وضاحت: هن بلاگ تي رکيل سمورو مواد ڀرڳڙي سائيٽ تان کنيل آهي | ڀرڳڙي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ٽڙڪ ڪريو !

Ad 468 X 60

Tuesday, 24 December 2013

جوڳ

داستان پهريون
1
ڌوڻِيءَ منجھ ڌيانُ، آهي آڌوتِن جو؛
گُم ٿِي گُرگم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان؛
اَصل کان اَشنانُ، گنگا جمنا تَن جو.
2
پورب پَنڌ نه وڃڻا، گِرنارِي گمنام؛
ويچاري ٿي واٽ تي، ڪَرن ڪين وسرام؛
سيني ۾ سَنگرامَ، سَچا سَنياسن جي.
3
پوربَ سندا پيرَ، لاهوتي لَٽي ويا؛
گِرناري گُنير، سَچا گُم گُر گيات ۾.
4
ورلو ويراڳي، گِيانِي، ڏٺم گودڙيو؛
ڀُليا ڏٺم ڀيرَ ۾، ڀوڳِي ۽ ڀاڳِي؛
طالبُ تِياڳِي، لَکن ۾ ڪو هيڪڙو.
5
جوڳين جٽائُون، جوڙي جوڙيون جان تي؛
چَمٽا ٻڌي چيلهه سان، تُنيون تَڻيائون؛
جَنجيرن سان جهان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون؛
گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڇِي ويا.
6
جوڳي ڀاتون ڀات، پَر منهنجو آڌوتِن سان؛
سَفر ويا ساجھري، رهيا رُڳِي رات؛
طلبَ تنين جِي تات، راتيان ڏينهان روح کي.
7
آهِن اَڪيچارَ، اَنتر مُک اڌوتَ؛
پورب سي نه پُريا، نه ڪِي ڪَن پرچارَ؛
اَٺ ئي پهر اَڇَ ۾، رهن سي گُم گار؛
سَچَل سَنسڪار، سَنسا تِن وڃائيا.
8
اَڃا آڌوتِي، آهن اڪيچارَ؛
اَوديا اَهنڪار، ڀَڃِي جن ڀورا ڪيا.
9
ڪاپَڙي ڪَن ڦاڙَ، آيل اَڄ لنگھي ويا؛
مَست ڪري ويا مَن کي، مُرلين سان مڻيارَ؛
تَن جوڳيڙن جي جاڙَ، مون کان مُئي نه وسري.
10
ڪاپڙِي قَنديلَ، کنيو گھُمن گودڙيا؛
ڇَٻَت ڪري ڇَٻَن ۾، وتن ڪاريهرَ قتيِلَ؛
مُنڊن مُرلين سان اُهي، آڌوتي اَصيلَ؛
�سچل� سِڪ سَبيل، جيءَ ۾ جوڳيئڙن جِي.
11
لاتِي لاهوتِين، ڌرم جي ڌوڻِي؛
پَنبهِ جي پوڻِي، ساڙي سنياسِي هليا.
12
جھونا ڳڙه جي جوءِ ۾، جوڳين جوڳُ اَجوڳُ؛
ڀوڳين ڀوڳُ اَڀوڳُ، پاڻُ وڃائٖي پانهنجو.

ڪافي 1
محبت جي مَي ماريو، ڙي مون کي،
ڪاڪيون ڪنهن سان ورهُ وراهِيان!

عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتو سٖي، عشق ڏنو اولارو.
اکيان کول ته ظاهر ڏيکين، سير سڄڻ جو سارو.
پُرجھي پير ايڏاهِين پايو، هوت اَٿوَ هاڪارو.
محبت مون منصُور وجھايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو.
سَنبرُ �سچيڏنا� ڇوڙ سانباها، ورهَ ڪيو جان وارو.

ڪافي 2
ياڪِي ٿيو يار اَسان کؤن، دل نماڻِيءَ جِي کَسي!

ويٺي ڏِسان واٽ اوهان جي، مانَ ڪو رهبر رسي!
اَچڻ هِن جو ايڏاهين، ڏيهه سندئِي ڪو ڏسٖي!
سِر �سچوءَ� جي يار سدائِين، ورهَ جو مِينهڙو وسٖي.

ڪافي 3
ڳالهيون ڳارن ٿِيون، ميان، دل کي دوستن جون، ميان!

ياد اَچن جي ڳالهيون، اُهي ڪوڪان ڪارنِ ٿيون.
هو جي ڪيائون ڳُجھ ۾، اُهي مامان مارن ٿيون.
ڳُڻن واريون ڳالهڙيون، اُهي ٻارڻ ٻارن ٿيون.
پَسَڻَ ڪارڻ اَکڙيون، صاحب سارن ٿيون.
پاڻِيءَ گاڏون رَت جا، هنجو هارن ٿيون.
اکيون ڏسَن نه غير ڪو، واحد وارن ٿيون.
�سچو� اُهي ڳالهڙيون، نِت مون کي مارن ٿيون.

ڪافي 4
تنهنجِي آهيان آءٌ، پنهنجي ڪري ڄاڻ!

جاڏي تاڏي توهين دلبر، ڪاڏي ڪاهيان آءٌ.
هونديس اوهان ساڻ.
آءٌ ڪنيزڪ تون تان سائِين، سَڱ نه ساهيان آءٌ،
چيٽڪ ڪَيس اَڄاڻ.
سِڪن ڪيئِي تو لَئه سانولَ هِڪ تا ڇاهيان آءٌ،
صدقي ڪيمُ پاڻ.
تو هَئون ٻاهر سُڻ �سچو ري، ڪنهن دم ناهيان آءٌ،
پنهنجو جھَلج ٻاڻ.

ڪافي 5
تنهنجي ڪارڻ ڪاريو،
هوءِ هوءِ هولِيَڙو!

ڪنهن سان ڪريان سُپرين، تنهنجين ڳالهين ڳاريو.
ڪنهن در ڏيان دانهِڙي، تنهنجي محبت ماريو.
آگ عِشق جي اَندر اسان جي، ڏاڍو ٻارڻ ٻاريو.
آءٌ اوهانجڙي آهيان، والِي ڪِيم وساريو.
پاڻئون پاسي نه ڪريو، سگ �سچو� پنهنجو ساريو.

ڪافي 6
سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي،
ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻهين ڄاڻِي.
اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي.
اَوهان ٻاجھون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي.
�سچو� اَوهان جو آهي اَصل کَؤن، پنهنجو سو سڱ سُڃاڻِي.

ڪافي 7
ڇو ٿو ڇڏين، ڇو ٿو ڇڏين، مون کي هاڻِي،
آءٌ تا تُنهنجڙِي آهيان!

پاڻُ پنهنجو پاڻهين ساڻُ غريبن گَڏين.
پکا پکن سامُهان، اوري سي دلبر اَڏين.
�سچو� نهاري واٽڙيون، ايندين صاحب ڪڏهين.

ڪافي 8
رهجِي اَچي منهنجِي يارَ، توسان!

آءٌ ڇا ڄاڻان عشق منجھارؤن، بِرهي والڙا بار.
طرف ٻئي ڪنهين خيال نه ڀانيان، آهي سدائِين يار.
هوندين هميشه گڏ اسان سان، نيڻن وهايم نار.
ٻانهن �سچو� جِي سُهڻا سائِين، پرتِي اَٿئي سردار.

ڪافي 9
تون تا ڪڏهن ايندين يار،
تُنهنجِي روز نهاريان راه!

سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.
راتو ڏينهان روح کي، تنهنجِي سارَ سنڀارَ.
وهَن ٿا واڪا ڪَيو، نيڻن سَندا نارَ.
آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنهنجا عاشقَ لکَ هزارَ.
سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قهارَ.
پِرين پارج پانهنجا، جي ڪيئِي قولَ قرارَ.
ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنهن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.
اَندر منهنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.
اَٺ ئي پَهَر ٿِي وڄي، تُنهنجِي تَند تنوارَ.
مُئِيءَ کي ماري اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ.
�سچو� سَگ اوهان جو، ٿو روئي زار و زار.

جھولڻو 1
ساٿِي ساري سَنيها، چئج پُنهونءَ کي،
بيراگي آهييان، وو!

حالُ ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪَرين، وو،
دلاسو ڪو دوست ڏنهن، وٺي جلد ورين، وو.
ڪارو ڪَج نه ڪيچَ کي، ڇَپَر تا نه ڇڏين، وو،
ٻانهي ڄاڻِي پانهنجِي، گولِن ساڻُ گَڏين، وو.
توسان عمر گُذاريان، جان ڪِي هِت هُئان، وو،
ڳالهين تنهنجِن ڳاري آهيان، جان ٿِي رت روئان، وو.
ڏوريندي مون ڏونگرين، گھڻا ڏينهن ٿيا، وو،
ٻڌا هوندا هوتَ تو، جٖي �سچوءَ� سَڏَ ڪيا، وو.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔