين سِنگھيو ڪَکَ، سَڀاڳا سي ئِي ٿِيا.
9
ڪُنڍَلَ ڪَنَن ۾ وجھِي، خان ڇڏي خانِي؛
جوڳيسَرُ جانِي، راوِيءَ طرف رَوِي هليو.
10
راوِيءَ طرف رَويو، جوڳيسَرُ جوان؛
هيڪر هِيرَ اُڪيرَ ۾، مَرد ٿيو مستان؛
سورن جو سامان، �سچل� ساڻ کڻِي هليو.
11
ڇڏي چاه چنابَ جو، راوِيءَ ڏانهن رويو؛
مُرليون سُرليون، ونجھَليون وڄائيندو ويو؛
ٿانِيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پُر ۾.
12
جوڳي آيو جُوءِ ۾، مَرڪڻو مَڻدار؛
مرلي مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار؛
ڪاريهر ڪَرَدار، نِيلا ناٿَ نوائِيا.
13
منڊَڙا، مَڙهي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛
پڙهيو سو پڙهي، مَنڊَڙا محبوبن تي.
14
تُنبيون تَن تَڻي، جوڳي آيو جوءِ ۾؛
ڪنهن جي قُربَ ڪڻي، رانجھو روليو رُڃَ ۾.
15
نيٽِيءَ نورنگَ پور ۾، ويهڻ وههُ ٿيو؛
ڏوراپا نه ڏيو، جنهنجو چاههُ چناههَ سان.
16
نيٽيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ ٿيو وههُ؛
قِسمَت ڪاريا ڪَمَڙا، مانڍيءَ لڳو مِنههُ؛
ورهَؤن ڪَڍي وههُ، ورههَ سندي واسِينگ جو.
17
هاريءَ ٻڌي هيرَ، مُرلِيءَ ڪَئي مَگنُ؛
�سچو� وسري ڪِين ڪِي، ويچاريءَ وَچَنُ؛
لانگوٽيءَ لَگنُ، لِکيو جنهن جو لوحَ ۾.
18
هُتي ڪير هُيس، هتي آهيان ڪيرُ!
سالم اهي سيرُ، �سچل� سِڪَ ڪَرائِيو.
ڪافي
آءُ اسانجڙي ديري،
توکي گھڻو ساريان ٿي.
نا تهَ مُحب مَران ٿي.
تون تا ميڏا، مين تا تيڏي، کُههِ گھتان سڀ کيڙي،
هِت گھُنگھَر گھاريان ٿي.
اَڱڻ ساڏي آءُ پيارلَ، لَههِ پَوَن سڀ جھيڙي،
تولئه هَنجُون هاريان ٿي.

ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
سچ جا رسالا
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔